اسلام آباد: ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس 8 جولاءِ تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ۽ تربيلا ۾ پاڻي جي موجودگي تي به غور ڪيو ويندو، ارسا جي طلب ٿيل هنگامي اجلاس ۾ سنڌ سوڌو چئني صوبن جا آبپاشي ۽ زراعت کاتي جا سيڪريٽري ۽ ارسا ۾ چئني صوبن جا ميمبر، وفاق جو ميمبر ۽ واپڊا جا نمائندا شرڪت ڪندا.