زراعت زبون حالي جو شڪار

0
289

وزيراعظم پاڪستان اسلام آباد ۾“ڪسان ڪانفرنس” ۾ زراعت جي اهميت تي زوردار خطاب ڪيو. هن پاڪستان ۾ زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ چين ۽ اسرائيل جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هنن ملڪن نئين ٽيڪنالاجي، جديد مشينري ۽ ماهر آبادگارن جي ذريعي برپٽ پهاڙ آباد ڪري ڇڏيا آهن. چين سان دوستي آهي ان کان زراعت جي ترقي لاءِ مدد ۽ رهنمائي وٺڻ گهرجي. پاڪستان جي وفاقي حڪومت صوبن سان ملي جلد ڪو اهڙو اهتمام ڪري. هن وقت وطن عزيز ۾ زراعت ۽ آبادگار بي شمار مسئلن ۽ مصيبتن جو شڪار آهن جن جي حل ڪرڻ سان ئي زراعت ترقي ڪري سگهندي ۽ ملڪ به پاڻ ڀرو ٿي ويندو. بنيادي طور پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي. زراعت ملڪ جي تعمير ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. ملڪ جا ڪارخانا، ملون ۽ انڊسٽريز جي وڏي اڪثريت زراعت ۽ان سان واسطو رکندڙ ذريعن ۽ وسيلن جا محتاج آهن.
هن ملڪ ۾ هن کان اڳ ڪيترا ڀيرا معاشي مشڪلاتون آيون ۽ آمريڪا جون پابنديون به لڳيون پر اها زراعت ئي آهي جنهن اهڙين اڻٽر آفتن ۾ ملڪ ۽ قوم کي سهارو ڏنو. هن ملڪ ۾ دنيا جو عظيم درياهه سنڌو درياهه، پنجاب جون پنج نديون ۽ خيبرپختونخوا جو اباسين صدين کان ملڪ کي سيراب ڪندا اچن. هتان جي موسم سياري اونهاري خزان بهار ۾ فصلن لاءِ نهايت سازگار آهي. سج جي اس ۽ روشني به پورو سال رهي ٿي. مندائتا مينهن به پوري ملڪ ۾ وسڪارو ڪندا رهن ٿا ان ڪري پاڪستان ۾ اناج ميوات ۽ ڀاڄين جا ڪيترائي قسم اپايا ٿا وڃن. ملڪ جي اندازن ستر سيڪڙو آبادي زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ذريعن سان باعزت گذر سفر ڪري رهي آهي. يورپ جا ننڍڙا ننڍڙا ملڪ رڳو چيز ٽافيون چاڪليٽ ۽ بسڪيٽ ٺاهي ترقي يافته ملڪ ٿي ويا آهن. اسان جنهن خطي ۾ رهون ٿا جيتري زرعي زمين پاڻي هوا سج جي توانائي محنت ڪش هاري ۽ آبادگار موجود آهن جيڪڏهن ملڪ ۽ حڪومت انهن مان صحيح فائدو حاصل ڪرڻ گهري ته هي ملڪ ٽيڪسٽائل، اناج ميوات ڀاڄين، تيل گوشت مڇي مرغي کنڊ سيمينٽ ماکي ۾ نه رڳو خودڪ ڪفيل ٿي وڃي پر ٻاهران ايترو ته ناڻو ڪمائي جو ترقي ڪري ايشيا جو ٽائيگر ٿي وڃي.
افغانستان جي بدلجندڙ حالتن جو پاڪستنا تي گهرو اثر پوڻ وارو آهي. آمريڪا سرڪار وري پاڪستان لاءِ سينڪشن جو نئون پروگرام سوچي رهيو آهي. انڊيا ۽ آمريڪا جا حواري پاڪستان کي اکيون ڏيکارڻ وارا آهن پر جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي زراعت تي پورو ڌيان ڏنو ته ڪارخانا به هلندا رهندا ۽ ملڪ جون غذائي ضرورتون به پوريون ٿينديون رهنديون. فطرت ته پاڪستان تي گهڻو ئي مهربان آهي رڳو حڪومت جي شرڪت جي ضروت آهي. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پوري دنيا اندر زراعت کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي اپاءُ ورتا ويا آهن جن جي اسان جي ملڪ ۾ سخت ضرورت آهي. مون پاڻ آمريڪا ۾ هڪڙي چار ڀاتين تي فيملي کي جديد مشينري وسيلي اٺ سو ايڪڙ زمين آباد ڪندي ڏٺو. ٽريڪٽر ۾ ويهه ٿالهين واريون ٽي قطارون لڳل هيون. اناج رکڻ لاءِ ويهه پنجويهه فوٽ لوهه جون ڊگهيون گنديون هيون. نلڪن ذريعي ڦوهارو ڪري فصلن کي پاڻي ڏنو پئي ويو. هي چاليهه سال اڳ جي ڳالهه آهي هينئر ته الائي ڇا هوندو. جرمني جي پهاڙن تي انگور جا باغ ڏٺم ان ڪري وفاقي حڪومت کي جديد مشينري ۽ ٽيڪنالاجي ولايت مان گهرائڻ جو اهتمام ڪري نئين نئين ريسرچ، نوان ٻج، مشينون زرعي دوائون ۽ کاڌ مناسب اگهن تي آبادگارن کي ميسر ڪيا وڃن. ملڪ جي ضروتن ۽ برآمدي آرڊرن جي روشني ۾ ڪڻڪ ڪپهه چانور ڀاڄيون رٿا بندي سان پوکيا وڃن ته جيئن ضرورت کان وڌيڪ پيدا ڪري ضايع ڪرڻ يا کوٽ هجڻ جو خدشو نه رهي. ڪيتري نه شرم جي ڳالهه آهي جو اسان جو زرعي ملڪ ڪڻڪ کنڊ ۽ ڀاڄيون وغيره ٻاهران گهرائي،
رٿابندي نه هئڻ سبب ٽماٽو ڪڏهن پنج روپيا ڪلو ته ڪڏهن ٻه سو روپيه ڪلو هوندو آهي. اهڙي طرح کنڊ اٽو ۽ ٻيا فصل آهن. اهم فصلن جهڙوڪ ڪڻڪ چانورن کنڊ ڪپهه جي پوکڻ وقت انهن جي خريدڻ جي قيمت مقرر ڪئي وڃي ته جيئن آبادگار ان جي روشني ۾ فصل پوکين ۽ کين فصل لهڻ وقت مقرر ڪيل قيمت مطابق ادائگي ڪئي وڃي. هن وقت زراعت انڊسٽري جو درجو رکي ٿي. پوکائي گڏائي آبياري ڪٽائي مارڪيٽ تائين رسائي کاڌ دوائن ٽريڪٽر ۽ ڊيزل جي وڏن اگهن ڪري في ايڪڙ گهڻُو ئي خرچ اچي وڃي ٿو. ان کانسواءِ هي اهڙي انڊسٽري آهي جيڪا بنا ڇت کلي آسمان هيٺ مينهن طوفان سردي گرمي، سرد گرم جهولن مڪڙ جيت جيوڙن جي حملن ٻوڏ، سوڪهڙي ۽ قدرتي آفتن جو شڪار رهي ٿي ان ڪري آبادگارن جي فصل جي انشورنس هئڻ گهرجي،. ٽيوب ويلن لاءِ سستي بجلي ۽ سولر سسٽم جو انتظام ڪيو وڃي. بئنڪن کان وياج فري يا تمام گهٽ وياج تي قرض ڏنو وڃي. زراعت سان جڙيل، جانورن جو چارو ڪيٽل فارم، مرغي فارم فش تلاءُ کي ترقي وٺرائي وڃي. شگرمل وارا آبادگارن کي قرض ڳري وياج تي ڏين ٿا پر آبادگارن جي رقم هڪ يا ٻه سال رکي کين پوري رقم ادا نٿا ڪن. اهڙي طرح شهري واپاري پورو معاوضو نٿا ڏين. مڊل مين کين لٽي ڦري ٿو. فيلڊ کان مارڪيٽ تائين روڊ رستا ٽرانسپورٽ جي سهولت هجي، آبپاشي، روينيو ۽ ايگريڪلچر کاتن جو زراعت سان سڌو تعلق آهي. حد جي تپيدار آبدار ۽ زرعي فيلڊ آفيسر جي ٽيم ٺاهي انهن کي ديهون ڏنيون وڃن ته اهي آبادگارن سان ملي ميٽنگون ڪري انهن کي کاڌ زرعي دوائن، مشينري، ٻج ڀاڻ کاڌ ۽ ضروري معلومات مهيا ڪندا رهن. انهن عملدارن جي ترقي ۽ پگهارن ۾ اضافو زرعي آبادي ۾ ڪيل خدمتن مطابق ٿيڻ گهرجي.
وفاقي حڪومت سالياني بجيٽ ۾ آبادگارن لاءِ مناسب رقم رکي ۽ سندن هر طرح جي امداد لاءِ تيار رهي. ڪارخانيدارن کي ته بي شمار رعايتون ملن ٿيون پر آبادگارن کي رڳو دلاسا ۽ ڏٽا ڏنا ٿا وڃن. حالانڪه هنن آبادگارن جي دم سان ئي ملڪ جون غذائي ضرورتون پوريون آهن پر ڪارخانن جون چمنيون به هنن جي دم سان ٻرن ٿيون. اهي هاري ۽ آبادگار ماڻهو سردي گرمي واهه مينهن نانگ بلا بک بيماري ۾ به فصل آباد ڪري شهرن جا ڪارخانه فيڪٽريون ۽ ملون هلائن ٿا ته ملڪ جي پوري آبادي کي غذائي ضرورتون پوريون ڪري ڏين ٿا. زراعت جي ترقي دراصل ملڪ جي ترقي آهي.زراعت ملڪ جي تقدير بدلائي سگهي ٿي. رڳو کيس حڪومتي سطح تي مڃتا ڏني وڃي. هاري جيڪي سڄو سال پنهنجن ٻارن ٻچن سميت ان ۽ فصل اپائڻ ۾ رُڌل آهن. انهن جي بينادي حقن ۽ ضرورتن جو ترجيحي بنيادن تي پوراءُ ڪرڻ گهرجي. سندن تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، روڊ رستن، بجلي، گيس، صاف پيئڻ جو پاڻي ۽ امن امان جي سهولتن کي يقيني بنايو وڃي. لوئر سنڌ ۾ هاري پنهنجي زميندار کان لکين روپيا قرض وٺي پوک پوکي ٿو ۽ فصل لهڻ تي ادائيگي جو چوي ٿو پر اڪثر زميندار ۽ هارين جا اختلاف رهن ٿا ان ڪري هن سلسلي ۾ روينيو آفيسر مختيارڪار وٽ اهڙو تصديقي رڪارڊ رکيو وڃي. ڪارخانيدار ڪڻڪ چانور ڪپهه ڪمند تي پنج ڏهه ڪلو في مڻ ڪٽائي ڪن ٿا. سا بند ٿيڻ گهرجي. آباگارن جي تربيت جو انتظام ڪجي بئراجن ڪئنالن ۽ شاخن جي صفائي هئڻ گهرجي.
آبادگارن کي ايترو ضرور ملڻ گهرجي جنهن سان هو پنهنجا ٻچڙا پالي سگهي. بهترين آبادگارن کي انعام ۽ سندون ڏنيون وڃن. هنن جون تعلقي ضلعي ۽ صوبي جون انجمون ٺاهيون وڃن. ميڊيا تي زرعي سڌارن جا پروگرام رٿيا وڃن. ملڪ ۾ وڌيڪ زرعي يونيورسٽيون ۽ ريسرچ سينٽر کوليا وڃن جتي زراعت تي  تحقيق جاري رکي وڃي. زرعي معلومات جو لٽريچر رسالا ۽ اخبارون شايع ڪجن. آبادگارن کي تپيدارن، آبدارن، پاڻي انجنيئرن، پوليس جي لٽ مار کان بچايو وڃي. ٻهراڙين ۾ ميل کن پنڌ تي ماڊل ٽائون ٺاهيا وڃن جتي بي گهر هارين کي آباد ڪيو وڃي ته جيئن هو زميندار جي زمين تي رهڻ لاءِ محتاج نه هجن. انهن ماڊل ٽائون ۾ کين سڀ سهولتون ڏنيون وڃن. آبادگارن جا سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن. سٺن آبادگارن کي حڪومت اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏئي سوسائٽي ۽ سرڪاري جلسن ۾ عزت وارو مقام ڏنو وڃي.