ايران- سعودي ٺاھ ۽ ان جا عالمي سياست تي اثر

0
163
ايران- سعودي ٺاھ ۽ ان جا عالمي سياست تي اثر

 ايران ۽ سعودي عرب چين جي ثالثي ۾ باھمي امن ۽ ڀائيچاري جي معاھدن تي شروعاتي ٺاھ ڪري سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آھي. صورتحال جو سراسري ڇيد ڪرڻ لاءِ ٽنھي ملڪن جي مفادن ۽ صورتحال کي سامھون رکڻ لازمي آھي:

                 سعودي عرب: سعودي عرب محمد بن سلمان جي اڳواڻي ۾ پنھنجي قدامت پسند رياستي تصور مان جان ڇڏائي نئين سڃاڻپ طرف تيزي سان وڌي رھيو آھي. سندس ويزن ۲۰۳۰ سندس مستقل تحفظ و ترقي جي ضمانت طور ڏٺو پيو وڃي.

                 ۱.  سعودي عرب آمريڪا جي لٺ سرداري کان پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ عالمي معشيت جو حصو ٿيڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. ھاڻ سعودي عرب سان آمريڪا سڌو جھيڙو ڪرڻ جا ڪارڻ ۽ تڪڙي سگھ نٿو رکي. ان جو ڪارڻ مڊل ايسٽ مان تيل جي ضرورت پوري ڪندڙ ھن وقت به سعودي عرب آھي، جيڪو وڏي پئماني تي يورپ، آمريڪا، آسٽريليا، چائنا ۽ انڊيا کي توانائيءَ جو پورائو ڪري ڏيئي ٿو، لٺ سردار ھينئر دنيا جي ٻن وڏن حريفن روس ۽ چائنا سان ڦٽايو ويٺو آھي، اھڙي موقعي مان فائدو وٺندي سعودي عرب انڊيا وانگر پنھنجي آزاد پاليسي کي اپنائڻ جي حڪمت عملي تي گامزن آھي.

۲. آمريڪا طرفان پنھنجي ھٿ ٺوڪي جنگ ۾ عربن کي روس خلاف مسلسل استعمال ڪري پوءِ به ساڻن ذلت ڀريو رويو رکڻ، ٽرمپ طرفان کانئن ڀتو گهرڻ واري مشھور تقرير» ۽ بائيڊن انتظاميا طرفان تازو تيل جي پيداوار لاءِ سعودي عرب تي زور ڀرڻ، جيڪو سعودي عرب جي معاشي مفاد جي بلڪل خلاف ھو، حسني مبارڪ کي مصر ۾ اڪيلو ڇڏڻ، ياسر عرفات سان اوسلو ٺاھ تي کيس اڪيلو ڇڏڻ، عراق ۾ ڪردن کي اڪيلو ڇڏڻ، افغانستان مان يڪدم ھٿ ڪڍي سمورن اتحادين مان ھٿ ڪڍي وڃڻ جھڙا معاملا مٿس اعتماد ھاڻ ڪوبه ڪونه ٿو ڪري. ايستائين جو يورپ به نه! ان ڪري سعودي عرب جي حڪمت عملي ۾ واضح فرق نظر اچي رهيو آهي، کيس خبر آھي تہ آمريڪا ھاڻ ھڪ ئي وقت گھڻا محاذ کولڻ جي سگھ نٿو رکي. پوري خطي ۾ پين اسلام ازم مان فائدو فقط آمريڪا کي ٿيو ۽ عربن کي سواءِ ذلت، پوري مڊل ايسٽ جي تباھي ۽ فرقيواريت کان سواءِ ڪجھ به ڪونه مليو. ان ڳالھ عربن لاءِ انتھاپسندي مان مڪمل جان ڇڏائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناھي ڇڏيو. عربن جو به لبرل ازم طرف وڌڻ جو رجحان تيز کان تيز ٿي رھيو آھي.

۳.  خطي ۾ عربن جو روايتي حريف ايران رھيو آھي، ايران پاڻ کي وچ ايشيا ۽ مڊل ايسٽ جو تاريخي طور چڱو مڙس سمجھي ٿو، ان لاءِ ان جي سڄي تاريخ مزاحمت سان ڀريل آھي، سعودي عرب چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته ان جي حيثيت ھن جھيڙي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي ھڪ مھري جيتري مس رھي آھي، اصل جھيڙو آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي سختگيرن جي وچ جو آھي، جيڪي آمھون سامھون آھن، عربن جا گس ته خليج اندر ايران ڏينھن ٻن ۾ ئي بند ڪرڻ جي سگھ رکي ٿو ۽ سعودي عرب ٻين جي هُشين تي ايران سان اٽڪڻ جي سگھ بلڪل به نٿو رکي، سندس تيل تي ايران جي حامي حوصين جي حملن کي روڪڻ لاءِ حيلا ھلائڻ باوجود سواءِ ايران کي سمجھائڻ جي، وٽس ڪو دڳ ئي ڪونھي. ان کان سواءِ سڀ کان وڏو معاملو سعودي عرب جو ويزن ۲۰۳۰ آهي، جنھن کي حاصل ڪرڻ سندس لاءِ جيئڻ مرڻ جي سوال وانگر آھي، جو سندس ذخيرا ختم ٿيڻ طرف وڃن پيا، ان ڪري سعودي عرب ھروڀرو جي جھيڙن مان پنھنجو ڪنڌ آجو ڪرڻ کان سواءِ اڳتي وڌي نٿو سگھي.

ايران:  ايران جي حڪومت جيتوڻيڪ پنھنجن ماڻھن کي منھن ڏيڻ ۾ پوري آھي پر اھا اڄ به تمام وڏي فوجي طاقت آھي، ان وٽ روس، چين ۽ پنھنجا ٺاھيل ھٿيار ۽ فوج توڙي وڏي جاگرافيائي گھرائي آھي، جنھن سبب ھن ملڪ تي حملو ڪري قبضو ڪرڻ مشڪل آھي،

رپورٽن مطابق ايران گهڻي ڀاڱي ائٽمي ھٿيار ٺاھڻ جي سگھ حاصل ڪري چڪو آھي، تنھنڪري کيس خبر آھي ته آمريڪا جھيڙي لاءِ اچي نه اچي پر اسرائيل ضرور ايندو، جو کيس ايران مان وڏا خدشا آھن، ان لاءِ ھڪ پاسي اسرائيل عربن سان مسلسل ٺاھ پئي ڪيا ۽ ٻئي ايران کي سزا ڏيڻ جي تياري پئي ڪئي آھي، کيس آمريڪا ۽ روس روڪيندا پيا اچن. انھيءَ جھيڙي جي امڪان کي سامھون رکندي ايران پڻ عربن سان ٺاهه ڪري رهيو آهي ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ محاذ ھجن.

چين: چين جي توانائيءَ جي ضرورت جو ۳۶ سيڪڙو مڊل ايسٽ مان اچي ٿو، ان ۾ سعودي عرب پھرئين نمبر تي آھي، چين لاءِ سعودي عرب ۽ ايران ٻئي لائف لائين جيتري حيثيت رکن ٿا. سڀاڻي جيڪڏھن چين تائيوان جنگ ۾ گھڙي ٿو ته ان جي توانائي جي پورائي لاءِ ھنن ٻنھي ملڪن جو پاڻ ۾ ٺھيل ھجڻ سان گڏ آمريڪا کان سندن ڪنڌ آجو ھجڻ لازمي آھي.  چائنا ھن ثالثي دوران آمريڪا کي اڻ سڌي ريت (عالمي برادري کي به) ھڪ واضح بيان ۾ چيو آھي تہ «مڊل ايسٽ جا مالڪ مڊل ايسٽ وارا ئي آھن، انھن کي پنھنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ گھرجي.»چين کي سندس سموري معاشي پلان ۾ مڊل ايسٽ آجو ۽ آزاد گھرجي ٿو. سندس طرفان اھو عمل آمريڪا سان وڏو سياسي ڌڪ پڻ ڳڻيو وڃي ٿو. اھڙي صورتحال ۾ ڇا ايران بلوچستان، افغانستان عراق شام تائين ملڪن جي اڳواڻي ڪندو؟ يا خليج جي ملڪن جي چڱ مڙسي سعودي عرب کي ملندي؟ فائدو ايران، عرب، انڊيا ۽ چائنا سميت خطي م.موجود سمورين قوتن کي ٿيندو يا رھندو اھڙو معاھدو ھڪ نئين جنگ کي جنم ڏيندو؟