انسانيت جي تذليل بند ٿيڻ گهرجي

0
241
وحشي ۽ دردناڪ بڻجي ويل سماج

الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات بڻائي سڀني کان افضل ۽ اعليٰ درجو عطا ڪيو آهي. ھڪ انسان جي عظمت ۽ شان َاِھو آھي ته اُھو سڀني مخلوقن کان بھتر آھي جيئن ھڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي ھڪ مؤمن مسلمان جي عظمت ڪعبت الله کان وڌيڪ بيان ٿيل آهي پر افسوس ته اڄ ڪلھه اسان جي معاشري ۾ ھر پاسي انسانيت جي تذليل، انھن جو قتل عام ڏينھون ڏينهن وڌي رهيو آهي ھر طرف انسانيت جي تذليل جا واقعا ڏسڻ ٻڌڻ ۾ اچي رھيا آھن جن کي بيان ڪجي ته اخبارن جا صفحا ڀرجي ويندا.

                 جيڪڏھن ھلندڙ ھفتي سنڌ پنجاب جي ٻن واقعن تي نظر ڪجي ته خبر پئجي ويندي ته انسانيت جي ڪيڏي نه وڏي تذليل ٿي آهي يا ھٿ سان انسانيت جي عظمت کي لڄايو ويو آهي. ڪراچي کان ڪي اين شاھه ڏانھن سفر ڪندڙ برسات متاثرين جي ڪوچ کي باھه لڳڻ ڪري ھڪ ئي خاندان جا 19 گھر ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا برسات متاثرين ھٿرادو ٻوڏ کان بچي ويا پر افسوس ته جڳاڙي طريقي ۽ بنا پرمٽ جي روڊ تي ھلندڙ ناڪارا گاڏين جي حادثن کان نه بچي سگھيا، مطلب ٻڏڻ کان بچي ويا پر سڙڻ کان نه بچي سگھيا. گھروارن کي پنھنجي اباڻي ڳوٺ شھر ڏانھن واپسي جي ڪيڏي نه خوشي ھوندي آھي اھا خوشي اھو پرديسي سمجھي سگھي ٿو جيڪو مشڪل حالتن ۾ پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي زبردستي جلاوطن ڪيو ويو ھجي. ڪوچ کي  وائرنگ مان باھه لڳڻ ڪري صرف ھڪ خاندان برادريءَ جو نقصان نه ٿيو پر حقيقت ۾ پوري انسانيت جو نقصان ڏسڻ ۾ آيو. ايڏي وڏي  واقعي کانپوءِ ھميشھ وانگر ھن دفعي به وقت جي حڪومتن  صرف رسمي بيان جاري ڪري اعليٰ سطحي جي جاچ ڪرڻ جا ڪوڙا  آسرا ڏئي وقتي طور تي متاثرين سان ھمدردي جو اظھار ڪيو آھي،

پر حقيقت ۾ ان واقعي جو ڪجھه نه ٿيندو بس ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ايئن ئي اھو واقعو وسري ويندو جيئن ٻيا واقعا وقت جي حڪومتن کان وسري ويل آهن پر افسوس ان ڳالھه جو آهي ته معاشري اندر روزاني جي بنياد تي سرڪاري سطح تي يا عوامي سطح تي انسانيت جي تذليل جا واقعا وڌي رهيا آهن پر اڄ تائين انھن جا جوابدار قانون جي پڪڙ کان بچي ويندا آهن. پوءِ ڀلي اھي جوابدار افغانين جي صورت ۾ ھجن يا وري ڀوتارن سردارن جي شڪل ۾ ھجن بس انسانيت جا قاتل ھميشھ قانون کان مٿانهون ڇو بڻجي ويندا آهن؟ ڪيڏي نه وڏي افسوس جي ڳالھه آهي ته ڪوچ کي باھه لڳڻ جو وڏو واقعو پيش آيو آهي هيترا ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ٽرانسپورٽ جو وزير متاثرين وٽ ڏک ونڊڻ لاءِ ته نه پھچي سگھيو آهي پر ان واقعي بابت  رسمي بيان به نه ڏئي سگهيو آهي مطلب ته وزيرن مشيرن اقتداري ماڻھن وٽ انسانيت جي ڪا اھميت حيثيت نه رھي آھي يا اقتدار جي نشي ۾ انھن جي اندر جو ضمير مري چڪو آهي جو ايڏي واقعي تي خاموش بڻجي چپ جو روزو رکيل آهن.

اِھا سڀني کي خبر آهي ته وزيرن مشيرن جي بيان سان شھيد ٿيندڙ واپس نه اچي سگھن ھا پر انھن جي وارثن سان ھمدردي جا ٻه ٻول انھن جي جيءَ جهوريندڙ واقعي جي صدمي ڏک درد کي گھٽ ضرور ڪري سگھن ھا پر اسان جي معاشري ۾ سرڪاري سطح تي متاثرين سان ھمدردي ڪرڻ انھن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھڻ کي عيب سمجهيو ويندو آهي. ھميشھ رياست اھڙن واقعن تي صرف ھڪ ٻن ڏينهن جي لاءِ متاثرين سان ھمدردي ڪرڻ لاءِ ڏسڻ ۾ ايندي آهي پوءِ منظر تان ايئن غائب ٿي ويندي آهي جيئن ملڪ مان انصاف گم ٿيل آهي. حقيقت آهي ته نوري آباد واقعي جا متاثرين وقت جي حڪومتن کان نه اقتدار جو حصو گھري رھيا آھن نه وري امداد ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن پر انھن جو ھڪ ئي مطالبو آهي ته ان واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ھڪ ھفتي اندر جوابدارن کي سخت سزا ڏئي کين عبرت جو نشانو بڻايو وڃي جيئن اڳتي هلي ڪنھن جو گھر خاندان تباھه برباد نه ٿي سگهي، پر ان واقعي جي صورتحال کي ڏسي ايئن ٿو لڳي ته ھي واقعو به ٻين واقعن جيان ڪجھه ڏينهن ميڊيا جي زينت بڻجڻ کان پوءِ منظر تان گم ٿي ويندو. ھن ھفتي جو وڏي مان وڏو ٻيو افسوسناڪ سراپا انسانيت جي تذليل تي ٻڌل واقعو پنجاب جي شھر ملتان ۾ سامھون آيو آهي جنھن انسانيت جا ليڪا لتاڙي حساس دل رکندڙ انسانن جي دلين کي جھورِي ڇڏيو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ انسانيت جي ايڏي وڏي تذليل نه ٿي آهي جھڙي ملتان جي شھر نشتر اسپتال ۾ مري ويل لاشن جي تذليل ڪئي وئي آهي جتي 500 جي لڳ ڀڳ انسانن جي لاشن کي اسپتال جي ڇت تي اڇلايو ويو، جنھن ۾ اسپتال جي انتظاميا سان گڏ ڀر واري ٿاڻي جي پوليس برابر جي ملوث نظر اچي رهي آهي.

ڪيڏي وڏي افسوس جي ڳالھه آهي ته معاشري اندر پڙھيل لکيل ڊگري يافته ماڻھن وٽ انسانيت جي ڪا اھميت ئي ناهي. آفيسرن کي خبر ھجڻ باوجود لاشن کي اسپتال مٿان ڦٽو ڪندا ويا جنهن جو تعداد 500 تائين وڃي پهتو پر افسوس ته ايڏي وڏي واقعي تي وقت جي حڪومت پاران صرف  رپورٽ طلب ڪرڻ جا بيان سامهون اچي سگھيا آهن، باقي عملي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ڪا به سنجيدگي ڏسڻ ۾ نه اچي رهي آهي. مطلب ته انسانيت جي ايڏي وڏي لتاڙ تذليل ڪندڙ قانون جي ڪٽهڙي کان بچي ويندا ذميوارن کي ڪا سزا نه ملي سگهندي. ملتان واقعي مان ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته وڏن ماڻهن پڙھيل لکيل ڊگري يافته آفيسرن وٽ انسانيت جي ڪا حيثيت ئي ناهي رھي. اھي غريبن مسڪينن کي عام انسان سمجھڻ جي لاءِ تيار نه آهن. معاشري جي حقيقت آهي ته اڄ ڪلھه جا پڙھيل لکيل ماڻھو غريبن کي انسان سمجھڻ کي عيب سمجھن ٿا جيڪو افسوسناڪ  لمحو آهي. جيڪڏهن انسانيت جي توھين تذليل جا واقعا بند نه ٿي سگهيا ته ايندڙ حالتن ۾ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو جنھن کي ھينئر سان روڪڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. حقيقت آهي ته انسان پڙھڻ جي لاءِ گھڻيون ڊگري حاصل ڪري سگهي ٿو پر انسانيت کي  پڙھڻ يا سمجھڻ جي لاءِ ڪا ڊگري حاصل نٿو ڪري سگهي جيڪو افسوسناڪ عمل آهي تعليم کان وڌيڪ انسانيت جي حيثيت اھميت وڌيڪ آهي.

[email protected]