شي جنپنگ، چين ۽ دنيا … ذوالفقار علي

0
219

   2012ع شي جنپنگ چين جي اڳواڻ طور سامهون آيو. شي هڪ ئي وقت چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري، ملڪ جو صدر ۽ چيني مرڪزي ملٽري ڪميشن جو چيئرمين (ڪمانڊر ان چيف) آهي. هي ٽئي عهدا هڪ شخص وٽ هجڻ سان ان جي بي پناهه طاقت جو مظهر آهن. شي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 18 هين قومي ڪانگريس 2012ع ۾ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ۽ ٻيهر 2017ع ۾ 19هين قومي ڪانگريس ۾ ساڳيو عهدو  ۽ صدارت ۽ فوجن جو ڪمانڊر ان چيف به رهيو. چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آئين مطابق ڪوبه اڳواڻ ٻن مُدن کان وڌيڪ جنرل سيڪريٽري ٿي نه ٿو سگهي. هيءَ تبديلي مائوزي تنگ جي وفات کانپوءِ جديد چين جي ٻئي وڏي اڳواڻ ڊينگ شيائو پنگ جي اڳواڻيءَ ۾ چيني ڪميونسٽ اڳواڻن ڪئي هئي ڇو ته مائو تاحيات اڳواڻ هئڻ ڪري ڪيترن ئي مسئلن کي پيدا ڪيو تنهن ڪري ان عهدي ۽ ان سان گڏيل ٻن عهدن کي ٻن مدن تائين محدود ڪيو ويو. 16 آڪٽوبر 2022ع کان چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 20هين ڪانگريس ٿي رهي آهي ۽ دنيا ۾ بحث ٿي رهيو آهي ته شي جنپنگ ٽيون دفعو يا تاحيات چيني اڳواڻ طور چونڊجي ويندو. ان حوالي سان ان تي به بحث ٿي رهيو آهي ته شي جي ڏهه سالن جي دور ۾ چين ۽ دنيا تي شي جي پاليسين جو ڪهڙو اثر پيو.؟

شي جي دور ۾ چين ۾ تمام گهڻيون تبديليون آيون. ڊينگ جي دور ۾ جيڪي معاشي تبديليون آيون انهن جي ڪارڻ چين بي پناهه ترقي ڪئي. تقريبن 30 سالن تائين چين جي جي ڊي پي 10 سيڪڙو ساليانو جي حساب ترقي ڪئي ۽ ستر ڪروڙ چيني غربت مان نڪري آيا ۽ گذريل اٺن سالن ۾ 10 ڪروڙ وڌيڪ چيني غربت مان نڪتا.

مائو کانپوءِ چيني اڳواڻن ڊينگ، جيانگ ذيمن ۽ هوجنتائو جي دورن ۾ به اها ساڳي تيز رفتار ترقي جاري رهي. جيئن ته چين ۾ حڪومت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آهي تنهن ڪري مائو جي زماني کان پارٽي جو اثر هر شعبي تي رهيو آهي پر ڊينگ کان هوجنتائو تائين جيتوڻيڪ ترقي ته شاندار ٿي پر ڪميونسٽ پارٽي چين ۾ غير موثر ٿيندي وئي. پارٽيءَ جي ميمبر شپ ته وڌندي رهي پر پارٽي ريڊيڪل نه رهي. پارٽيءَ جي ميمبرن تي گرفت به گهٽجندي وئي ايستائين جو پارٽيءَ جا ميمبر مذهبي ڪمن ۾ به لڳا پيا هئا. ٻڌ ڌرم، اسلام ۽ داؤازم ۽ عيسائيت وارين سرگرمين ۾ به ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ميمبر ۽ عهديدار مصروف رهندا هئا، نظرئي کان لاتعلق ٿيندا ويا ۽ ڪرپشن ۽ ٻين سماجي براين ۾ به ملوث ٿيندا ويا. پارٽي اسڪول ۽  انهن جي تعليم تي به توجهه گهٽجي ويو. ايتري تائين ته هڪڙي صوبي جو پارٽي سيڪريٽري سرمائيداريءَ جي کلي عام عمل ۾ مصروف رهيو. مثال طور چين جي سڀ کان اهم صوبي گئانگ ڊانگ جو پارٽي سيڪريٽري. ٻي طرف چانگ چنگ جو پارٽي سيڪريٽري ڪميونسٽ نظام واريون پاليسيون هلائيندو رهيو خاص طور تي مزدورن ۽ هارين لاءِ رعايتون. خاص ڏينهن تي ڪجهه وڏن چيني شهرن ۾ سرخ جهنڊا ۽ انقلابي گيت ۽ مزدور ۽ پارٽي ورڪرن جون وڏيون تقريبون ٿينديون هيون جو ڄڻ سڄا شهر سرخ نظر ايندا هئا ۽ ٻئي طرف جتي سرمائيداري جا حمايتي اڳواڻ هئا اتي اهڙو ڪجهه به نظر نه ايندو هو. جڏهن شي اقتدار ۾ آيو ته ان پارٽي ۽ ان جي نظرئي تي تمام گهڻو زور ڏنو. هن جو خيال هو ته جڏهن سويت يونين ۾ نظرئي کي اهميت گهٽ ڏني وئي ته پوءِ ان جو زوال شروع ٿي ويو ۽ سويت يونين ٽٽي ويو ۽ دنيا بدلجي وئي. دنيا ٻه قطبي مان هڪ قطبي بڻجي وئي ۽ آمريڪا دنيا تي هڪ هٽي قائم ڪري حڪمراني قائم ڪرڻ لڳو ۽ چيو ويو ته تاريخ جو خاتمو ٿي ويو ڇاڪاڻ ته طبقاتي جنگين ۽ انقلابن جي دورن جو خاتمو ٿيو ۽ جمهوريت جي فتح ٿي جيڪا هميشه قائم رهندي. شي سمجهي ٿو ته سرمائيداريءَ جو زوال ئي تاريخ جو حقيقي خاتمو آهي. شي جو اهو به چوڻ هو ته ڪنهن به حڪومت يا نظام جي خاتمي جي شروعات نظرئي جي ڪمزور ٿيڻ سان ئي شروع ٿئي ٿي. سوويت يونين ۾ ڪميونزم جي خاتمي ۾ گورباچوف جي پاليسين گلاسنو سٽ ۽ پيربستروئڪا کي چيني ڪميونسٽ تمام گهڻو بحث ڪندا رهيا ۽ انهن جي خيال ۾ رڳو معاشي سڌارا ڪرڻ گهرجن ها جيئن چين ڪيا باقي سياسي آزاديون ڏيڻ جو اهو وقت نه هو جنهن جي ڪري نه رڳو سوويت يونين ٽٽي ويو پر ڪميونسٽ نظرئي کي به سخت نقصان پهتو جنهن جو اثر سڄي دنيا تي به پيو. ان پس منظر ۾ شي مارڪسي- لينن نظرئي ۽ پارٽي جي چيني سياست، معيشت، معاشري ۽ پرڏيهي پاليسيءَ تي گهڻو اثر انداز ٿيو. شي لاءِ مشهور آهي ته هو نظرياتي ماڻهو آهي ۽ تاريخي ۽ جدلي ماديت تي يقين رکي ٿو. شي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اسڪول جو سربراهه به رهيو سو سمجهندو هو ته تاريخي ماديت جي روشنيءَ ۾ سرمائيداري جو زوال جاري آهي ۽ سوشلزم سوڀارو ٿيندو. ساڳيءَ طرح جدلياتي ماديت جي روشنيءَ ۾ به هو اهو سمجهندو رهيو آهي ته تبديلي تڏهن ايندي آهي جڏهن متضاد طاقتن جو ٽڪراءُ ٿيندو آهي. تنهن ڪري هن داخلي/ گهرو سياست ۾ نجي شعبي، اين جي اوز ۽ مذهبي تحريڪن جي اثر کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو ته جيئن اهي سوشلسٽ/ ڪميونسٽ تحريڪ کي ڪمزور نه ڪري سگهن. اهڙي طرح شي جيئن ته سمجهيو پئي ته خارجي محاذ تي آمريڪا ۽ ان جا اتحادي مغربي ملڪ ،چين کي پنهنجي عظيم مقصد تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندا تنهن ڪري هن پارٽي ۽ چين  کي انهن کان خبردار ڪيو. هن هڪ تقرير ۾ چيو ته مغرب چين جي ماڻهن جي دلين کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد ڪارڻ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت کي ختم ڪرڻ ۽ چين جي سوشلسٽ نظام کي ڊاهڻ چاهي ٿو تنهن ڪري پارٽي ۾ ان جي نظرئي کي مضبوط ڪرڻ سان چين جي عظيم مقصد کي بچائي ۽ اڳتي وڌائي سگهبو. ان ئي حوالي سان شي چيني ڪميونسٽ پارٽي، حڪومتي هر اداري ۽ چيني سماج مان ڪرپشن (بدعنواني) جي خاتمي لاءِ زبردست ڪم ڪيو. لڳاتار ٽيهن سالن کان تيز رفتار ترقيءَ جي ڪري چيني معاشري ۾ ڪرپشن تمام گهڻي وڌي وئي هئي سو ان کي لغام ڏيڻ به شي جي نظر ۾ ضروري هو. جيتوڻيڪ هن تي الزام لڳو ته ان مهم سان هو مخالفن جو خاتمو ڪرڻ چاهي ٿو پر اها حقيقت آهي ته چيني معاشري ۾ تاريخي طور تي ڪرپشن ته اڳ به هئي پر ڊينگ جي 1978ع جي سڌارن ۽ چين کي دنيا لاءِ کولڻ جي پاليسي ڪري جيڪو ترقيءَ جو طوفان آيو تنهن ڪرپشن جي ٻوڏ به آندي. ڊينگ ته چوندو هو ته امير ٿيڻ شاندار ڪم آهي (To get rich is glorious) پر ان تي ضابطي جي ڪميءَ جي ڪري رياستي وسيلن جي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ۾ بي پناهه واڌارو ٿيو ۽ ڪرپشن هر سطح تي بي انتها وڌي وئي جنهن ڪميونسٽ اخلاقيات کي به گهڻو خراب ڪيو جو شي سمجهيو ته اها بدعنواني پارٽي ۽ چين کي تباهه ڪندي ان ڪري ان خلاف جنگ اڻ ٽر آهي. هڪڙو مثال آهي چويونگ کانگ جيڪو چين جو وزير هو ان ٽي هزار اربن جي ڪرپشن ڪئي. هي هڪڙو مثال ڪرپشن جي مڪمل تصوير کي واضح ڪري ٿو. سو شي اچڻ سان ڪرپشن جي خلاف زبردست مهم هلائي. هن وانگ چيشان جهڙي زبردست پارٽي اڳواڻ کي ان مهم جي سرواڻي ڏني ۽ چيو ته چيتن  ۽ مکين (Tigers & Flies) ڪنهن کي به نه بخشڻو آهي جي اهي بدعنوانيءَ ۾ ملوث آهن. ڪرپشن خلاف شي جي مهم چيني سماج تي گھرا اثر وڌا آهن. جڏهن چاليهه لک پارٽي ۽ رياستي ادارن سان لاڳاپيل ماڻهو ان جو شڪار ٿيا هجن ۽ نجي شعبي جا لاتعداد ماڻهو ان جي پڪڙ ۾ آيا هجن، هزارين چيني ڀاڳيلا ٻاهرين ملڪن مان گرفتار ڪرايا هجن ۽ اربين رپيا انهن کان ملڪي خزاني ۾ واپس آيا هجن ته ان ڪرپشن خلاف مهم جي طاقت، وسعت ۽ اثر جو اندازو ڪرڻ مشڪل ناهي. سڀني کان اهم ڳالهه ته ان مهم چيني سياست، سياسي ڪلچر کي بهتر ڪيو  ۽ عوام جي پارٽي ۽ حڪومت جي باري ۾ مثبت تاثر کي تمام گهڻو وڌايو ۽ شي جي عوامي حمايت ۽ طاقت ۾ واڌارو ڪيو.  جڏهن شي آمريڪا جي 2013ع واري دوري تي باراڪ اوباما سان ڳالهيون ڪيون ۽ هڪ تقرير ۾ شي اصلاحي مهم (Rectification campaign) جو ذڪر ڪيو ته اوباما ۽ ان جي ساٿي وزيرن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. جڏهن ان جي تحقيق ڪين ته کين خبر پئي ته شي چين ۾ ڪرپشن جي خاتمي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي چيني سماج ۾ عظيم ڪردار جي بحالي کي اصلاحي مهم سڏيو هو.

شي جي ڏهه ساله دور ۾ ٻيو وڏو ڪارنامو آهي چين جي عالمي قد ۾ بي پناهه واڌارو. ڊينگ جو خيال هو ته چين کي آهستي ۽ مرحلي وار ترقي ڪرڻ گهرجي ۽ اهو به خاموشيءَ سان جيئن دنيا جي ملڪن سان ٽڪراءُ  نه ٿئي. ڊينگ جو اهو به خيال هو ته چين کي ايندڙ سو سالن تائين اڻ برابري کي منهن ڏيڻو پوندو پر شي ان خيال کي رد ڪرڻ بنا اهو چيو ته چين هاڻي ان حد تائين پهتو آهي جو ان کي تيز رفتار ترقي ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي سطح تي وڏو ڪردار به ادا ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ شي عالمي سياست ۾ جارحاڻو رويو به اختيار ڪيو جنهن جو عملي مظاهرو به اسان کي نظر آيو. ڏکڻ چيني سمنڊ هجي، تائيوان يا هانگ ڪانگ جو مسئلو هجي، آمريڪا سان تجارتي ۽ ٽيڪنالاجي متعلق جهڳڙو هجي يا چين ۾ انساني حقن، تبت يا شنجيانگ جو مسئلو هجي يورپ ۽ آفريڪا ۾ سيڙپڪاري جو مسئلو هجي يا يوڪرين ۾ روسي- يوڪريني جنگ هجي، آسٽريليا، ناروي يا لٿونيا سان سفارتي جهيڙو هجي، هندستان سان سرحدي جنگ هجي يا کڻي ڪووڊ (ڪورونا) چين مان ڦهلجڻ جو مسئلو هجي يا روس سان مضبوط دوستي هجي يا ٽيڪنالاجي خاص طور 5G، مصنوعي ذهانت ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ هجي. چين اسان کي پوئتي نظر نه آيو. سڀ کان اهم اهو نظر اچي رهيو آهي ته چين عالمي نظام هلائيندڙ ادارن تي به اثر انداز ٿيڻ سان گڏ نوان عالمي ادارا به جوڙڻ جي طرف اڳتي وڌيو آهي جنهن ۾ بيلٽ ۽ روڊ انيشيئٽو (BRI)، ايشيا انفرااسٽرڪچر بيڪ (AIIB)، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن  (SCO) ۽ برڪس (BRICS) شامل آهن.

دنيا هاڻي مڃي رهي آهي ته اها هاڻي هڪ قطبي (Unipolar) دنيا نه رهي آهي جنهن تي آمريڪا جي تقريبن ٽيهه سالن کان حڪمراني هئي. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ۽ ٻه قطبي (Bipolar) دنيا جي خاتمي کان پوءِ هاڻي دنيا گهڻ قطبي (Multipolar) بڻجي وئي آهي جنهن ۾ طاقت دنيا جي مختلف ملڪن ۽ خطن ۾ ورهايل آهي. ان ۾ آمريڪا، چين، روس ۽ يورپ شامل آهن. ان صورتحال جا بنيادي سبب آمريڪا جي معاشي ڪمزوري ۽ هاڻي ڊونالڊ ٽرمپ کانپوءِ  داءُ تي لڳل آمريڪا جو سياسي نظام آهن. ان سان گڏوگڏ چين جو معاشي طور تي تمام گهڻو سگهارو ٿي اڀرڻ ۽ پوري دنيا ۾ عملي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري دنيا يونيپولر مان ملٽي پولر بڻجي وئي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چين آمريڪا جي ڀيٽ ۾ اقتصادي طور تي وڌيڪ طاقتور ملڪ آهي. کڻي اهو جي ڊي پي هجي يا انڊسٽريءَ جي پيداوار يا واپار ۽ ناڻي جا ذخائر. 2020ع ۾ چين 128 ملڪن جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار هو. چيني عملدار هينئر ڪيترن ئي عالمي ادارن ۾ اڳواڻيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ چين دنيا جو سڀ کان وڏو قرض ڏيندڙ ملڪ به بڻجي ويو آهي. ڀلي ان کي آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ پيرس ڪلب جي ملڪن طرفان ڏنل قرض سان ڀيٽيو وڃي ته به چين انهن کان اڳتي آهي. بيلٽ ۽ روڊ انيشيئٽو (BRI) جي ڪري چين 140 ملڪن ۽ 30 عالمي ادارن سان 385 آمريڪي ڊالرن جا معاهدا ڪيا آهن جيڪي بي مثال آهن. فوجي لحاظ کان به چين جي اڳڀرائي بي مثال آهي. 2025ع تائين چين جي بحري ۽ هوائي فوج ۽ ميزائيل طاقت تمام گهڻي وڌي ويندي. چين جنهن رفتار سان جنگي جهاز آڻي رهيو آهي ان جو ٻي عالمي جنگ کانپوءِ مثال نه ٿو ملي. تازو چين آواز جي رفتار کان تيز هٿيار ٺاهي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا کانپوءِ ٻئي نمبر تي هٿيارن تي خرچ ڪندڙ ملڪ به چين بڻجي ويو آهي.

ان ماف صاف ظاهر آهي ته چين هڪ اڀرندڙ سپر پاور آهي ۽آمريڪا سپر پاور واري حيثيت وڃائي رهيو آهي ۽ ٻنهي جو دنيا ۽ انهن جي مختلف خطن تي تسلط (Hegemony) جو جهيڙو آهي. چين ۽ آمريڪا جي هيءَ صورتحال شي جي گذريل ڏهن سالن جي دور ۾ سامهون آئي آهي.

ان پس منظر ۾ چين  ۾ 16 آڪٽوبر کان شروع ٿيل ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويهين ڪانگريس انتهائي اهميت واري آهي جنهن ۾ امڪان آهي ته شي جنپنگ ٽيون دفعو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويندو. چين جي تاريخ ۾ مائو کانپوءِ شي هڪ وڏي اڳواڻ طور سامهون ايندو جيتوڻيڪ ڊينگ زيائوپنگ به هڪ وڏو اڳواڻ هو جنهن مائو کانپوءِ چين کي عظيم بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مغربي دنيا جيڪا سمجهندي هئي ته ڊينگ جي سڌارن ۽ چين کي دنيا لاءِ کولڻ جي ڪري چين مغربي طرز جي سياسي نظام طرف هلي پوندو پر تاريخ کي ڪجهه ٻيو منظور هو جو شي جنپنگ نئين نظام طرف دنيا کي وٺي وڃي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته 2049ع تائين يعني چيني انقلاب جي سؤ سالن جي پوري ٿيڻ تائين چين مڪمل ترقي يافته ملڪ بڻجي ويندو ۽ ساڳي وقت انسان ذات لاءِ هڪ نئون رستو به کلندو. شي مطابق چيني  خواب(Chinese Dream)  جي حاصل ڪرڻ سان سڄي دنيا جي ڀلائيءَ جا رستا کلي ويندا. تاريخ کي ان چيني ڪهاڻيءَ جي سچ ثابت ٿيڻ جو انتظار رهندو.