پ پ ، ن ليگ ۽ تاريخ جي عدالت

0
402

پي ڊي ايم کان الڳ ٿيندڙ ٻي جماعت هاڻي پيپلز پارٽي ليکي ويندي انهيءَ کان پهريان پي ڊي ايم کان اي ، اين ، پي الڳ ٿي هئي، ميڊيا ۽ سياسي اٿل پٿل تي نگاھه رکندڙ سڀئي ڌريون انهيءَ انتظار ۾ هيون ته پ پ پ الڳ ٿيڻ لاءِ ڪهڙا دليل ،ڪهڙا شڪوه ، ڪهڙيون شڪايتون رکندي ۽ اهو ڪهڙو جواز بلاول ڀٽو زرداري ڏيندو جو هن پي ڊي ايم پاران شوڪاز نوٽيس جيڪوشاهد خاقان عباسي پ پ پ کي ڏنو هو انهيءَ کي بلاول ڀٽي زرداريءَ ٽڪرا ٽڪرا ڪري رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ڪيو. جيڪي جواز 12.04.2021 تي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ٻڌايا ويا ۽ بلاول طرفان جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي وئي اها اهڙي ئي پريس ڪانفرنس هئي جنهن جو اندازو اسان سڀنيءَ کي هو، جنهن ۾ وضاحتن جي بجاءِ شڪايتون ۽ الزام هئا. ظاهر آهي ته هڪ اهڙي اتحاد کان پ پ پ ڌار ٿي آهي جنهن اتحاد کي خود پ پ پ جوڙڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندي اڳتي قدم وڌايو هو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پي ڊي ايم پهريون ڀيرو کليل لفظن ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيو اختيار ڪيو، پ پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف ته پهريان ئي هئا پر پ پ پ کي اهو آسرو ۽ اميد تڏهن وڌيڪ محسوس ٿيڻ شروع ٿي جڏهن سينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابيءَ کان پوءِ کين سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چونڊرائڻ ۾ باپ وارن پنهنجو وزن وجھي پ پ پ جو پلڙو ڀاري ڪيو ۽ پوءِ دٻيل تنقيد جون شڪايتن جي رک مان شعلا بڻجي ڀڙڪڻ لڳا. معاملو ته تڏهن ئي واضح ٿي ويو هو ته جڏهن پ پ پ استعيفائن کان انڪار ڪيو هو پر هاڻي هڪ واضح لڪير ڇڪيندي هڪڙي پاسي پي ڊي ايم اٺن جماعتن سان گڏ آهي ته ٻئي پاسي پ پ پ ۽ اي اين پي اڻ سڌي اتحاد ۾ گڏ آهن. ممڪن آهي ته ڪجھه وقت کان پوءِ انهن جي محبوب اتحاد ۾ ڪجھه ٻيون پارٽيون به شامل ٿي وڃن پر هاڻي انهن ٻنهي ڌڙن يعني هڪ پي ڊي ايم ۽ ٻيو پ پ پ ۽ سندس اتحادين جي اڳيان مخالفت ۽ جدوجهد جو ميدان (هن وقت جيڪو نظر اچي پيو) اهو هيءُ آهي ته هڪ اقتدار جي لاءِ پارليامينٽ جي اندر جي جوڙ توڙ جي حڪمتِ عملي ۽ اقتداري حاصلات آهي ۽ ٻئي اتحاد جو کليو ۽ صاف چٽو موقف اينٽي اسٽيبلشمينٽ جدوجهد آهي. اهو تعين رڳو اسان نٿا ڪريون پر ٻنهي گروپن صاف ۽ چٽن لفظن ۾ اعلان ڪيو آهي،
ٿيڻ ته ايئن گھربو هو جو پ پ پ پنهنجي اعلان ۾ پاڻ کي اينٽي اسٽيبلشمينٽ ڪري پيش ڪري ها پر انهيءَ جي ابتڙ بلاول ڀٽي ن ليگ کي اهو طعنو ڏيندي چيو ته “ ن ليگ هاڻي اينٽي اسٽيبلشيمينٽ جدوجهد ڪري ڏيکاري”، ٻين لفظن ۾ پ پ پ صاف ۽ چٽو موقف هيءُ رکيو آهي ته هو هاڻي اينٽي اسٽيبلشمينٽ ڌارا ۾ نه هلندي. انهيءَ جي حمايت ۽ سپورٽ ڪندي يا نه انهيءَ سان خاص فرق ناهي پوڻو پر هن وقت ان پنهنجا پاند آجا ڪيا آهن. هن وقت گھڻو بحث هاڻي انهيءَ نقطي تي ٿيندو ته ڇا پي ڊي ايم يعني ن ليگ پنهنجو پاڻ کي مفاهمت جي اميدي ڄار کان آجو ڪيو آهي؟ ڇا پي ڊي ايم جيڪو چئي پئي ته پ پ پ جي جدا ٿيڻ کان پوءِ هو وڌيڪ آزاديءَ سان مزاحمت ڪري سگھندا يا شاهدخاقان عباسي نواز شريف جي بيانيي کي ۽ مريم نواز جي موقف کي جنهن شدت سان بيان پيو ڪري ته هنن جي آڏو هاڻي جدوجهد جو نظرياتي اصول هيءُ آهي ته مڪمل طور تي سياسي عمل مان اسٽيبلشمينٽ کي مڪمل طور تي الڳ ڪجي. اهو نظريو عمل جي ميدان ۾ اڳتي وڌي سگھي ٿو يا نه هاڻي انهيءَ جو فيصلو پي ڊي ايم کي کليل طريقي سان ڪرڻو آهي. هاڻي پي ڊي ايم پنهنجي بي عمليءَ لاءِ ڪا به رڪاوٽ ۽ ڪو به جواز اتحاد جي حوالي سان پيش نٿي ڪري سگھي تنهن ڪري وڌيڪ امتحان جي گھڙي هن جي لاءِ ايندڙ وقت آهي. گھڻو بحث اهوئي ٿيندو رهيو آهي ته ن ليگ ڪنهن به صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نٿي وڃي سگھي ها هو دٻاءُ وجھڻ جي لاءِ سڀ رستا اختيار ڪندي پر جيڪڏهن سياست جي اندر فردن جو ڪردار ٽڪراءَ جي آخري حدن تائين پهچي ٿو يا پهچندو آهي ته ان صورت ۾ ٽڪراءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نٿو بچي. دنيا جي اندر يا تاريخ ۾ ڪيترائي ٽڪراءَ اهڙا ٿيا آهن جن ۾ ٽڪرائيندڙ ڌريون آخري حد تائين ان ڪوشش ۾ رهيون ته ٽڪراءُ نه ٿئي پر انهن جو ٽڪراءُ اڻٽر ان ڪري ٿيو جو ان ڌر جي قيادتن جو مزاج طبيعت ۽ انا کان وڌيڪ ڪجھه اصول اهڙا اڳيان اچي ويندا آهن جن کي ڪمپرومائيز جي ٽيبل تي ڪڏهن به حل نٿو ڪري سگھجي. مثال ماضيءَ جي تاريخ ۾ خود پ پ پ تاريخ جي انهن ٽڪرائن مان گذري آهي، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي خلاف نو ستارن جي اتحاد سان سياسي بحران حل ڪندي ٺاھه جي آخري حد تائين پهتو ته جنرل ضياءَ مارشل لا لڳائي پوءِ تضاد ٻنهي گروهن کان اڳتي وڌي شخصي ٽڪرائن جي ان حد تائين پهتا جتان واپس اچڻ ناممڪن هو. ( ڀلي هيءُ دليل ڪيترو به طاقت سان ڏنو وڃي ته آمريڪي مفادن ۾ ڀٽي صاحب جو فٽ ٿيڻ ڏکيو ۽ ناممڪن هو پر ڀٽي صاحب جي قتل تائين آمريڪي حڪمرانن جو نظريو ضد جي حد تائين ڪنهن به صورت نه هو ) ڀٽي صاحب ۽ آمر ضياءَ جو معاملو بيشڪ گروهي مفادن سان سلهاڙيل هو پر ٽڪراءَ تاريخ جي ان ڏاڪي تي انفرادي يا فردي حدن ۾ شدت سان وڌي آيو هو، پوءِ اهو مرحلو به آيو جڏهن ڀٽي صاحب کي ڦاسيءَ جي ڪوٺڙيءَ مان ٻاهر ڪڍرائڻ لاءِ جيڪا به حڪمتِ عملي اختيار ڪئي ٿي وئي يعني ڪمانڊو آپريشن تائين پر ڀٽي صاحب پنهنجو پاڻ کي انهيءَ مهم جوئي جي حوالي ڪرڻ کان بهتر اهوئي سمجھيو ته هو تاريخ جي فيصلي تي پاڻ کي ڇڏي ڏي. هن کي اها خبر هئي ته هاڻي منهنجي لاءِ ٻه رستا آهن هڪ مان تاريخ ۾ زنده رهان ۽ ٻيو زندگيءَ جي لذت تي پنهنجو پاڻ کي تاريخ کان الڳ ڪري ڇڏيان. هن اهونه ڪيو توڙي جو هن جي زندگيءَ ۾ ان تي تنقيد جا ايترا انبار آهن جو هو پاڻ کي انهيءَ کان ٻاهر ڪڍي نٿو سگھي. تنقيد جي ان انبارن جي هوندي جڏهن هن تاريخ جي مشعل سان پنهنجو پاڻ کي جوڙيو ته باقي سڀ تنقيدون ڪمزور ٿي ويون ۽ هو تاريخ جي ان بيلٽ ۾ شامل ٿي ويو جتي روشن ستارا چمڪندا آهن.
هن ملڪ جي تاريخ ۾ اهو ساڳيو الميو هن جي خاندان ۾ سندس پٽن کان ٿيندو تاريخ جي چوراهي سندس ڌيءَ محترمه بي نظير ڀٽو کي آڻي بيهاريو. محترمه تي جيتري تنقيد ٿئي ٿي انهيءَ تنقيد ۾ تمام وڏو حصو ان جو آهي ته هن هر موڙ ۽ مرحلي تي مفاهمت جي پهلو کي سامهون رکيو پر کيس آخري چوراهي اتي اچي بيهاريو ۽ هن ان رستي کي چونڊيو جنهن جي مٿان بورڊ تي هيءُ لکيل هو ته هاڻي مفاهمت کان انڪار جي آخري راھه هيءُ آهي ۽ محترمه انهيءَ تي اڳتي وڌي. هر هڪ ماڻهو ان هڪ نقطي تي متفق آهي ته کيس سڀنيءَ روڪيو ته اهو رستو اختيار نه ڪر پر هوءَ نه مڙي ڇو ته مفاهمت جون ڪيفيتون دٻاءَ ۾ ايندي جڏهن پيڙاجو ٻوجھه بڻجي وينديون آهن ۽ پوءِ فرد جي لاءِ تاريخ ۾ آخري رستو اهوئي ٿو رهي “ ته بس هاڻي بس، هاڻي انڪار جيڪو وڻيو ڪيو” اياز جي لفظن ۾ “ موت سان داءَ ۾ جن رکي زندگي ،نيٺ جيتي ويا ، هار تن جي نه ٿي”. تاريخ ۾ ٻيو مثال سنڌ جي ڌرتيءَ سان آهي ته حر تحريڪ جي سورمي پير صبغت الله شاھه جيڪو رستو مزاحمت جو اختيار ڪيو ۽ ان مفاهمت جي ڪنهن به راھه تي نه هليو پر اڳتي هلي اسان کي هيءُ عجيب سلسلو ٿو نظر اچي ته انهن سڀني مزاحمت ڪندڙ ۽ تاريخ جي سورمائي رستي اختيار ڪندڙ جي وارثن مفاهمت جو ئي رستو اختيار ڪيو ۽ تاريخ جو هيءُ به منظر اسان جي اڳيان ته مفاهمت جا رستا اختيار ڪندڙ ڪيترائي ڪردار اهڙا آهن جن آخري رستو مزاحمت جو اختيار ڪيو. هاڻي هيءُ صورتحال هن ملڪ جي تاريخ ۾ اسان جي اڳيان آهي ته مزاحمت جي تاريخ رکندڙ پارٽي ۽ انهيءَ تي فخر ڪندڙ پارٽي مفاهمت جي چونڪه چناچه ۾ پنهنجو ڀلو ٿي سمجھي، جيڪڏهن عارضي مفادن کي لت هڻي پ پ پ ن ليگ ۽ پي ڊي ايم سان گڏجي پنهنجي نئين تاريخ لکي ها ته اهو موقعو هنن جي لاءِ تمام گھڻو سونهري هو پر جڏهن چونڊ بدلجي وڃي ته معيار به بدلجي ويندا آهن. هاڻي تاريخ ان کي ڪٿي ٿي بيهاري پاڻ اهو ڏسنداسين ۽ پاڻ هيءُ به ڏسنداسين ته پي ڊي ايم جي قيادت ڪندڙ ن ليگ ۽ انهيءَ سان سلهاڙيل جماعتن مان طاقتور سگھه رکندڙ مولانا فضل الرحمٰن جو مستقبل ۽ سفر ڪهڙو هوندو؟ ڇا هو اهو سڀ ڪجھه ڪري سگھندا جنهن جي لاءِ هو پاڻ کي نظرياتي سڏرائين ٿا. ڀلي ن ليگ پنهنجي ماضيءَ ۾ گناهن جي گند جا گاڏا گڏ ڪيا هجن پر جي هن وقت هو اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ ۾ اڳتي وڌي ٿي اچي ته سنڌ جو مڊل ڪلاس ۽ مزاحمتي سوچ رکندڙ گروھه به ن ليگ سان ئي همدردي رکندي ان جي ساٿاري ٿيندا پر جي هن مزاحمت جي راھه اختيار نه ڪئي ۽ ڪمپرومائيز جو رستو چونڊيو ته ان تي تنقيد پ پ پ کان به وڌيڪ ٿيندي. هاڻي تاريخ جو ڳرو امتحان پ پ پ کان وڌيڪ ن ليگ کي ڏيڻو آهي ڇا هو انهيءَ ۾ پاس ٿيندي يا نه؟ ۽ پوءِ تاريخ جو فيصلو جيڪو ٿيندو اهو اسان سڀ سمجھون ٿا.