انصاف لاءِ احتجاج ڪرڻ وارن تي دهشتگردي جو ڪيس !

0
249
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سڄو ٿر احتجاج ۾ آهي ۽ ان پرامن احتجاج کي ختم ڪرڻ لاءِ پوليس تشدد جو رستو اختيار ڪيو آهي، هڪ پورهيت جي ناحق خون سان انصاف لاءِ احتجاج ڪندڙ وارث ۽ ٿر واسي پاڻ ناانصافي جو شڪار ٿي رهيا آهن،پوليس جي تشدد جو شڪار نه رڳو احتجاج ڪندڙ پر انهي احتجاج کي رپورت ڪندڙ صحافي به بڻيا آهن. پوليس پورهيت جي قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران رهندو احتجاج ڪندڙ خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي جنهن ڪري نه رڳو ٿر پر هاڻي سڄي سنڌ ۾ پوليس جي انهي عمل خلاف تاءُ پکڙجي رهيو آهي.سنڌ ۾ ڪجهه وقت کان وٺي اهو ڄڻ معمول ٿي ويو آهي ته جيڪو به احتجاج ڪري انهي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ،اڃان بحريه خلاف ڌرڻو هڻندڙن خلاف دهشتگري جا ڪيس داخل ٿيڻ وارن ڳالهه تان سنڌ ۾ ڪاوڙ جهڪي نه ٿي آهي ته وري ٿر ۾ هڪ پورهيت جي خون سان انصاف لاءِ پرامن نموني احتجاج ڪندڙ شهرين خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. لڳي ايئن ٿو ته ڄڻ آئين ۾ اظهار جي آزادي وارو حق رڳو حڪمرانن يا طاقتور ماڻهن لاءِ آهي، عوام کي اهو حق استعمال ڪرڻ ڏاڍو مهانگو پئجي رهيو آهي .
ڪجهه ڏينهن اڳ ٿر مان ڪوئلوڪڍندڙ ڪمپني جي ڪجهه پورهيتن کي چوري جي الزام ۾ ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن تشدد جو نشانو بڻايو جن مان هڪ پورهيت دودو ڀيل گذاري ويو جنهن جي قتل خلاف وارث ۽ اسلام ڪوٽ جا رهواسي لڳاتار احتجاج ڪري رهيا آهن. وارثن الزام لڳايو ته پوليس اصل جوابدارن جي مدد گار ٿي کين فرار ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، جنهن ڪري اهي حفاظتي ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته ڪجهه ٻين سيڪيورٽي گارڊن کي حراست ۾ وٺي جاچ جي بهاني معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جي نظام جي اها بدقسمتي آهي ته جڏهن به ڪنهن ڪيس ۾ ڪي سگهاريون ڌريون ،ڪي ڪمپنين جا ملازم يا سگهارا ماڻهو الزام هيٺ ايندا آهن ته قانون حرڪت ۾ اچڻ کان نابري واري بيهي رهندو آهي ۽ جيڪي ظلم جو شڪار ٿيندا آهن اهي ڪمزور يا هيڻا ماڻهو قانون کي جاڳائڻ لاءِ احتجاج تي مجبور ٿي ويندا آهن پر قانون تيستائين نه جاڳندو آهي جيستائين اهي مظلوم پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي رستن تي نڪري نه ايندا آهن يا وري مظلومن کي ايترو مجبور ڪيو ويندو آهي جو هو سڀڪجهه سهي ماٺ ڪري ويهي رهن. هن ڪيس ۾ به ايئن ئي نظر اچي رهيو آهي ته پوليس پورهيت جي خون سان انصاف ڪرڻ بدران انصاف لاءِ احتجاج ڪرڻ وارن خلاف ئي ڪارروايون ڪري رهي آهي، هيترا ڏينهن جڏهن اهي متاثر ماڻهو پرامن احتجاج تي آهن ته پوليس قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪا ڪارروائي نه ڪئي جڏهن ته احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۽ ماٺ ڪرڻ لاءِ رات دير سان شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي ۽ انهن تي لٺبازي ڪئي وئي جڏهن ته رپورٽنگ لاءِ آيل صحافين کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو. حد ته اه ٿي جو احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪرڻ کانپوءِ وري دهشتگردي جو ڪيس به انهن تي ئي داخل ڪيو ويو آهي. هي سڀڪجهه ٿر جهڙي پرامن علائقي ۾ ٿي رهيو آهي جتي ترقي جي نالي ۾ مقامي ماڻهن سان ڏاڍڍاين جو سلسلو ڪجهه وقت کان وٺي شروع ڪيو ويو آهي ،ڪڏهن مقامي ماڻهو پنهنجي گهرن کان بي گهر ڪرڻ خلاف احتجاج تي آهن ته ڪڏهن نوڪرين ۾ مقامي ماڻهن کي حصو نه ملڻ خلاف احتجاج پيا ڪن، هاڻي ته اچي ڳالهه اتي پهتي آهي جو وسيلا ،زمينون، حق کسڻ کانپوءِ انهن ماڻهن کان پنهنجون حياتيون کسيون پيون وڃن ۽ انهن ناانصافين خلاف، وري جڏهن اهي ماڻهو احتجاج ڪن ٿا ته انهن کي پوليس طاقت جي زور تي چٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ اهو سڀڪجهه وري انهي پارٽي جي حڪومت ۾ ٿي رهيو آهي جيڪا جمهوريت لاءِ سڀ کان وڌيڪ قرباينون ڏيڻ جي تاريخ رکي ٿي يا پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ جمهوريت جي علمبردار سمجهي ٿي.
اسان سمجهون ٿا ته هن واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورت جي چيف جسٽس ،پ پ جي چيئرمن ۽ سنڌ جي وڏي وزير طرفان نوٽيس وٺڻ سٺي ڳالهه آهي پر ڳالهه رڳو نوٽيس وٺڻ ۽ وزرارتي ڪيمٽون جوڙڻ تائين محدود نه رهڻ گهرجي.هن پورهيت جي قتل جي واقعي جون حقيتون سامهون اچڻ گهرجن ۽ ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي. انهي کانسواءِ پوليس جي ڪردار جي به ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي ته انهن ڇو پرامن ماڻهن تي تشدد ڪيو ۽ وري انهن خلاف ئي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو.ڇا سنڌ حڪومت پوليس کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي ته جنهن تي وڻي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري يا سنڌ حڪومت اهڙن پوليس آفيسرن خلاف قدم کڻندي جيڪي حڪومت جي به بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن