اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا چيئرمين طرفان تڪراري ڪالاباغ ڊيم جَي مُئل گهوڙي کي ٻيهر جيئارڻ جِي ڪوشش، پاڻي بابت قومي اسيمبلي جِي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جَي اجلاس دوران ارسا چيئرمين رائو ارشاد تڪراري ڪالا باغ ۽ ڀاشا ڊيم جِي اڏاوت اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو، ارسا چيئرمين چيو آهي ته هر سال 28 ايم اَي ايف پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو، نوان ڊيم نه ٺهيا ته صوبا پاڻ ۾ وڙهندا رهندا، اسان کان وڌيڪ بيوقوف ڪير ناهي جو پاڻي ضايع ڪريون ٿا، پر اُن جَي استعمال لاءِ ڊيم نٿا ٺاهيون، ڪاميٽي جَي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر چيو ته توهان ڪنهن کي بيوقوف سڏيو، پنهنجا لفظ واپس وٺو، ارسا چيئرمين لفظ واپس وٺي ڇڏيا، ارسا ۾ سنڌ جَي نمائندي زاهد جوڻيجو چيو آهي ته ارسا طرفان پاڻي جا انگ اکر ٽوڙي مروڙي پيش ڪيا پيا وڃن، سنڌ 17 بدران 22 سيڪڙو پاڻي جِي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، اسان کي ڪوٽا جو اضافِي 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي به نٿو ڏنو وڃي.قومي اسيمبلي جي پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر جي صدارت ۾ ٿيو. پنجاب سان تعلق رکندڙ ارسا چيئرمين رائو ارشاد هلندڙ خريف لاءِ پاڻي کوٽ بابت ارسا جو ڪاٿو غلط ثابت ٿيڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ارسا آڳاٽي خريف دوران 10 سيڪڙو پاڻي کوٽ جو تخمينو لڳايو هو، جنهن کان کوٽ وڌيڪ ٿي، هن چيو ته پنجاب کي پهرين اپريل کان 30 جون 2021ع تائين حصي کان 15 سيڪڙو ۽ سنڌ کي 17 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو. بلوچستان کي حصي کان 26 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخوا کي 33 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي مليو. سيزن دوران کوٽ 10 سيڪڙو بجاءِ 27 سيڪڙو ٿيندي. ارسا چيئرمين چيو ته پيئڻ لاءِ پاڻي به صوبن جي حصي ۾ شامل آهي، هن چيو ته هر سال 28 ايم اي ايف ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي وڃي ضايع ٿئي ٿو، هر سال 14 ارب ڊالرن جون پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، 45 سالن ۾ 600 ارب ڊالرن جو پاڻي سمنڊ ۾ اڇلايو ويو آهي. سنڌ جي ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن اسلم انصاري چيو ته ارسا 1991ع جي پاڻي ٺاهه بجاءِ تاريخي فارمولي جي بنياد تي پاڻي ورڇ ڪري ٿي جنهن سان سنڌ کي حصي کان 5 ايم اي ايف پاڻي گهٽ ملي ٿو، 20 سالن کان ائين ڪيو پيو وڃي ۽ ان سان سنڌ کي 100 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي 5 هزار ڪيوسڪس روزانو ڏيڻو آهي، جيڪو نه ٿو ملي، هن هلندڙ خريف دوران 30 جون تائين 17 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملڻ وارن انگن اکرن کي رد ڪندي چيو ته سنڌ کي 17 نه پر 22 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو آهي. قومي پاڻي پاليسي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي پهرين اوليت ڏني وئي آهي پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي. انگ اکر ٽوڙي مروڙي ٻڌايا پيا وڃن. سنڌ جي آبپاشي کاتي جو موقف هو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سال جي 12 مهينن مان رڳو 2 مهينا پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو، باقي 10 مهينا ڊائون اسٽريم سڪل رهي ٿي. سنڌ کي حصي تحت جڙندڙ پاڻي کان محروم رکيو ويو آهي، هن چيو ته ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ پاڻي ڇڏڻ واري مامري تي به 2005ع کان عمل نه ٿيو آهي، ارسا ڪو به پاڻي ورڇ جو پنهنجو فارمولو تيار نه ٿي ڪري سگهي، نه ئي 1991ع جي پاڻي ٺاهه کي تبديل ڪري سگهي ٿي، ارسا هسٽاريڪل يوزز تحت پاڻي ورڇ جو فيصلو ڪيئن ڪري رهي آهي؟ هن چيو ته 72 کان 82 تائين اسٽوريج ٺهي رهيا هئا، ان دوران سنڌ کي گهٽ ۾ گهٽ پاڻي مليو، جيڪڏهن ان مدت دوران سنڌ کي مليل پاڻي کي به شامل ڪجي ته هسٽاريڪل يوزز تحت پاڻي جي تقسيم سان سنڌ کي 5 ايم اي ايف پاڻي گهٽ ڏنو پيو وڃي. ارسا چيئرمين جو چوڻ هو ته 70 سيڪڙو پاڻي جولاءِ کان آگسٽ ۾ اچي ٿو، باقي مهينن ۾ رڳو 30 سيڪڙو پاڻي اچي ٿو، جن مهينن دوران پاڻي گهٽ اچي ٿو ان دوران پاڻي جي گهرج ڊيمن ذريعي پوري ڪئي وڃي ٿي، هن سال صورتحال خراب هئي، اسان وٽ اپريل ۽ جون ۾ پاڻي نه هو، هن چيو ته سنڌ وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پر ان لاءِ 3 ڊيم ٺاهڻا هئا، جنهن سان اضافي پاڻي ملي پئي سگهيو، پر ڊيم نه ٺهيا، اسان پاڻي سمنڊ ۾ اڇلائيندا رهياسين، جيستائين ڊيم نه ٺهندا، اسان نه ٻوڏ کان نه پاڻي کوٽ کان بچي سگهنداسين، هن دعويٰ ڪندي چيو ته گذريل 40 سالن دوران ملڪ اندر آباد ٿيندڙ زمين جي ايريا نه وڌي آهي، هن چيو ته ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ 5 هزار ڪيوسڪس روزانو پاڻي ڇڏڻ جي ماهرن سفارش ڪئي هئي ان سان گڏ اهو به چيو هو ته ان لاءِ ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي، پر صوبن ڊيم تي اتفاق نه ڪيو، اسان کان وڌيڪ بيوقوف قوم ڪا هوندي، اسان پاڻي ضايع ڪريون پيا، هاڻي به اسان 20 ايم اي ايف پاڻي گڏ ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم، اکوڙي ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم نه ٺهندا ته پاڻي ضايع ٿيندو رهندو ۽ پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿيندو، جيستائين انهن ڊيمن جي تعمير جو مسئلو حل نه ٿيندو پاڻي جو ملڪ اندر مسئلو حل نه ٿيندو، اسان کي پهريان ڪالاباغ ڊيم، پوءِ اکوڙي ۽ پوءِ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ گهرجي ها، ڇو ته ڀاشا سڀ کان مٿانهين علائقي تي آهي،هن چيو ته جيستائين ڊيم نه ٺهندا اسان ائين وڙهندا رهنداسين، توهان ڊيمن ٺاهڻ جي مخالفت ڪريو ٿا، پوءِ پاڻي ڪٿان ڏينداسين، ڇا هڪ ڀاءُ جيڪا ماني کائي ٿو ان کان گرهه کسي ٻين کي ڏينداسين، جنهن تي ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر چيو ته توهان بيوقوف ڪنهن کي چيو پنهنجا لفظ واپس وٺو. جنهن تي ارسا چيئرمين پنهنجا لفظ واپس ورتا. پي ٽي آءِ جي سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبر نزهت پٺاڻ چيو ته صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ جي حوالي سان اعتماد بحال ڪرڻ ارسا جي ذميواري هئي، ارسا 91ع جي پاڻي ٺاهه تي عمل نه ڪري رهي آهي، ڊيمن جي مخالفت اعتماد نه هجڻ ڪري آهي، ڪالاباغ ڊيم جي ننڍپڻ کان مخالفت ڪريون ٿا، ان سان سنڌ ۽ ڪي پي ڪي سڪي ويندا، ارسا 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي ايمانداري سان عمل ڪري ها ته اختلاف نه ٿين ها. ڪاميٽي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر چيو ته ڀاشا ڊيم تي ته وڏي عرصي کان صوبن ۾ اتفاق آهي پوءِ اهو ڊيم ڇو نه ٺهيو آهي، صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ واري مامري تي اعتماد ائين ختم نه ٿيو آهي، ارسا ۾ چئن صوبن مان 3 صوبا ٽي پي لنڪ ڪينال نه کولڻ جي راءِ ڏين ٿا پر ان باوجود ٽي پي لنڪ ڪينال کي کوليو وڃي ٿو، اهي لنڪ ڪينال فلڊ وقت وهڻا هئا. ارسا چيئرمين چيو ته پنجاب جا سي جي ۽ ٽي پي سوڌو سمورا لنڪ ڪينال آهن فلڊ ڪينال ناهن، سنڌ جي آبپاشي عملدارن چيو ته اهي فلڊ ڪينال آهن، ارسا چيئرمين جو چوڻ هو ته ارسا جي قيام کان اڳ ايڊهاڪ بنيادن تي پاڻي ورڇ ٿيندي هئي. 1984ع ۾ سي جي لنڪ ڪينال بابت اختلاف ٿيا، فيصلو به ٿيو پر 1991ع جي پاڻي ٺاهه کان پوءِ اهي فيصلا ختم ٿي ويا، پنجاب مان آيل پي ٽي آءِ جي ميمبر علي نواز شاهه ارسا چيئرمين مٿان تنقيد ڪندي چيو ته هڪ طرف ارسا چيئرمين چئي رهيو آهي ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه کان پوءِ پراڻا فيصلا ختم ٿي ويا آهن ته پوءِ تاريخي يوزز جي بنياد تي پاڻي ورڇ ڇو ٿي رهي آهي؟ڪاميٽي جي چيئرمين فيصلو ڪندي چيو ته سي سي آءِ کي ڪاميٽي پاران خط لکيو ويندو، پاڻي ورڇ ٿري ٽيئر فارمولي تحت ٿيڻ وارو مامرو هڪ سال کان سي سي آءِ ۾ آهي، سي سي آءِ کي ان مامري تي اجلاس طلب ڪري فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو ويندو.