سدا وسي سنڌ ۾…..

0
200
سدا وسي سنڌ ۾.....

  قديم سنڌ جي پرڳڻي سيوستان ۾ سرمستي، علم ۽ عرفان جو اوچو علم کوڙي روحانيت جي مٿانهين منزل تي منفرد انداز ۾ مقيم ٿيندڙ مخدوم سيد عثمان مروندي المعروف شهباز قلندر جي خانداني نسبت ۽ قلندري مشرب جي عزت ۽ احترام ۾ صدين کان سنڌ واسي سيس نمايون بيٺا آهن.

                 عالم، شاعرن ۽ سخنورن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ عقيدت جا گل پيش ڪيا آهن. روهڙيءَ جو رند مشهور صوفي شاعر قدر بخش بيدل ننڍپڻ ۾ ئي سيوهاڻي شهباز جي مرتبي جو معترف ۽ مداح ٿي جڏهن پهريون ڀيرو ٻيڙيءَ تي چڙهي سکر کان سيوهڻ پهتو ته مٿس عجيب وجداني ڪيفيت طاري ٿي وئي هئي. بي اختيار شعر چوندي هيئن عقيدت جو اظهار ڪيائين:

يا قلندر وير واهر ٿي وري

مير مروندي رسي ڪر رهبري

ساڳي ريت سنڌ جي مشهور صوفي شاعر خوش خير محمد هيسباڻي به مير مرونديءَ سان محبتن جو اظهار هن ريت ڪيو هو:

”اچي حاضر حسيني ٿي قلندر لعل مروندي“

سندس روحاني رتبي ۽ عوامي رجوعات ڏي اشارو ڪندي چوي ٿو ته:

توکي چو طرف چوڌاري، نمي ٿي هند سنڌ ساري

ڪابل ڪشمير قنداري، بلخ بيحد سمرقندي

پير ابو صالح شاهه راڻي پوري سندس مرتبي جي مڃتا ۾ چيو هو:

يار اڪارج پير قلندر،

ٻيڙا آهن ڀريا ڀرپور

ان حقيقت کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته روحاني رتبا علم ۽ عرفان جا اعليٰ درجات هرو ڀرو گهر ويٺي ناهن ملندا. ان پنڌ تي پهچڻ لاءِ سالن جا سفر، اکين ۾ اڻ ڳڻيا اوجاڳا، بي انتها عبادتون، رياضتون ۽ نفس ڪشيون ڪرڻيون پونديون آهن. تهان پوءِ ئي بقول شاهه ڀٽائي ”ڪوڙين ڪن سلام، اچي آڳهه ان جي“.

مخدوم سيد عثمان بن سيد ڪبير افغانستان جي پرڳڻي هرات ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”مروند“ ۾ ڄائو هو. قادر ڪريم جا مٿس ڪروڙين ڪرم ٿيا، ستن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري بعد ۾ وقت جي مروجه علمن جي تحصيل پنهنجي والد جي سرپرستي هيٺ ڪندو رهيو. اڃا ارڙهن ورهين جو هو ته سندس والد بزرگوار ۽ ايڪيهين ورهين جي ڄمار ۾ امڙ سانئڻ جو وڇوڙو پلئه پيس. پاڻ پوءِ روحاني فيض جي حاصلات لاءِ سير و سياحت جو فيصلو ڪري وطن ڇڏيائين. سالن جا سال پيرين پيادو ايران، عراق ۽ حجاز مقدس جي عالمن، اڪابرن، سان ملاقاتون ڪندو رهيو. سلوڪ جي واديءَ جون سموريون منزلون طئه ڪري معرفت الاهيءَ جي مٿاهين مقام تي پهتو. هن حياتيءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ جڏهن سندن عمر سئو سال کان مٿي ٿي چڪي هئي، هندستان جو سفر اختيار ڪيو. مختلف شهرن مان ٿيندو ملتان پهتو جيڪو ان وقت سنڌ سان شامل هو. غياث الدين بلبن جو علم دوست ادب پرور فرزند سلطان محمد هتي جو گورنر هو. هو درويشن ۽ عارفن جو عقيدت مند هو.

ملتان ۾ تنهن وقت بهاوالدين ذڪريا ملتاني ۽ جهانياڻ جهان گشت سرخ بخاري پڻ حال حيات هئا. سلطان محمد مخدوم سيد عثمان مرونديءَ جو وڏي عزت ۽ شان سان آڌر ڀاءُ ڪيو. ڪجهه ڏينهن قيام بعد کين عاجزيءَ سان ملتان ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ جي استدعا ڪيائين. خانقاهه جي تعمير ۽ روزمره اخراجات لاءِ زرعي زمين وقف ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪيائين، جيڪا قلندر شهباز نه ڪئي ۽ کيس سنڌ جي سفر بابت ٻڌايائون. ملتان جي حاڪم سلطان محمد وٽ هڪ ڏينهن معرفت وارن جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ غوث بهاوالحق ملتاني ۽ ٻيا اهل دل درويش به موجود هئا. جنهن وقت مخدوم عثمان مروندي پنهنجي فارسي ۽ عربي شاعري ٻڌائڻ شروع ڪئي ته مٿن وجد طاري ٿي ويو ۽ اهي بي اختيار رقص ڪرڻ لڳا، سلطان محمد جي ڪيفيت اها هئي جو هو زارو قطار روئيندو ۽ سندس آڏو ٻانهون ٻڌيو بيٺو رهيو. تاريخي حوالن سان ثابت ٿيو آهي سيد عثمان مروندي عربي ۽ فارسيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. اسان وٽ سندس ڪاني ڪرامت جو تذڪرو ته عام آهي پر سندس علمي فضيلت ۽ ادبي حيثيت کي اوترو اڳيان نه رکيو ويو آهي، جيترو پاڻ هو اهل هو.

انگريز تاريخدانن جي تحقيق موجد قلندر شهباز شاعر سان گڏوگڏ عالم ۽ نثر نويس پڻ هو. سندس تصنيف ”ميزان الصرف“ آڳاٽي وقت ۾ ديني مدرسن جي نصاب ۾ شامل هئي. سندس ٻين تصنيفن سان گڏ ”وجود العاشقين“ به گهڻي مشهور ۽ مقبول رهي آهي. بحيثيت شاعر جي قلندر شهباز جو ڪلام تصوف جي باريڪ نقطن جو بي انت ڀنڊار آهي. سندس فهم ۽ فڪر تي ”وحدت الوجودي“ نقش نظر اچن ٿا. پاڻ حسين بن منصور حلاج جي بي باڪي، سرمستي ۽ عاشقي اوج جو اعتراف ڪندي وڏي واڪ چيو هئائين ته؛

منم عثمان مروندي ڪه يار خواجه منصورم

ملامت چي ڪنند خلقي، ڪو مَن بردار مي رقصم

(مان عثماني مروندي خواجه منصور جو يار آهيان،

ماڻهو ملامتون ٿا ڪن ته مان سوليءَ تي به نچان ٿو)

عاشق جڏهن ذات مقدس جو مشاهدو ماڻي وٺي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻي ٿو ته پوءِ کيس ٻيو ڪو به نظر ناهي ايندو هو حق سان هيڪڙائي ۾ هليو ويندو آهي. سندس ڪلام پوءِ سراپا الهام بڻجي نروار ٿيندو آهي. قلندر شهباز جو سمورو ڪلام به سراسر سرمستي سوز گداز وجد ۽ ڪيف آهي. قلندري مشرب يا زندگيءَ جو زاويو عاجزي، انڪساري ۽ قناعت پسنديءَ جو عملي نمونو هوندو آهي. ان سوچ سان سمجهايو ويندو آهي ته دنيا فاني مختصر عرصو هن مهمان خاني ۾ ترسي منتشر معاشري کي محبت جي مرڪز ۾ تبديل ڪريون. قلندري مشرب جو پيغام ڏيندي پاڻ چيو هئائون ”رقص ۽ سماع سان قلب ۾ نرمي پيدا ٿئي ٿي ۽ سالڪ کي محبوب سان ملائڻ جو وسيلو آهي.“انهيءَ پيغام کي پاڻ هن طرح اسان تائين پهچايو اٿئون:

نمي دانم ڪو آخر چوڻ دم ديدار مي رقصم،

مگر نازم بد اين ذوقي ڪه پيش يار مي رقصم.

خبر ناهي ته آخر ديدار وقت مان رقص ڇو ٿو ڪريان پر پنهنجي ان ذوق تي ناز آهي ته پنهنجي يار جي سامهون رقص ڪريان ٿو.

بيا جانان تماشا ڪن ڪه در  انبوه جانبازان

به صد سامانِ رسوائي سر بازار مي رقصم

(اچ منهنجا جاني ۽ ڏس مونکي ته ڪيئن جانبازن جي ٽولي ۾ رسوائين جو سمورو سامان کڻي ڪيئن رقص پيو ڪريان). مخدوم سيد عثمان مروندي سموري حياتي رنگ نسل ذات پات جي ويڇي کان مٿي ٿي انسان ذات کي امن ۽ ايڪتا سان رهڻ جو درس ڏنو. اهو سڪ جو سبق صدين کان سنڌ ۽ سيوهڻ ۾ دهرائجي رهيو آهي. قلندر جي عرس جي موقعي تي لکين پانڌيئڙا ڪٺا ٿين ٿا، جيڪي ٻولي ذات پات نسل قوميت يا صوبائين کان مٿي ٿي اچي ڌمال ۾ بيهن ٿا ۽ قادر قلندر مست جا نعرا بلند ڪري انسانيت جو علم اوچو ڪن ٿا. هنن جي اندر جو آواز آهي ”سدا وسي سنڌ ۾، مست قلندر لعل“.