پوليس اهلڪارن کي ڪڪڙ ڊوڙون لڳرائي ڇڏيون

0
310

نيويارڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪا ۾ ڪڪڙ جي پويان ڊوڙندڙ پوليس اهلڪارن جي دلچسپ وڊيو انٽرنيٽ تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.هونئن ته عام طور تي اوهان پوليس اهلڪارن کي ڏوهارين جو پيڇو ڪندي ڏٺو هوندو پر آمريڪي پوليس آفيسرن جون هڪ ڪڪڙ کي پڪڙڻ جي لاءِ ڊوڙون لڳي ويون.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار هڪ مرغي جي پويان ڊوڙي رهيا آهن. اهو دلچسپ منظر آمريڪي رياست ورجينيا جي ٽائون ملنٽن جي اسٽور جي پارڪنگ لاٽ جي آهي جتي هڪ ڪڪڙ کي آزادي سان گهمندي ڏٺو ويو جنهن تي اتي موجود ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو.پوليس ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪڪڙ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ۽ ڪافي ڀڄ ڊڪ کان پوءِ پوليس آخرڪار ڪڪڙ کي قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي جنهن کان پوءِ ان ڪڪڙ کي مالڪ جي حوالي ڪيو ويو.