شهباز شريف جي پي ڊي ايم ۾ انٽري

0
269

شهباز شريف سوات واري جلسي سان پي ڊي ايم ۾ پنهنجي انٽري ڪئي آهي، جنهن سان سوين نوان موضوع پيدا ٿي پيا آهن، ن ليگ جي حوالي سان شيخ رشيد اڳ ئي چوندو هو ته ن ليگ مان ش ليگ نڪرندي، ان ڪري شهباز شريف جي جيل مان ٻاهر اچڻ کان پوءِ شيخ رشيد جي اها ڳالهه درست ثابت ٿي رهي آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ان تاثر کي هٿي ملي رهي آهي ته جتي به شهباز شريف هوندو اتي مريم نواز نه هوندي، جنهن ن ليگ کي نواز ۽ شهباز شريف جي غير موجودگي ۾ مريم نواز اڳواڻي فراهم ڪئي اها ن ليگ مزاحمتي سياست جي نئين باب کي جنم ڏيندي رهي، ن ليگ جو ورڪر پرجوش هو، جنهن ڪري مريم نواز کي تيري آواز ميري آواز جا نعرا نصيب ٿيندا هئا،
انهيءَ دور ۾ شاهد خاقان عباسي به چوندو هو ته نيب وارا گرفتار ڪن مان ضمانت نه ڪرائيندس، جيئن هينئر سعيد غني چئي رهيو آهي ان وقت مريم نواز به چوندي هئي ته جيڪو شاهد خاقان عباسي جو موقف آهي اهو ئي منهنجو موقف آهي، پر جيئن ن ليگ لاءِ ضمانت جي سيزن شروع ٿي هئي، تڏهن کان مريم نواز جي جڳهه شهباز شريف اچي والاري آهي. شهباز شريف جڏهن کان جيل کان ٻاهر آيو آهي ته اهو تاثر ورتو ويو ته هاڻي ملڪ جي سياست روڊن رستن بجاءِ پارليامينٽ جو رخ ڪندي، انڪري جنهن پي ڊي ايم مان پيپلز پارٽي کي شوڪاز نوٽيس ڏئي خدا حافظ ڪيو ويو ان کي شهباز شريف رات جون دعوتون ڏيڻ لڳو،بلاول ڀٽو به سمجهيو ته سندس موقف جي جيت ٿي رهي آهي ته ن ليگ استعيفائن بجاءِ پارليامينٽ اندر واري ان هائوس سياست ڏانهن وڌي رهي آهي، پر بلاول ڀٽو جي خواهش جي برعڪس مامرا اتي به ساڳيا نه رهيا،
ڪڏهن مخالف ڌر وارا ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جمع ڪرائيندي نظر آيا ته ڪڏهن واپس وٺندي، ڪڏهن اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جون ڳالهيون ڪندي نظر آيا ته ڪڏهن بجيٽ ۾ حڪومت جي ناڪامي جا قصا ڳائيندا رهيا، پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. مخالف ڌر جي بجاءِ حڪومت وڌيڪ واضح نظر آئي، انهن مخالف ڌر کي بجيٽ دوران اهڙو ٽف ٽائيم ڏنو جو شهباز شريف واري مخالف ڌر حيران ۽ پريشان ٿي وئي ته ڪجي ته ڇا ڪجي،
شهباز شريف جنهن جي جيل مان واپسي کان پوءِ اها اميد هئي ته هاڻي روڊن رستن بجاءِ سياست پارليامينٽ اندر گرم رخ اختيار ڪندي، ساڳيو شهباز شريف جڏهن پارليامينٽ مان بجيٽ پاس ٿيڻ واري ڏينهن غير حاضر رهي سوات ۾ وڃي جلسو ڪندو ته اهي سوال ته ضرور پيدا ٿيندا ته شهباز شريف ڇا مفاهمت بجاءِ مزاحمت واري سياست جو رخ اختيار ڪيو آهي. شهباز شريف پارليامينٽ جي اهم اجلاس مان غير حاضر رهي عمران خان کي نه ته پوءِ ڪنهن کي فائدو پهچايو آهي، جيڪڏهن سوات جي جلسي ۾ وڃڻو هو ته ن ليگ ۽ ش ليگ جي تاثر کان بچڻ لاءِ مريم نواز جو اتي هجڻ ڇو لازمي نه هو،
جنهن پارٽي جي ترجمان مريم اورنگزيب بجيٽ واري اجلاس ۾ غير حاضر رهڻ واري رد عمل تي بيان جاري ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن حاضر به هجون ها ته ڪهڙو فرق پوي ها، ان مريم اورنگزيب کان هاڻي اهو سوال ڪرڻ مناسب لڳي ٿو ته سوات واري جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ سان عمران خان جي حڪومت تي ڪهڙو فرق پيو آهي؟ ٻي ڳالهه اها ته هي سوات وارو جلسو پ پ پ ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم مان الڳ ڪرڻ کانپوءِ پهريون جلسو هو،
هن جلسي جي ايجنڊا تي به ڪيترائي سوال پيدا ٿي پيا آهن، جنهن پي ڊي ايم جو بنياد پيپلز پارٽي پاران گهرايل ڪانفرنس ۾ پيو ان جي 26 نڪتن واري ايجنڊا هئي، جنهن ۾ بقول پيپلز پارٽي جي ته استعيفيٰ آخري نڪتو هو، هينئر جيڪي جلسا ٿي رهيا آهن اهي جلسا رڳو ڏيکاءُ آهن يا اهڙن جلسن جي ڪا ايجنڊا به آهي ڇو ته ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ سميت ڪيترن ئي نڪتن تي پي ڊي ايم وارا يوٽرن وٺي چڪا آهن، مريم نواز اهو به چئي چڪي آهي ته هاڻي استعيفائن جو فائدو ناهي، جيڪڏهن پ پ پ سميت گڏيل طور استعيفيٰ ڏجي ها ته ان جو اثر ٿئي ها ته پوءِ هنن جلسن جي آخري ايجنڊا ڇا هوندي، ٻيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ بلاول ڀٽو، ن ليگ، تحريڪ انصاف وارا جلسن ۾ آمهون سامهون هوندا، انهن جلسن جو ملڪي سياست تي ڪهڙو اثر هوندو، ان دوران ڪنهن کي ياد هوندو ته پي ڊي ايم جو موقف الڳ ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊ وارو ماحول الڳ آهي،
ايتري قدر جو شهباز شريف جيڪا اي پي سي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ پيپلزپارٽي کي به شريڪ ٿيڻو آهي ان سڄي منظر ۾ شهباز شريف پنهنجي پارٽي جي اندر ڪهڙي بيانيي سان لاڳاپيل هوندو.
ان بيانيي سان جنهن کي پارليامينٽ جي اندر واري سياست سڏجي ٿو يا جنهن کي سوات جلسي ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو، ان بيانيي سان جنهن ۾ هاڻي پيپلز پارٽي جي گنجائش ناهي يا ان بيانيي سان جنهن ۾ پيپلزپارٽي کي رات جون دعوتون ڏنيون وڃن ٿيون ان بيانيي سان جنهن ۾ نواز شريف لکت ۾ پارٽي وارن کي منع ڪري ڇڏيو هو ته اهي اسٽيبلشمينٽ وارن سان ملاقاتون نه ڪندا يا ان بيانيي سان جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ وارن کان مطالبا ڪيا پيا وڃن ته اهي اچي بريفنگ ڏين.
شهباز شريف کان پوءِ واري پي ڊي ايم جي هنن جلسن اهي به سوال اٿاريا آهن ته جڏهن پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي وارا گڏ هئا تڏهن جلسن جي سائيز ڪيتري هئي، هينئر وارو جلسو عوامي لحاظ کان ڪيڏو وڏو جلسو هو، حڪومت جا ترجمان ته چون ٿا ته جڏهن پي ڊي ايم پنهنجي جلسي جي گجرانوالا کان شروعات ڪئي هئي تڏهن اسان چيو هو ته جيڪڏهن اسٽيڊيم ڀري ڏيکارين ته اسان سياست ڇڏي ڏينداسين هنن تڏهن اسٽيڊيم ڪو نه ڀريا هاڻي ڇا ڪندا؟
هينئر واري سوات واري جلسي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پهرين جلسي ۽ هن جلسي جا منظر جاري ڪري ان ۾ فرق به سمجهايو پيو وڃي ته ڪالهه ۽ اڄ ۾ ڪهڙو فرق آهي، ساڳئي وقت پي ڊي ايم جو حڪومت سان مقابلي بجاءِ پي ڊي ايم جو پي ڊي ايم سان مقابلي وارو رستو سامهون اچي ويو آهي، هنن جلسن سان جنهن ۾ بلاول به ناهي ۽ مريم نواز به ناهي اهڙن جلسن سان حڪومت کي ته ڪا به پريشاني ناهي
ان ڪري به جو هينئر پارٽيون به ايندڙ بلدياتي چونڊن، آزاد ڪشمير جي چونڊن سميت افغانستان واري صورتحال ۾ مصروف آهن، جنهن جو مقصد عمران خان کي ڪو به لهر لوڏو ناهي، پي ڊي ايم جو هي پاور شو نه هو پر پي ڊي ايم شهباز شريف جي انٽري سميت پي ڊي ايم جي وجود جي زندهه هجڻ جو رڳو مثال هو، جنهن کي چئبو آهي کاڌو پيتو ڪجهه به نه رڳو گلاس ڀڳو ٻارنهن آنا.