غريب عوام حڪومت جي ترجيحن ۾ ڇو  شامل ناهي !؟

0
349
همت جي گهٽتائي جو نالو ئي تقدير آهي

هر سوچيندڙ ماڻھوءَ جي صبح پاڻ سان گڏ ڪيئي سوال کڻي ايندي آهي ۽ پوءِ سمورو ڏينهن انهن سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش ۾ گذري ويندو آهي.
 سرڪار جي ايجنڊا تي به ڪيئي معاملا هوندا آهن جن تي صبح کان رات دير تائين ڪم به ٿيندو هوندو پر سوال اهو آهي ته انهن سڀني معاملن توڙي ايجنڊائن ۾ عوام ڪٿي آهي؟
“عوام جي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت بهتر حڪمت عمليون جوڙي رهي آهي” ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هاڻي ته انهن ڳالهين جي لطيفن جيتري اهميت به ناهي رهي جو انهن تي کلي سگهجي.
عوام جو معيارِ زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ اها ڪهڙي شئي آهي جيڪا مهانگي ناهي ٿي!؟ اٽي، کنڊ، دالين کان ويندي ڀاڄين تائين هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي. عوام جي ڀلائي  جو سرڪار کي ايترو ته اونو آهي جو دوائن جي اگهن ۾ به رڪارڊ واڌارو آيو آهي، ٽن سون کان پنجن سون تائين ۾  ملندڙ دوائون هاڻي 9 سئو کان 15 سون تائين ملن ٿيون. غريب ماڻهو جيڪو ٻن ويلن جي رُکي سُڪي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي اهو بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ دوائون ڪيئن ۽ ڪٿان وٺي؟
ٿورڙي وقت ۾ ٻه ڀيرا پئٽرول جون قيمتون وڌيون آهن، پئٽرول جون قيمتون وڌڻ سان رڳو ڪرايا ڀاڙا  ئي نه پر عام واهپي جي سڀني شين جا اگھه به وڌي وڃن ٿا جنهن جو گهڻي کان گهڻو اثر غريب ماڻهن تي پوي ٿو. حڪومت عوام جي مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائڻ کان پوءِ به ان ئي ڳالھه کي ورجائي رهي آهي ته “عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوششون ڪري رهيا آھيون”. لڳي ايئن پيو ته اهي ڪوششون عوام جا مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ نه پر حقيقت ۾ عام ماڻهوءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿي رهيون آهن!!
جيئن جيئن عيد ويجهي اچي رهي آهي تيئن بصر، ٽماٽن، ٿوم ۽ ٻين انهن شين جا اگھه ٽيڻ چئوڻ تي وڌي ويا آهن جن جو واهپو عيد جي موقعي تي وڌيڪ ٿيندو آهي.
عوام جي نالي تي هلندڙ سموري ڪار وهنوار ۾ عوام ڪٿي به ڪونهي، بس غريب عوام جو رڳو نالو آهي باقي سڀ ڪجھه مراعات يافته ماڻهن لاءِ آهي.
غريب ۽ لاچار ماڻهن جي مسئلن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو رهي ٿو ۽ غريب جو وڌيڪ غريب ٿيڻ ۽ امير جو وڌيڪ امير ٿيڻ انصاف ۽ قانون جي عدم موجودگيءَ جو وڏو دليل آهي.
ڳالهين ۽ عمل جو مختلف هئڻ واضح نظر اچي رهيو آهي، حڪومت جي دعوائن ۽ حقيقتي صورتحال جو مختلف هئڻ سموري ڪهاڻي کي واضح ڪري رهيو آهي ته غريب ۽ بي پهچ عوام حڪومت جي اوليتن ۾ شامل ئي ناهي.
پارلياماني سياست ڪندڙ اسان جي سياسي پارٽين کي شايد اها ڳالھه سمجھه ۾ اچي وئي آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام ناهي ان ڪري عوام جي زندگي ۽ انهن جي مسئلن تي سوچڻ بجائي اُهي صرف پنهنجي طاقت ۽ اقتدار کي مضبوط رکڻ لاءِ سوچين ٿا.
وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ ٻيو ته ڪجھه نه ڪري سگهي پر هن سڀني معاملن لاءِ گذريل حڪومتن کي ذميوار قرار ڏيڻ لاءِ الزام تراشي ۾ وسان ناهي گهٽايو. ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته هنن وٽ انهي کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ناهي.
حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان ۽ سندس پارٽي جو جيڪو بيانيو هو هنن گذريل ٽن سالن ۾ سڀ ڪجھه ان جي ابتڙ ڪيو آهي. دعوائن جي باوجود اڄ تائين لوڊ شيدنگ ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي. 8 کان 12 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ معمول بڻيل آهي، پهچ وارو طبقو ته جنريٽر يا سولر سسٽم سان گذارو ڪري ٿو پر ننڍن وڏن شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ رهندڙ بي پهچ طبقو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جڏهن عام ماڻهو جي حالت اهڙي هجي ته ڪيئن مڃجي ته حڪومت وٽ عام ماڻهو جي حالت بدلائڻ جو ذرو برابر به احساس آهي؟
رياست ماءُ جهڙي هئڻ ممڪن ناهي ته به خير آهي، اسان کي اهڙي خوشفهميبه ناهي پر رياست کي ويڳي پيءُ جهڙو به نه هئڻ گهرجي، جنهن وٽ احساس نالي جي ڪا به شئي نه هجي.
اسان وٽ عام ماڻهو لاءِ صحت جون جيڪي سهولتون آهن اهي سڀني جي سامهون آهن، ڊگهي تفصيل ۾ وڃڻ بجائي رڳو ان معاملي جي جاچ ڪبي ته سرڪاري اسپتالن ۾ مسڪين ماڻهن جي نالي تي ايندڙ کاڌ خوراڪ جي بجيٽ ڪيئن ٿي خرچ ٿئي ۽ مريضن لاءِ ايندڙ دوائون ڪيڏانهن ٿيون وڃن ته افسوسناڪ صورتحال سامهون ايندي. انهن سڀني معاملن تي رڳو اخبارون ئي نه پر مختلف ٽي وي چئنلس به گهڻو ڪجھه رپورٽ ڪري چڪا آهن پر سرڪار انهن معاملن تي نوٽيس وٺڻ ۽ ڪا قانوني ڪارروائي ڪرڻ بجائي سدائين مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي.  ڇاڪاڻ ته انهن سڀني معاملن ۾ هيٺ کان مٿي تائين ڊگهي چين آهي ۽ گڏيل مفادن واري مضبوط رشتي جي ڪري سڀئي هڪٻئي جا مددگار بڻيل آهن.
حڪومت ۾ ويٺل مخلوق پاڻ کي عوام جو خادم سمجهڻ بجائي عوام جو حاڪم سمجهي ٿي ان ڪري اها عوام ڏانهن جوابده به ناهي. 
اسان وٽ جيتريون دعوائون ۽ ڳالهيون آهن انهن جي اڌ جيترو به عملي ڪم ٿئي ۽ حڪومت واقعي عوام جي اهنجن کي دور ڪرڻ لاءِ ٿورڙي به بهتر رٿابندي ڪري ته اسان جون حالتون ڪافي حد تائين بهتر ٿي سگهن ٿيون.
عام ماڻهو جون حالتون بهتر بڻائڻ لاءِ ادارن کي فعال ڪري، ميرٽ ۽ انصاف تي ٻڌل پاليسيون ٺاهجن ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪرائجي، هٿرادو مهانگائي ۽ عوام کي آزارڻ وارن عنصرن تي سخت قدم کڻجن ته ڪو به سبب ناهي جو عام ماڻهو جون حالتون بهتر نه ٿين. عام واهپي جي شين توڙي دوائن جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪنهن راڪيٽ سائنس جي ضرورت ناهي، قانون جي حڪمراني هجي ۽ ڪنهن کي غلط ڪم ڪرڻ تي نه ڇڏجي ته هٿرادو مهانگائي جو سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي.
جيڪڏهن سرڪار ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ وارا ئي چورن جي پٺڀرائي ۾ رڌل هوندا ته ڪهڙي تبديلي يا چڱائي ٿيندي!؟
جيڪڏهن اسان جي حڪومتن ۽ ارباب اختيار ڌرين کي واقعي ئي هن ملڪ جي بهتري جو ٿورو به خيال ۽ عوام جي تڪليفن جو احساس آهي ته پنهنجين سڀني پاليسين تي غور ڪرڻو پوندو. ڪرپشن، ڪوڙ، دوکيبازي، چالبازي ۽ اجاين دعوائن سان اسان ۽ اسان جو ملڪ وڌيڪ تباهيءَ ڏانهن ويندو. ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪندو ۽ دنيا ۾ وقار برقرار رکي سگهندو جڏهن  عوام خوش هوندو.