فيصل زيدي

                  “هن ڳالهه کان اڳ ۾، جو هنن کي پنهنجا هٿ مهٽڻا پون،  اهي پنهنجي جنگي جنون جي گهنٽين کي وڄائي سگهن ٿا.” سر رابرٽ والپول چيو.  پهرين برطانوي وزيراعظم جي هنن لفظن دارالعوام (هائوس آف ڪامنز) ۾ ان وقت پڙلاءُ ڪيو جڏهن پارليامنٽ جي ميمبرن، اسپين جي خلاف اعلان جنگ کي منظور ڪرائي ورتو. منظوري کان ٿورو وقت اڳ وزير اعظم جا هي لفظ انهن جي ٻوڙن ڪنن تي ان وقت پيا جڏهن ايوان شديد قومپرستي جي خوشي ۾ پاڳل هو. ستن سالن بعد، برطانوي معيشت کي جڏهن ڌڪ لڳو ۽ اها لاٿ کائڻ لڳي ته انهن مان ڪير هڪ به اهڙو ڪونه هو جيڪو جنگ ڪرڻ جو مطالبو ته ڪري رهيو هو پر هاڻي  الزام کي پنهنجي سر تي  قبولڻ لاءِ تيارهجي!

تاريخ هن قسم جي قسطوار ناٽڪن سان ڀري پئي آهي جتي  پري جي سوچ نه رکندڙ ماڻهو وڏن ڌوم، دمامن ۽ دهلن شرنائين سان گڏ جنگين ۾ سوڀارو ٿيڻ جا جشن ته ملهائين ٿا پر انهن جي انجامن جي ذميداري کي قبول ڪرڻ جي لاءِ  تيار نٿا ٿين. افغانستان جي هاڻوڪي صورتحال سبب سيني اندر ڦٽندڙ خوشي ۽ حڪومت جي تبديلي جو وڏي جوش سان ڀليڪار ڪرڻ به شايد ساڳيو ئي مطلب رکي ٿو.

دهشت گردي جي خلاف جنگ، انهيءَ لاڙي جو هڪ خوفناڪ مثال آهي. نومبر 2001ع ۾، جارج ڊبيلو بش، پنهنجي ووٽرن جي اذيت ناڪ جذباتي ڪيفيت جو فائدو کڻندي جنگ جي طرف ڊوڙ ڀري ۽ اعلان ڪيو ته، “توهان اسان سان گڏ آهيو يا اسان جي خلاف.” ٻن ڏهاڪن ۽ ڪجهه مهينن کانپوءِ، دنيا جي جديد ترين فوج آگسٽ جي هڪ سانت جهڙي رات جي گهگهه  اونداهي ۾ پوئتي هٽي وئي ۽ افغانستان، ۽ ان جي پاڙيسرين جي لاءِ هڪ اوڙاهه جهڙي ڳجهارت کي پويان ڇڏي وئي.  “گروهي جهڳڙن” جي ور چڙهيل ملڪ، جن سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري “سرد جنگ” جي مطالبن جي سبب ڀڙڪو کاڌو هو، هنري ڪسينجر جي“ٻِٽو بندُ پاليسي (ڊيوئل ڪنٽينمنٽ پاليسي)” جي تحت ڪافرن جي خلاف هڪ “مقدس جنگ” جو ميدان بڻجي ويو. اولهه جون طاقتون پنهنجي وچ اوڀر وارن اتحادين سان ملي، ڪميونسٽي ديوتائن جي نالي ماتر حملن جي خلاف “جهاد” جي مالي مدد ڪئي. اهڙي طرح يو ايس ايس آر معاشي پاتال ۾ هليو ويو، ۽ نتيجي ۾  ان  افغانستان مان پنهنجي فوج کي واپس گهرايو، آمريڪا کي پنهنجي پاليسي ۾ تبديلي ڪرڻ جو بهانو ملي ويو، ۽ آخر ۾، گندگي جي ڍير کي سنڀالڻ جي لاءِ پاڪستان کي اڪيلو ڇڏيو  ويو.

هزارن جي تعداد ۾ مذهبي – جنوني گوريلائي جنگجوئن سان منهن ڏيڻ جي ڪوشش ۾، پاڪستان “ترڪيبي گهرائي (اسٽريٽجڪ ڊيپٿ)” جي نئين نظريي تي عمل ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ طالبان پيدا ڪيا ويا هئا. پر پوءِ، ان حڪمت عملي ان وقت پويان پير ڪيا جڏهن هڪ عالمي دهشت گرد ڄار کي، جيڪو  القاعدا جي شڪل ۾، ان وقت  افغانستان ۾ موجود هو، ۽ طالبان ان جي خاطر تواضع ڪري رهيا هئا؛ مسافر هوائي جهازن کي نيو يارڪ ۽ واشنگٽن ۾ هدفن تي حملن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. ان کانپوءِ، هڪ ٻي نمايان تبديلي سان گڏ، پاڪستان پنهنجي ڪمزور سماجي ۽ معاشي  تاڃي پيٽي جي قميت تي، انهن جهادين؛ جن کي هن ڪڏهن تيار ڪيو ۽ تربيت ڏني هئي، انهن جي خاتمي جي لاءِ اتحادين سان ٻانهن ٻيلي  ٿيڻ  جي حامي ڀري.

دل جي اندر هي هٻڪندڙ تبديلي، آمريڪا جي بي اعتباري جي سان گڏ  پاڪستان کي تمام گهڻي ڳچي ۾ پئجي وئي. معيشت کي اربين ڊالر نقصان ڏيڻ سان گڏ و گڏ عام شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙن جي تقريبن هڪ لک جانين جو نقصان ٿيو. ستت ئي پوءِ، دهشت گردن کي ختم ڪرڻ جي هي عالمي ڪوشش افغان قوم سازي  جي عمل ۾ تبديل ٿي وئي، جيڪا آمريڪا جي لاءِ حقيقت ۾، هڪ سنهڙي ڪپڙي جي ويس مثل هئي  جيڪو هن خطي ۾ پنهنجي موجودگي کي برقرار رکڻ چاهي پيو ۽ جيڪو عالمي سياسي طاقت جو مرڪز بڻجي چڪو هو.

پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ هم عصر ميڊيا تي افغانستان ۾ کيڏڻ واري هن نئين “عظيم کيڏاڙ (گريٽ گيم)” ۾ هن نئين قسط ۾ اسان جي لاءِ ڇا ڇا هوندو انهيءَ سلسلي ۾ ٻن چٽاڀيٽين جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي.

پراميد نظريو افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو آهي، خاص طور تي پاڪستان جو. اهي آمريڪا جي نيڪالي کي اسلام آباد جي حامي قوتن جي سوڀ جي طور تي ڏسن ٿا. وڌيڪ هي ته، انهن هن ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو آهي ته، افغانستان جي اوسي پاسي جي ٻين ملڪن، گذريل ويهن سالن ۾ گهڻو ڪجهه وڃايو ۽ سکي ورتو آهي، ۽ جيئن ته هاڻي انهن جو ڌيان پنهنجي معاشي ترقي تي آهي انهيءَ ڪري اهي خطي ۾ استحڪام چاهن ٿا. تنهنڪري، افغانستان کي مستحڪم ڪرڻ جو فارمولو سادو سودو آهي: درڪار مالي مدد جيڪا چين فراهم ڪندو، ۽ ٻيا پاڙيسري ملڪ امن جي خاطر نسلي طور تي گهڻ نسلي گروهن ۽ جنگجوئن کي قابو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ هٿ ونڊائيندا.

لڳي ايئن ٿو ته آمريڪين کي به اها ساڳي ئي سيکت پلئه پئي آهي جيڪا سوويت يونين کي 1980ع جي ڏهاڪي ۾ نصيب ٿي هئي. هاٿي ۽ گڏهه ٻئي انتظاميائون افغانستان ۾ پنهنجي موجودگي جي مقصدن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ چٽي نموني سان ناڪام رهيون آهن. اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار جيمز ڊوبنز جي لفظن ۾، “اسان غريب ملڪن تي انهيءَ ڪري حملو نٿا ڪيون جو متان اهي امير نه بڻجي وڃن. اسان آمراڻي رياستن تي انهيءَ ڪري حملو نٿا ڪيون ته متان اهي اسان جي حملي جي نتيجي ۾ جمهوري معاشرا نه بڻجي پون. پر اسان سدائين پرتشدد رياستن  تي حملا ڪيون ٿا ۽ سوچيون ٿا ته اهي پر امن ۽ مستحڪم رهن؛ افسوس؛ ۽ اسان افغانستان ۾ چڱي طرح سان ناڪام ٿي گهر موٽي آيا آهيون.” هاڻي آمريڪا صرف پنهنجي مصيبتن کي ئي سڏ ڏيندو جيڪڏهن هن ٻيهر خطي ۾ دخل اندازي ڪئي.

روس، هڪ ٻيو وڏو کيڏاري به هن راند ۾ مستحڪم ڪردار نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو ڇوته هن وچ اوڀر ۾ پنهنجي “پريماڪوف نظريي” جي ڪاميابي ڏٺي آهي. اهڙي طرح، پيوٽن پنهنجي وڏن ڀائرن سان ماٺ ميٺ ۾، خطي ۾، پنهنجي هلندي پڄندي وڌائڻ چاهي ٿو، ۽ خطي مان آمريڪي نيڪالي هن جي ترڪيبي (اسٽريٽجڪ) مقصدن جي تڪميل جي لاءِ سٺو لاڙو ثابت ٿي رهي آهي. تنهنڪري، هڙني شراڪتدارن (اسٽيڪ هولڊرز) کي هن صورتحال مان فائدو کڻڻ گهرجي.

پر پوءِ به، مايوسي جو منظر هن گلاب جهڙي تصوير کان الڳ نظر اچي ٿو. اهو هي ته هي منظر، سخت ترين شرعي قائدن قانونن واري پنهنجي ڇاپ (برانڊ) کي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ، ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ، طالبان جي قابليتن جي باري ۾ سنجيدا خدشا پيدا ڪري ٿو. طالبان اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ کان انتهائي قسم جي نفرت ڪن ٿا، ۽ گهڻ- نسلي، فرقي وراڻي ۽ مذهبي گروهن سان گڏ، هڪ گاڏڙ ساڏڙ افغانستان چاهن ٿا.۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ان جي نتيجي ۾، مزاحمت خود به خود انساني حقن جي خلاف ورزين، ۽ اقليتن، خاص طور تي عورتن جي حقن کي دٻائڻ جو سبب بڻجندي.

وڌيڪ هي ته مايوسي پسندن جو چوڻ آهي ته چين صرف آمريڪا جي جاءِ  والارڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ خطي ۾ بالادستي جي هڪ نئين طاقت جي طور تي هٿ پير هڻي رهيو آهي. اهڙي طرح شڪ ڪيو پيو وڃي ته افغانستان جي باري ۾ چين جا ارادا اڳ وارن آمريڪي ارادن جهڙا به ٿي سگهن ٿا ڇاڪاڻ جو  ايئن ٿي نٿو سگهي ته هن جا ارادا انهن کان بنهه مٽيل ۽ بي غرض هوندا. هي صرف پنهنجي سيڙپڪاري تي نفعي (رٽرن آن انويسٽمنٽ – آر او آئي) جو حساب لڳائڻ چاهيندو. هي افغانستان ۾، تسلط قائم ڪري، پنهنجي ساحلي پٽي ۽ راهداري (بيلٽ اينڊ روڊ) منصوبي کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهيندو. سڀ کان گهڻي فائدي واري لوڀ افغانستان ۾ غير دريافتي اهي معدني وسيلا هوندا جيڪي اڃان تائين استعمال ٿيڻ کان محفوظ آهن. اهڙي طرح، چين پنهنجي وسيلن کي صرف انهن صورتن ۾ استعمال آڻيندو جڏهن هن کي اهڙي ڪا اميد نظر اچي ۽ ججهي نفعي جي ضمانت ڏني وڃي.

هن ڳالهه سان ڪو فرق نٿو پئي ته، افغانستان جو مستقبل ڪيئن يا ڪهڙو هوندو؟ پر  افغانستان جو عوام حتمي طور تي نقصان ۾ هوندو. مٿي بيان ڪيل پراميدي ۽ نااميدي وارين اڳڪٿين ۾، هڪ بدقسمت حقيقت اها به شامل آهي ته افغانين جو مستقبل سندن  هٿ ۾ نه آهي. گروهي فساد جو نتيجو، تاريخ جو ٻيهر ورجاءُ ثابت ٿيندو، ڇوته طرح طرح جا گروهه پنهنجي پگهاردارن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هوندا. هن کان علاوه، هندستان ۽ آمريڪا راند کي ڦٽائڻ وارو ڪم ڪرڻ پسند ڪندا،  بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح سان هن جي مخالفن هن جي لاءِ اڳ ۾ ڪيو آهي. امن ۽ استحڪام افغانين جي لاءِ پري جو خواب لڳي رهيو آهي.

ان رفتار تي خوش ٿيڻ وارن ماڻهن جي لاءِ جنهن رفتار سان گڏ افغان حڪومت ڍير ٿي وئي، انهن جي لاءِ اڳيان ڪيترائي ڌڪا ٿاٻا منتظر ويٺا آهن. پاڪستان جهڙا پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ ڊگهي فساد جو بار سهڻ جي قابل ٿي نٿا سگهن. در حقيقت، پناهگيرن جي آمد، دهشتگردي ۽ زميني،  معاشي رابطي جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن جي ڏيٺ ويٺ ۾ پاڪستان جي متاثر ٿيڻ جو شديد امڪان موجود آهي. هن قسم جي صورتحال جو انجام، جڏهن پاڪستان پاڻ سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي لاٿ سان منهن ڏئي رهيو آهي، تباهه ڪن ٿيندو. ايئن ٿو لڳي ته اسلام آباد جي پاليسي سازن کي هوبسن (هر مال جي هڪجهڙو ملهه) جهڙين اختيارين (آپشنز) سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هنن  کي انهن اختيارين تي سوچڻ نه گهرجي؛ پر صرف ئي صرف آئيني ۾ ڏسڻ گهرجي ته اصل ۾ هن گند جو ڪير ذميدار آهي!

(فرائي ڊي ٽائيمز جي ٿورن سان؛ ڪالم نگار تعليمي ماهر آهي؛ سنڌيڪار: سڪندر گلاب سومرو)