پي ڊي ايم جو جنازو ۽ آدمشماري جو خطرناڪ کيل!

0
481

پي ڊي ايم جي ٽٽڻ يا ان مان پ پ ۽ اي اين پي جهڙين وڏين ۽ اهم پارٽين جي الڳ ٿيڻ واري گرم ماحول ۾ وفاقي سرڪار سنڌ جي سخت مخالفت جي باوجود آدمشماري جا تڪراري نتيجا منظور ڪري هڪ دفعو ٻيهر  سنڌ جي ماڻهن کي ڪاوڙائي وڌو آهي. تبديلي جون سموريون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيڻ ۽ عوامي پذيرائي هٿن مان هلي وڃڻ کان پوءِ جڏھن هي حڪومت جهانگير ترين جي جهيڙي سبب خود ڪيترن ئي اندروني مسئلن جو پڻ شڪار آهي ان وقت سمجھه ۾ نٿو اچي ته وفاقي سرڪار سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ لاءِ  آدمشماري وارو نئون پينڊورا باڪس وري ڇو کوليو آهي؟
سنڌ حڪومت سان گڏ سنڌ جا سمورا سڄاڻ حلقا توڙي سياسي ڌريون اڳ ۾ ئي 2017ع واري آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪري چڪيون آهن، ان باوجود وفاقي سرڪار روايتي هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي گذريل آدمشماري جي نتيجن کي منظور ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ حقن تي راتاهو هنيو آهي. سمورا معاشي ماهر توڙي سياسي اڪابر ان ڳالھه تي متفق آهن ته 2017ع  واري ٿيل آدمشماري جي نتيجن سان ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب کي ئي فائدو آهي، جڏهن ته سڀ کان گهڻو نقصان فقط ۽ فقط سنڌ کي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هي هيڏو وڏو فيصلو ڄاڻي واڻي ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن پي ڊي ايم ۾ شامل ٻه وڏيون پارٽيون هڪ دفعو ٻيهر آمهون سامهون اچي چڪيون آهن ۽ حڪومت سندن سياسي جهيڙي جو فائدو وٺندي وچ ۾ وار ڪيو هجي. تازيون خبرون آهن ته اسيمبلين مان استعيفائون نه ڏيڻ واري معاملي تان شروع ٿيل رساڪشي شوڪاز نوٽيسن ۽ پوءِ هڪ ٻئي کان معافيون وٺڻ وارن مطالبن تائين پهچي آخر ۾ هڪ ٻئي کي الوداع چوڻ واري نوبت تائين پڄي چڪيون آهن.  بلڪه ايئن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هڪ ٻئي کي الوداع چوڻ کان اڳ ۾ ٻنهي جا رستا الڳ ٿي به چڪا آهن. هن وقت پ پ پي ڊي ايم جي سمورن عهدن تان استعيفائون ڏئي چڪي آهي ۽ اتحاد مان اڻ اعلانيي طور عليحده ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي وڏين ملڪي پارٽين وچ ۾ لفظي حملن واري جنگ به شروع ٿي چڪي آهي، جنهن تي ڪجھه وقت لاءِ بظاهر وفاقي سرڪار ڪجھه مطمئن به نظر اچي پئي، جنهن کان پوءِ پ پ کان علاوه خود عوامي حلقن ۾ به اهو سوال زور وٺي رهيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ هاڻي ڇا پي ڊي ايم جي نالي تي ن ليگ ۽ جي يو آءِ جي حڪومت مخالف تحريڪ ڪامياب ٿي سگهندي؟ پاڻ جيڪڏهن پي ڊي ايم جي ڀڄي ڀري پيل تازي تصوير کي ڏسڻ سان گڏ ٿورو ماضيءَ ۾ به جهاتي پايون ته پتو پوندو ته اسان جا ڪافي ماڻهو جن ۾ سياسي تجزئي نگارن جو وڏو تعداد به شامل هجڻ سان گڏ پ پ جي روايتي مخالفت ڪندڙ سنڌ جا قوم پرست اڳواڻ پڻ شامل آهن جيڪي صرف پ پ سان روا رکيل روايتي مخالفت سبب  پي ڊي ايم کي پهتل هر قسم جي نقصان جو ذميوار به پ پ کي سمجهن ٿا، توڙي جو ان بابت ڪنهن حد تائين سندن خدشا درست به ٿي سگهن ٿا، ليڪن ان لاءِ تاريخ جو ڪجهه مطالعو ڪرڻ به ضروري آهي. نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ مان غير جمهوري قوتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ميثاق جهموريت جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون ان ۾ ٻين مسئلن سان گڏ اها به ڳالهه شامل هئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن مان جيڪو به جمهوري انداز ۾ اليڪشن کٽي ايندو ته ٻي ڪابه ڌر سندن خلاف ڪنهن به قسم جي غيرجمهوري قوتن سان گڏجي يا انهن جو مهرو بڻجي حڪومت خلاف ڪابه اهڙي سازش ڪونه ڪندو جنهن سان جمهوري طرح چونڊيل حڪومت جو خاتمو ٿئي ۽ آمراڻي طرز جي حڪومت يا انهن جي ڪٽ پتلي سياسي پارٽي کي موقعو ملي سگهي ته اها اچي حڪومت خلاف سازش تيار ڪري، حڪومت جو تختو اونڌو ڪري. ميثاق جهموريت ۾ ٻي اهم ڳالهه اها شامل هئي ته ڪابه ڌر حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪندڙ ٻين پارٽين خلاف ڪوڙا ڪيس ڪونه ٺاهيندي ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ توڙي بحال ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي ويندي وغيره. ان وقت ن ليگ ۽ پ پ جي مرڪزي قيادت پاڻمرادو ملڪ کان ٻاهر جلا وطني جي زندگي گذاري رهي هئي.
ان دوران ان وقت جي سياسي تجزيه ڪار ۽ صحافتي حلقن موجب 2006 ع ۾ ان وقت جي مشرف سرڪار جو نواز ليگ سان پردي پٺيان رابطو ٿيو ۽ اهي مشرف سرڪار جي خاطري سان هن ملڪ ۾ واپس آيا، اهڙي ريت اهو مشهور زمانه معاهدو به ٽٽي ويو جنهن مطابق نواز شريف کي سياست کان 10 سال الڳ رهڻو هو . اهڙو معاهدو هن لانڍي جيل مان مشرف سرڪار سان لکت ۾ ڪيو هو جنهن جي ضمانت سعودي سرڪار ڏني جنهن تحت ان معاهدي جي خلاف ورزي نه ڪرڻ جا سندس ضمانتي سعودي عرب جا بادشاهه هئا. لنڊن ۾ جڏهن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون پئي ويون، تڏهن مشرف ۽ ن ليگ وچ ۾ ٿيل معاهدي جو ڪجھه مدو باقي به بچيل هو. هيڏانهن مشرف سرڪار به ڏٺو ته نواز شريف ايترو وقت فرمانبرداري ۾ گذاريو آهي سو هاڻ هي اسانجي لاءِ خطري جو سبب ڪونه ٿيندو ان ڪري سندس واپسي آڏو سڀ رڪاوٽون ختم ڪيون ويون پوءِ نه فقط نواز شريف ملڪ ۾ واپس اچي ويو پر شهباز شريف به اچي پنهنجا پير کوڙيا، مان سمجهان ٿو ته اها ئي ميثاق جمهوريت جي معاهدي جي پهرين خلاف ورزي هئي. ان بعد نواز شريف پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کي ميدان تي آندو جنهن لاءِ مشهور آهي ته هو پرو اسٽيبلشمينٽ سياستدان آهي ۽ طاقتور ڌرين سان سندس تعلقات سدائين بهتر کان بھتر رهيا آهن، ٻئي طرف محترمه بينظير ڀٽو 2007ع ۾ هن ملڪ ۾ واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو، باوجود ان جي جو سندس پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پنهنجي ٻن اجلاسن ۾ ان فيصلي جي خلاف فيصلو ڪيو ته محترمه جي وطن واپس اچڻ جي فيصلي سان سندس زندگيءَ کي خطرو آهي،
ان ڪري کيس هن ملڪ ۽ خاص طور تي مشرف حڪومت جي موجود گي ۾ نه اچڻ گهرجي، پر محترمه بي ڊپي انسان ۽ ڪميٽيڊ سياستدان هئي سو هن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي سينٽرل ڪميٽي ۽ سينئر سياستدانن جي ان ڳالهه کي به اهميت ڪونه ڏني ته سندس زندگي کي خطرو آهي. محترمه زندگي جي پرواھه ڪرڻ کانسواءِ آڪٽوبر 2007ع ۾ ملڪ واپس آئي، ڪراچي ايئرپورٽ تي ئي لکين ماڻهو سندس استقبال لاءِ موجود هئا. محترمه جي اچڻ کان اڳ ۾ مشرف کيس نياپو ڪيو ته جيڪڏهن اوهان ملڪ ۾ ايندئو ته اوهان جي حفاظت جي ضمانت نه ٿو ڏئي سگهان.
هوڏانهن ايئرپورٽ تي ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو آيا جو ايئرپورٽ کان شاهراهه فيصل تي ڪارساز تائين کيس پنج کان ڇهه ڪلاڪ لڳي ويا ۽ اوچتو بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 300 ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا جنهن ۾ معجزاڻي طور تي محترمه جي زندگي بچي وئي. ان دوران ملڪ ۾  نواز شريف کي سياست ڪرڻ جي مڪمل  آزادي مليل هئي پر محترمه جي اچڻ وقت بم ڌماڪا ڪرايا ويا، اهڙي ريت هن ملڪ جي ٻن مک سياسي پارٽين لاءِ الڳ الڳ پاليسي تيارڪئي ويئي. ڊسمبر 2007ع ۾ محترمه راولپنڊي ۾ جلسي جو اعلان ڪيو ۽ ساڳي ڏينهن نواز شريف جو به پنجاب جي هڪ وڏي شهر ۾ جلسو رکيل هو پر ان ڏينهن محترمه کي شهيد ڪيو ويو ۽ نواز شريف پنهنجو جلسي جو پروگرام ڇڏي ۽ حملي جو ٻڌي راولپنڊي اسپتال لاءِ روانو ٿيو. بي نظير ڀٽو جي شهادت هن ملڪ جي سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي، ملڪ جي صورتحال ايتري خراب ٿي جو سڄو ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ هر طرف باهيون، هڙتالون، روڊ بند هئا ۽ ماحول ماتم جهڙو سوڳوار هو. اهڙي فيصلا ڪن ۽ نازڪ صورتحال مان ڪن ڌرين فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي طاقتور ڌرين جي خوف کان خاموش رهيا. ٻئي پاسي ملڪ ۾ جيڪو عام اليڪشن جو ماحول هو، اهو به غيريقيني واري صورتحال جو شڪار ٿي ويو. نواز شريف اهڙي صورتحال ۾ اليڪشن وڙهڻ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ليڪن ان سموري صورتحال ۾ پ پ هڪ دفعو وري هن ملڪ کي بچائڻ جو کليل اعلان ڪيو. پ پ اهڙي صورتحال کان پوءِ به عام اليڪشن ۾ جيڪي 2008ع ۾ ٿيون هيون تن ۾  ڀرپور حصو ورتو ۽ ن ليگ کي ان اليڪشن ۾ حصي وٺڻ لاءِ قائل ڪيو. 2008ع ۾ پ پ جي جڏهن سنڌ ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺهي ۽ آصف زرداري صدر مملڪت چونڊجي آيو ان کان پهرين يوسف رضا گيلاني کي اسيمبلي مان وزيراعظم جو ووٽ وٺڻ بعد نظر بند ڪيل ججن کي آزاد ڪيو ويو جنهن ۾ چيف جسٽس چوڌري افتخار  به شامل هو  پر ڪجهه وقت کان پوءِ اچانڪ ڇا ٿيو؟؟ ڪيڏانهن ويئي ميثاق جهموريت؟ پوءِ سڀني ڏٺو ته نواز شريف ججن جي بحالي جو بهانو بڻائي لکين ماڻهو گڏ ڪري جمهوري حڪومت کي ڊي ريل ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري پيو ۽ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت هوڏانهن لانگ مارچ شروع ٿيو ۽ هيڏانهن طاقت ور ڌرين اچي زور ڀريو ته نواز شريف جي اسلام آباد اچڻ کان اڳ ۾ جج بحال ڪيو. جج بحال ٿيڻ کان پوءِ سڀني کي خبر آهي ته افتخار چوڌري پ پ حڪومت کي هڪ ڏينهن به پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ نه ڏنو جنهن کان پوءِ پ پ پنهنجي نئين حڪمت عملي تحت 18 هين ترميم منظور ڪرائي صوبن کي ڪجهه معاملن ۾ خودمختياري ڏني. پر وري جڏهن نواز شريف سرڪار ۾ آئي ته ان پاران ميثاق جمهوريت جي خلاف ورزين جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو پر افسوس جو سمورا سياسي تجزيه نگار توڙي خود سياستدان ن ليگ جي ماضي تي اکيون پوري فقط پ پ پاران اسميبلين مان استعيفيٰ نه ڏيڻ واري معاملي کي اڀاري ن ليگ کي مظلوم قرار ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن پ پ اسيمبلين تان استعيفا ڏئي ها ته خالي بينچن جو فائدو وٺي سڀ کان پهريون جيڪو ڪم ٿئي ها سو هجي ها  18 ترميم جو خاتمو. سو هاڻي جڏهن سگهاريون ڌريون پ پ کي اسيمبلين مان استعيفائون ڏيارڻ واري ترتيب ڏنل پرروگرام ۾ ناڪام ٿي ويون آهن تڏهن ارڙهين ترميم جي پلاند طور هاڻ وري آدمشماري جو نئون وار ڪيو ويو آهي ۽ 2017ع جي متضاد آدمشماري جا نتيجا منظور ڪري هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي وات مان ماني گرھه کسڻ جي خطرناڪ سازش سٽي وئي آهي. آدمشماري بابت ٿيل انهي فيصلي خلاف فوري طور سنڌ حڪومت جا اعتراض ۽ احتجاج ته سامهون آيا آهن پر لڳي اهوئي پيو  ته روايتي هوڏ تي قائم وفاقي حڪومت هن ڀيري به سنڌ جي حصي تي ڌاڙو هڻڻ جي سموري رٿابندي ڪري ڇڏي آهي.