ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي تي نظر رکڻ جي ضرورت

0
411

مقدس مهيني رمضان شريف جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ اڄ سڄي ملڪ ۾ پهريون روزو آهي.انهي مهيني جو اهم پيغام براين کان پري ڀڄڻ ۽ انسانيت جو خيال رکڻ آهي جيئن پنهنجي عبادت سان مالڪ حقيقي کي راضي رکڻ سان گڏ ضرورتمندن ۽ بي پهچ ماڻهن جي به ڪم اچي سگهجي،پر اسان وٽ ڪجهه مت جا موڙهيا عبادتن جي انهي مقدس مهيني ۾ به ماڻهن جي مجبورين جو فائدو وٺي پنهنجي ڪاروباري مفادن کي اوليت ڏيندا آهن ۽ ذخيره اندوزي ڪري ماڻهن تي هٿرادو مهانگائي جو بار وجهندا آهن،جنهن سان هن مقدس مهيني جي پيغام جي نفي ٿئي ٿي.
روزا رکڻ جو هڪ پيغام اهو به آهي ته انسان بک ۽ اڃ تي سڄو ڏينهن گذارو ڪري اهو سمجهي سگهجي ته لاچار ۽ ڪمزور ماڻهو وسيلا نه هئڻ ڪري ڪيئن بک ۽ اڃ ۾ گذاريندا آهن تنهن ڪري اهي پهچ وارا انهن جي ڏکئي ۽ مشڪل وقت ۾ مدد ڪري سگهن.جڏهن ته ڪپت ، ڪوڙ ۽ بي ايماني کان به انسان پري رهن. هونئن ته انسانيت ۽ ايمان جون اهي شيون لازمي جز آهن پر رمضان شريف جي هن ڀلاري مهيني ۾ سڄو ڏينهن روزي ۾ هجڻ ڪري انهن ڳالهين جي اهميت ۽ افاديت اڃان وڌي وڃي ٿي ۽ انهن جو وڌيڪ خيال رکڻو پوي ٿو،پر اسان وٽ ٿئي ايئن ٿو ته هن مقدس مهيني جي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ذخيره اندوز ۽ ناجائز منافعو ڪمائڻ جا هيراڪ وڌيڪ سرگرم ٿي وڃن ٿا ۽ ضرورتن جي شين کي لڪائي انهن جا اگهه چوٽ چاڙهي ٿا ڇڏين.عام استعال جي شين کان وٺي فروٽ ،کاڌي پيتي جي شين گوشت ۽ مڇي جا اگهه ايترا ته وڌي ويندا آهن جو عام ماڻهن جي خريداري پهچ کان ئي چڙهي ويندا آهن. حڪومت توڙي جو نالي ۾ رمضان پيڪيج ۽ سستيون بازارون لڳائڻ جا اعلان ته ڪندي آهي پر عملي طور انهن جو وجود اٽي ۾ لوڻ برابر هوندو آهي. حڪومتي اعلان جن تي عمل جو وڏي ۾ وڏو مرڪز يوٽيلٽي اسٽور هوندا آهن جتي سرڪاري طور شين جا اگهه سستا طئي ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر عام طور ڏٺو ويو آهي ته اهي يوٽيلٽي اسٽور ڪنهن به ڪم جا نه هوندا آهن جيڪڏهن اتي دال هوندي آهي ته کنڊ غائب، جيڪڏهن بيسڻ ملندو آهي ته وري چانهه جي پتي ناهي هوندي، جڏهن ته اڪثر يوٽيلٽي اسٽور سرڪاري ڪاغذن ۾ ته موجود هوندا آهن پر اهي اڪثر ڪري بند هوندا آهن يا شايد ئي ڪو سامان اتي موجود هوندو آهي، جنهن ڪري عوام کي ڪو فائدو نه ٿيندو آهي،يا وري اتي موجود سامان اهڙو ته غير معياري هوندو آهي جو اڪثر ماڻهو اهو سامان ڏسي بنا خريد ڪرڻ جي واپس موٽي ويندا آهن ۽ مجبوري ۾ کين مهانگي اگهه تي کليل مارڪيٽ مان خريداري ڪرڻي پوندي آهي.اهڙين حالتن ۾ اڪثر ماڻهو رکي سکي تي روزا رکڻ تي مجبور هوندا آهن يا روزو کولڻ لاءِ به وٽن ڪجهه ميسر ناهي هوندو .
اسان سمجهون ٿا ته اها سرڪار جي ذميواري آهي ته سڄو سال اهڙن ذخيره اندوزن تي نظر رکي عام ماڻهو جي کيسي تي ڌاڙوهڻندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي پر هن مهيني ۾ ته سرڪار کي اڃان به وڌيڪ اثرائتي نموني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪو به ماڻهو پنهنجي مذهبي رسمون ادا ڪرڻ وقت انهن مجبورين جو شڪار نه ٿئي جيڪي ڪپت،ڪوڙ،بي ايماني ڪندڙ ۽ هٻڇين جي ڪري پيدا ٿينديون آهن.