ڳوٺاڻي ڇوڪري 82 لک سبسڪرائبر حاصل ڪري يوٽيوب سپراسٽاربڻجي وئي

0
300

بيجنگ (دلچسپ نيوز) لي زيڪوئي سان ملو ان جي عمر 29 سال آهي ۽ ان جو تعلق چين جي هڪ ننڍي ڳوٺ سان آهي. ان جو پنهنجي نالي سان هڪ يو ٽيوب چينل به آهي جنهن جي سبسڪرائبرز جو انگ 82 لک جي ويجهو پهچي چڪو آهي. ان جي چينل تي صرف 100 کان ڪجهه وڌيڪ وڊيوز موجود آهن پر هر وڊيو تقريبن هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ ڀيرا ڏسجي چڪيون آهن.ڏٺو وڃي ته ان وڊيوز ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي هوندو جنهن کي(تمام گهڻو اهم) قرار ڏئي سگهجي. ان جي ابتڙ لي زيڪوئي جي هر وڊيو ۾ چين جي ڳوٺاڻي طريقي جي سادي زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن پهلو کي صرف ڪجهه منٽن جي دوران پيش ڪيو ويندو آهي. ان پهلوئن ۾ چين جي ٻهراڙين ۽ مختلف ڳوٺن ۾ ڪيل گهريلو قسم جا ڪم، روزاني جا کاڌا شامل آهن.جنهن کي رڌڻ جون ساديون ۽ آسان ترڪيبون ٻڌايون وينديون آهن. ڪجهه وڊيو ۾ ڳوٺ جي ماڻهن جو پاڻ ۾ ملڻ جلڻ جا منظر هوندا آهن ته ڪڏهن زمين تي ڪم ڪندڙ هارين جا نظارا. هڪ اڌ وڊيو ۾ ماڻهو چين جي موسيقي به ٻڌي رهيا آهن اها وڊيو پنهنجي ان سادگي ۽ خوبصورتي جي ڪري يو ٽيوب مداحن ۾ ايتري پسند ڪئي پئي وڃي جو چيني حڪومت لي زيڪوئي کي دنيا ۾ چيني ڪلچر کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو خير سگالي سفير(گُڊولِ ايمبيسيڊر) مقرر ڪري ڇڏيو آهي.ان کان پوءِ ان جي ڪيترين ئي وڊيوز ۾ انگريزي سب ٽائٽلز شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن ٻين ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهو به لي زيڪوئي جي مدد سان چيني تهذيب ۽ خاص ڪري اتان جي ڳوٺاڻي زندگي کي بهتر طور تي سمجهي سگهن ۽ چين جي باري ۾ ان جي اجنبيت گهٽ ٿي سگهي.