نئون قرض ملندو يا پاڪستان ڊيفالٽ ٿيندو؟

0
569
نئون قرض ملندو يا پاڪستان ڊيفالٽ ٿيندو؟

 ملڪ هن وقت هڪ غير يقيني واري صورتحال ۾ ورتل آهي. سياسي ۽ معاشي بحران گڏوگڏ هلي رهيا آهن. هڪ سوال جنهن سڀني کي پريشان ڪيو آهي، سو آهي ته، “ڇا ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ وڃي پيو؟” تازو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪتو ته منهن ڏئي وٺنداسين، ڇو ته جاپان سميت دنيا ۾ ٻيا ڪافي ملڪ ڊيفالٽ ٿي چڪا آهن، تنهنڪري، بحران مان گس ڪڍي ٻيهر پاڻ سنڀالي وٺندا آهن. خبر ناهي اهو بيان عوام کي آٿت ڏيڻ خاطر هئو يا عالمي قوتن کي ٻڌائڻ ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف واري نئين قرض منظور ٿيڻ ۾ وڌيڪ دير ٿي ته اسان ڊيفالٽ لاءِ ذهني طور تيار آهيون. زرداري صاحب جي بيان جو عالمي قوتن ڪيترو نوٽيس ورتو يا نه، ان کان قطع نظر هتي جن کي شڪ هئو ته ملڪ ڊيفالٽ ڏانهن سِرڪي رهيو آهي، انهن پوءِ پڪ سمجهڻ شروع ڪيو ته ڊيفالٽ صفا ويجهو اچي پهتو آهي.

                 بظاهر ته پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون هيون. انکان علاوه  پنڊي اسٽيبلشمنٽ وارن جون به پينٽاگون ۾ وڏيون گڏجاڻيون ٿيون. هتي هڪ خوشي واري لهر محسوس ٿي ته آمريڪا سان ياري بحال ٿي رهي آهي. پوءِ آخر ٿيو ڇا، جو اوچتو عالمي مالياتي اداري رخ مٽائي ڇڏيو؟ هڪڙو وڏو سبب يوڪرين وارو نظر اچي ٿو. يوڪرين جي جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ واري موقعي تي اقوام متحده جو ايمرجنسي اجلاس گهرايو ويو. جنهن ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي سٺ ملڪن روس جي جارحيت خلاف قرارداد پاس ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان شامل نه ٿيو. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته توهان جنهن کان منٿون ڪري قرض گهرو پر انهن جي مفادن کي پٺي ڏئي پنهنجي هلايو! ڇا فقير به پنهنجي مرضي هلائيندا آهن؟ جيڪڏهن ائين ڪندا ته پوءِ ردعمل ته ايندو نه! بهرحال، پاڪستان پاران عالمي قوتن جون سڀ فرمائشون پوريون نه ڪرڻ باجود پاڪستان جا ڊيفالٽ ٿيڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن، ڇو ته عالمي قوتن اڃان پاڪستان مان هٿ ڪڍڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. رڙائي رڙائي پئسا ضرور ڏيندا، پر اهو قصو گهڻو هلڻ آهي ڏکيو، ڇو ته پاڻ وارا حڪمران سڌرڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. ڇهن مهينن کانپوءِ وري عالمي مالياتي جي در تي بيٺا هونداسين. باقي اهو چوڻ ته ڊيفالٽ کي منهن ڏئي وينداسين، اهو ايترو آسان ناهي. پهرين ڳالهه ته اسان ۽ دنيا ۾ وڏو فرق آهي، تنهنڪري اهڙي ڀيٽ ڪرڻ، خاص طور جاپان سان اجائي آهي. ٻي ڳالهه ته جاپان ڪڏهن به ڊيفالٽ ناهي ٿيو. روس ٿيو آهي، سو به ٿوري وقت لاءِ.

قرضن جي تاريخ مٿان مختصر نظر وجهجي ته جاپان ۽ اسانجي ضرورتن ۾ وڏو فرق رهيو آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جاپان 1952ع ۾ سين فرانسِسڪو امن معاهدو ڪيو، جنهن تحت جاپان کي انهن ملڪن کي نقصان ڀري ڏيڻو پيو، جن تي هنُ حملو ڪيو هو. هن سلسلي ۾ جاپان آمريڪا کان جام قرض کنيو هو.1971ع ۾ جاپان عالمي مالياتي بئنڪ يا آءِ ايم ايف جو ميمبر ٿيو، پر 1983ع تائين جاپان پهريان سڀ قرض لاهي ڇڏيا، جيتوڻيڪ هيئر به جام  قرض کنيل اٿس پر پرواه انڪري ڪانه اٿس ڇو ته معيشت بهتر اٿس. انکان علاوه جاپان جا پئسه آءِ ايم ايف ذريعي ٻين ملڪن کي قرض طور به ڏنل آهن جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي.پاڪستان آءِ ايم ايف کان پهريون قرض 1958ع ۾ ورتو، جڏهن ملڪ ۾ جنرل ايوب جي آمريت هئي پر سٺي ڳالهه هئي ته منظور ٿيڻ باوجود اهو قرض استعمال ڪونه ڪيو ويو هو. شايد ڪٿي اهو احساس هئو ته جيترو ٿي سگهي، ملڪ کي قرضي ٿيڻ کان بچائجي. پر بعد ۾ لاڳاتار آءِ ايم ايف کان قرضن وٺڻ جي نشائي وانگر عادت بڻجي وئي. جڏهن اهو جائزو وٺجي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ ڪنهن جي دور ۾ قرض ورتا ويا ته خبر پئي ته پ پ پ 47 سيڪڙو، نوازليگ 35 سيڪڙو ۽ مختلف آمرن 18 سيڪڙو قرض کنيا. پاڪستان جي تاريخ ۾ پ پ پ  آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ۾ سڀني کان اڳڀري رهي آهي. اهي سڀ قرض ڪيترا درست استعمال ٿيا، انجو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته هيئر پاڻ وٽ حالت اها آهي جو پراڻو قرض ۽ وياج ڀرڻ لاءِ به نئون قرض ٿا دنيا کان پنِون. هاڻي ٻڌايو ڪٿي جاپان، ڪٿي پاڪستان؟ زرداري صاحب کي اهڙا مثال ڏيڻ کان پهرين سوچڻ ضرور گهرجي! شايد اسانکي درست اندازو ناهي ته ڊيفالٽ ٿيڻ کانپوءِ ملڪي صورتحال ڪٿي بيهندي؟ هڪ ته مهانگائي تمام گهڻي وڌي ويندي، جنهن کي منهن ڏيڻ انتهائي مشڪل ٿي ويندو. ٻيو نئين سيڙپڪاري ڪانه ٿيندي، مٿان ملڪ ۾ ٿورو گهڻو موجود ناڻو ٻاهر نڪري ويندو. جن ملڪن کان قرض کنيل آهي، واپس نه ڪرڻ واري صورتحال ۾ پاڪستان جا سفارتي تعلقات صفا خراب ٿي ويندا ۽ نئون قرض به نه ملندو. ملڪ مٿان اقتصادي پابنديون به پئجي سگهن ٿيون. مختصر اهو ته ملڪ ۾ معاشي، سماجي ۽ سياسي  بحران شديد ٿي ويندا. تنهنڪري، دعا ڪريو ته ملڪ ڊيفالٽ نه ڪري.

خير دعا ته پنهنجي جاءِ تي، اصل اهو تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته مستقبل ۾ ملڪ کي ڊيفالٽ کان ڪيئن بچائجي؟ هن سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ اچو ته اهو ڏسون ته ملڪ مٿان ڪُل ڪيترو قرض آهي. هڪ اندازي مطابق پاڪستان تي 115 ارب ڊالر تائين قرض آهي. جنهن ۾ آءِ ايم ايف جا سڀني کان گهڻا پئسا ڏنل آهن، ۽ باقي پئسا ورلڊ بينڪ، ايشين بينڪ، اسلامڪ بينڪ، ۽ چين جي ڪجهه بينڪن کان ورتل آهن. آءِ ايم ايف وٽ ايڇ. آءِ .سي. پي (هيِويلي انڊيڊٽ پوئر ڪنٽريز) واري سهولت به آهي.  ايڇ آءِ سي پي جو مطلب آهي قرضن ۾ ٻڏل غريب ملڪن لاءِ رعايت. هن اسڪيم تحت آءِ ايم ايف پاڪستان جو ڏيڍ ارب ڊالر معاف ڪيو آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اها ڪا ايڏي وڏي رعايت ناهي. ڪورونا واري به رعايت ملي آهي. هيئر ٻوڏ ۽ موسمي تبديلي جي منفي اثرن سبب به  پاڪستان رعايت گهري رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ٿوري عنايت ڪن به سهي پر هي ملڪ پنهنجي پيرن تي تڏهن بيهندو، جيتري تائين پنهنجو گهر ٺيڪ نٿو ڪري. پاڪستان دنيا جي پنجن ٽاپ يا سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، جن آءِ ايم ايف کان قرض ورتو آهي. قرض کڻي ملڪ جي اشرافيا عياشيون ڪيون پر اوڳاڙي مسڪين عوام کان ٿيندي رهندي.

[email protected]