اسلام آباد: اٽارني جنرل آف پاڪستان صوبن ۾ هلندڙ پاڻي تڪرار سياسي قرار ڏئي ڇڏيو، اٽارني جنرل پاران پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ اٽارني جنرل چيو آهي ته چئني صوبن جي موقف جي جائزي کان پوءِ منهنجو اهو موقف آهي ته صوبن وچ ۾ پاڻي تقسيم جو مامرو قانوني مامري کان وڌيڪ سياسي مسئلو آهي، جنهن کي قانوني بنيادن بجاءِ صوبن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته اٽارني جنرل انور منصور خان جي رپورٽ باوجود صوبن وچ ۾ پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ۽ صوبن جا مختلف موقف سامهون آيا، اٽارني جنرل سي سي آءِ کي وڌيڪ رهنمائي ۽ هدايتن لاءِ مامرو موڪليو آهي، سي سي آءِ جي جواب جو انتظار آهي. ڪاميٽي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر اٽارني جنرل جي نمائندي کي چيو ته اٽارني جنرل ايندڙ اجلاس ۾ قانوني موقف پيش ڪري، رپورٽ اچي چڪي آهي، صوبن کي پاڻي ٺاهه تحت حق ملڻ گهرجي. جڏهن ته اٽارني جنرل جي ٽه رخي فارموي تحت پاڻي جي ورڇ 1991ع جي ٺاهه جي خلاف قرار ڏيڻ واري تحريري رپورٽ سي سي آءِ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ڪالهه اٽارني جنرل پاڪستان ڪاميٽي ۾ پاڻي ورڇ بابت لکت ۾ موقف پيش ڪيو.