عدم تحفظ جو احساس، ذميوار ڪير ؟

0
244
مھانگائيءَ جي ٻوڏ ۾ لڙھندڙ عوام ۽ تماشو ڏسندڙ حڪمران

پاڪستان اندر مختلف وقتن تي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ذريعي اسپتالن مان تازي ڄاول ٻارڙن جي اغوا ٿيڻ واريون خبرون سامھون اينديون رھيون آھن، اِن قسم جو واقعو پيش اچڻ کان پوءِ انتظاميا حرڪت ۾ ايندي آھي جنھن مان ايئن لڳندو آھي ته اِن کان اڳ انتظاميا اِن قسم جي واقعن کي روڪٿام لاءِ نه تيار ھوندي آھي ۽ نه ئي وري اھڙا اُپاءٌ ورتا ويندا آھن جن سان ٻارڙن کي اغوا ڪندڙ جو چڱي ريت پتو پئجي سگھي.

                 سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر جي غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليچ ٽيچنگ اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ مان 13 آڪٽوبر تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ واسي 16 ڏينھن جو معصوم ٻارڙو غالب حسين ولد محمد موسي گولو پراسرار نموني آءِ سي يو وارڊ مان اغوا ٿي ويو، پڙھندڙ کي ٻڌائيندو ھلان ته ڄاڻايل وارڊ ۾ ڪنھن کي به وڃڻ جي اجازت ناھي ھوندي، اِن باوجود اِن وارڊ مان آسانيءَ سان ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو، جنھن متعلق ڊيوٽي تي موجود عملي توڙي اُتي داخل ھڪ عورت جو چوڻ آھي ته ھڪ نامعلوم عورت جيڪا اُن ٻارڙي جي پاڻ کي ماسي سڏرائي پئي اُھا پھرين ڏينھن کان موجود ھئي ۽ اُھا ئي اُن ٻارڙي کي اغوا ڪري کڻي وئي آھي، آءِ سي يو وارڊ مان اغوا جي خبر باھه جيان پکڙجي  وئي. پوليس پھچي ابتدائي طور تي وارڊ جي 10 ڄڻن تي مشتمل عملي کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پوءِ ڇڏي ڏنو، اھڙي طرح ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ، ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر رفيق ميمڻ، ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي، وارڊ انچارج ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ ۽ ٻين سان گڏجي وارڊ جو دورو ڪيو، پوليس ڊاڪٽرن، نرسن ٻئي عملي توڙي اسپتال ۾ داخل مريضن ۽ اغوا ڄاڻايل ٻارڙي جي وارثن جا به بيان رڪارڊ ڪيا، نيٺ 15 آڪٽوبر تي معصوم ٻارڙي جي اغوا جي ايف آءِ آر سي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي جنھن ۾ پراسرار نموني اغوا ٿي ويل معصوم نينگر جي ڏاڏي عبدالغني گولو وارڊ جي انچارج سينيئر ڊاڪٽر ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ، ڊاڪٽر خادم منگي، ليڊي ڊاڪٽر قرت العين، ڊاڪٽر ماھين، اسٽاف نرس صائمه قريشي، ڊاڪٽر علي حيدر ميمڻ، ٽيڪنيشن انور علي چنو، وارڊ بواءِ عطاءٌ اللھ ميراڻي، بشير پٺاڻ، سيڪيورٽي گارڊ اظھار سھتو کي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪندي ڄاڻايو ته جوابدارن ھم صلاح ٿي ڪنھن نامعلوم جوابدار سان گڏجي اسان جي معصوم ٻار کي اغوا ڪرايو آھي. پراسرار نموني اغوا واري واقعي کانپوءِ ٻارڙي جي وارثن ۾ ته غير محفوظ ھجڻ جو احساس موجود ھو، پر جڏھن ڊاڪٽرن توڙي عملي مٿان ايف آءِ آر داخل ٿي ته انھن به پاڻ کي غير محفوظ قرار ڏئي پنھنجو ڀرپور نموني دفاع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جي ايم سي جي فيڪلٽي ميمبرز، پي ايم اي، پيرا ميڊيڪل توڙي نرسنگ اسيوسئيشنز طرفان گڏيل گڏجاڻيءَ ڪوٺائي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ واري معامري تي غور ويچار ڪيو ويو، جنھن بعد متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته او پي ڊيز، آپريشنز جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪيو ويندو، ٻارڙن واري وارڊ ۾ داخل غريب، بي پھچ مريضن جي ٻارڙن کي ٻين اسپتالن ڏانھن ريفر ڪيو ويندو ۽ گڏجاڻي بعد ايئن ئي ٿيو. سکر سول اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ سکر، خيرپور، گھوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد سميت ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ بي پھچ ماڻھو پنھنجن ٻچڙن جي علاج لاءِ پھچندا آھن ۽ روزانو  100 کان 120 ٻارڙن کي طبيعت خراب ھجڻ ڪري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويندو آھي.

گذريل ٻن ڏينھن کان صرف ۽ صرف ايمرجنسي ۾ مريضن جو علاج ھلندڙ آھي باقي اسپتال ۾ داخل مريض توڙي مختلف بيمارين ۾ مبتلا علاج لاءِ  سکر سميت ٻين ضلعن کان ايندڙ مريض صحت جي سھولتن کان وانجھيل آھن. 18 آڪٽوبر اڱاري واري ڏينھن سول اسپتال ۾ 50 کان وڌيڪ مريض عورتن توڙي مردن جا آپريشن ٿيڻا ھئا جيڪي به ملتوي ڪيا ويا. جڏھن ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي کان مريضن جو احساس نه ھجڻ واري سوال پڇيو ويو ته انھن جو چوڻ آھي سنڌ حڪومت توڙي انتظاميا کي مريضن جو احساس ناھي، اسان جو ڪم سيڪيورٽي ناھي، اسان ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ توڙي بھتر صحت جون سھولتون ڏيڻ لاءِ ھِتي موجود آھيون پر پوليس پنھنجي ڪوتاھي، لاپرواھي لڪائيندي ڊاڪٽرن سميت ٻئي عملي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي، اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي، ايس ايس پي سکر کي نامعلوم عورت خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ معامري جي گھڻ رخي جاچ لاءِ واقعي واري ڏينھن ليٽر لکيو، پر نامعلوم عورت خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بجاءِ سينئير ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، اغوا ٿي ويل ڪنڌڪوٽ ڪشمور واسي 16 ڏينھن جي معصوم نينگر غالب حسين متعلق ٻڌايو پيو وڃي ته سندس طبيعت انتھائي خراب ھئي، ويھڻ واري جاءِ تان رت وهي رهيو هو،رت ضايع ٿيڻ سبب ڊاڪٽرن طرفان وارثن کي رت جو بندوبست ڪرڻ لاءِ به چيو ويو ھو، ماھر ڊاڪٽر معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪڏھن ٻارڙي کي کنڀڻ کان پوءِ اسپتال داخل نه ڪرايو ويو ھوندو ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جا امڪان آھن. معصوم ٻارڙي جي اغوا متعلق ايس ايس پي سکر توڙي ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ طرفان لڳ الڳ ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون آھن پر ھن وقت تائين ٻارڙي جي بازيابي عمل ۾ ناھي اچي سگھي، بيمار معصوم ٻارڙي کي اغوا ڪندڙ جو پتو لڳائڻ ۾ پوليس مڪمل طور تي ناڪام آھي. اِن قسم جي واقعن کان پوءِ عدم تحفظ جو احساس وڌي ويندو آھي. چاھي اُھو مريض ھجي يا اُن جو خاندان، يا وري ڊاڪٽرز يا صحت جو عملو ! پر سوال اِھو آھي ته تحفظ ڏيڻ ڪم ڪنھن جو آھي؟ ھِتي اسٽيٽ به پاڻ کي غير محفوظ سمجھي ٿي، وزير، مشير سرڪاري سيڪيورٽيءَ سان گڏ پنھنجن اعتماد وارن پرائيويٽ ماڻھن کي به سيڪيورٽي لاءِ رکن ٿا، چوندا آھن ته سرڪاري آفيسر عوام جا نوڪر ھوندا آھن پر حقيقت اُن جي ابتڙ آھي. سرڪاري اسپتالن ۾ غريب، پورھيت توڙي بي پھچ ماڻھو علاج لاءِ پھچن ٿا، پيش آيل ھڪ واقعي کي حل ڪرڻ بجاءِ ان قسم جي عمل سان وڌيڪ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿينديون، ڇو جو ڪافي ضلعن کان انتھائي خطرناڪ صورتحال ۾ ٻارڙن کي سکر اسپتال آندو ويندو آھي، جيڪڏھن وقت سر انھن کي آڪسيجن يا داخلا جي سھولت نه ملندي ته اُھي موت جي ور چڙھي ويندا. تنھن ڪري سنڌ جي وڏي وزير سميت حڪومتي اختيارين کي عرض ڪجي ٿو ته سرڪاري اسپتالن ۾ بائيڪاٽ وارو عمل مڪمل طور تي ختم ڪرايو وڃي, اختيارين ۽ ملازمن وچ ۾ ڪنھن معامري تان مسئلا  ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن نه ڪي غريب ۽ بي پھچ لاچار ماڻھن جون حياتيون کسي پنھنجي پنھنجي طاقت ڏيکارڻ گھرجي.