نيوزيلينڊ جو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان انڪار

0
255
پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

18سالن جَي انتظار بعد پنڊي گرائونڊ ميزباني لاءِ تيار هو، ڪرڪيٽ جا مداح اسٽيڊيم اچڻ شروع ٿي چڪا هئا، ڪپتان ٽاس ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيا هئا ته اوچتو هڪ آواز آيو، جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، اُهو آواز ڪيوي ڪپتان يا ڪنهن بيٽسمين جو ٿي سگهي ٿو، بس ايترو ٻڌڻ ۾ آيو ته اسان راولپنڊي ۾ ڪرڪيٽ نه کيڏنداسين. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اهڙي انڪار پاڪستاني ڪپتان سميت ڪرڪيٽ بورڊ کي تمام وڏو ڌچڪو پهچايو، پهريان ته سڀ حيران ٿي ويا ته ايترا ڏينهن پاڪستان ۾ اسٽي ڪندڙ نيوزيلينڊ ٽيم جَي رانديگرن کي اوچتو ڇا ٿي ويو جو ميچ کيڏڻ کان انڪار پيا ڪن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا عهديدار ۽ ٽيم جو ڪپتان مهمان ٽيم وٽ پهتا ۽ کين پرچائڻ جون ڳالهيون شروع ڪيون ته جواب آيو، اسان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ئي نه کيڏنداسين، پوءِ بس دورو ئي ختم ٿي ويو، اسٽيڊيم ايندڙ مداحن کي رستن تي ئي روڪيو ويو، سڀ حيران ۽ پريشان هئا ته آخري هيءَ سڀ ڪجهه اوچتو ڪيئن ٿيو؟، ڪهڙا سبب آهن، چهرن تي مرڪ کڻي آيل مداح مايوس ٿي واپس هليا ويا ۽ پنڊي اسٽيڊيم ٻيهر ويراني جا منظر پيش ڪرڻ لڳو.نيوزيلينڊ جي انڪار کانپوءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿي چڪي آهي، نيوزيلينڊ ٽيم چارٽرڊ جهاز ذريعي واپس پنهنجي ملڪ وڃڻ لاءِ تيار آهي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ موجب ، اندازو آهي ته سيريز ختم ڪرڻ جو فيصلو پي سي بي لاءِ تمام وڏو ڌچڪو آهي، نيوزيلينڊ حڪومت جِي هدايت موجب سيڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان جو دورو جاري رکڻ ممڪن ناهي. پاڪ-نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سيريز جاري رکڻ لاءِ وزير اعظم عمران خان به ميدان تي آيو، عمران خان نيوزيلينڊ جِي هم منصب سان فون تي رابطو به ڪيو ۽ کيس سيڪيورٽي جَي فول پروف انتظامن کان آگاهه ڪيو، پر نيوزيلينڊ جي وزير اعظم پنهنجي بورڊ جي فيصلي جي حمايت ڪندي رهي، جيسِنڊا آرڊرن بيان جاري ڪيو ته کيس اندازو آهي ته پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيڻ سان سڀني کي ڪيترو افسوس ٿيو آهي، پر هـوءَ ڪرڪيٽرن جِي حفاظت لاءِ سيريز ملتوي ڪرڻ واري فيصلي جِي مڪمل حمايت ڪندي، نيوزيلينڊ حڪومت لاءِ رانديگرن جي حفاظت سڀ کان اهم آهي. پي سي بي چيئرمين نيوزيلينڊ بورڊ جو هڪ طرفو فيصلو آءِ سي سي ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، رميز راجا موجب سيڪيورٽي خدشن بابت آگاهه ڪرڻ کانسواءِ هڪ طرفو دورو ختم ڪرڻ افسوسناڪ آهي، نيوزيلينڊ ڪهڙي دنيا ۾ رهي رهيو آهي، ڪرڪيٽ سيريز ملتوي ٿيڻ رانديگرن ۽ مداحن لاءِ افسوسناڪ آهي، ڪپتان بابر اعظم ٽوئٽ ڪيو ته پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز ڪرڪيٽ مداحن جَي چهرن تي مُرڪ آڻي پئي سگهي، نائب ڪپتان شاداب خان، اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي سميت ٻين ڪرڪيٽرن به مايوسي ظاهر ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي به ٻڙڌڪ متل آهي، حڪومت جا حمايتي ايڪٽيويٽس عمران خان جي حق ۾ پوسٽون شيئر ڪري رهيا آهن ته اپوزيشن جا حمايتي صارف ان سڄي معاملي جو ملبو پي ٽي آءِ حڪومت، يعني عمران خان صاحب تي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.پاڪستان جي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته  نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو دورو هڪ سازش تحت ختم ڪيو ويو، مهمان ٽيم کي سيڪيورٽي ٿريٽس نه هو، سازش ڪندڙن جو نالو نه کڻندس، پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، نيوزيلينڊ جَي سيڪيورٽي ايڪسپرٽس 4 مهينا جائزو وٺڻ بعد ڪليئرنس ڏني هئي، سينيٽر فيصل جاويد دورو رد ٿيڻ جو ذميوار ڀارت کي قرار ڏنو ۽ معاملو آءِ سي سي ۾ ڀرپور نموني اٿارڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي، ٻئي پاسي انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ مهيني پاڪستان جَي دوري بابت سيڪيورٽي ٽيم کان راءِ طلب ڪئي آهي، ايندڙ 24 يا 48 ڪلاڪن اندر فيصلو ڪيو ويندو، انگلش ٽيم کي ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن انگلينڊ بورڊ به پاڪستان جو دورو ملتوي يا رد ڪري ٿو ته ان جا پاڪستان تي تمام گهڻا اثر پوندا، ڇاڪاڻ ته ڪرڪيٽ سرگرميون معطل ٿيڻ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ سياحت جا شعبا تمام گهڻا متاثر ٿيندا.هتي هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته نيوزيلينڊ ٽيم 18سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي پهتي هئي، پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻي هئي، پر نيوزيلينڊ طرفان اوچتو انڪار بعد پاڪستان خاص ڪري پي سي بي کي تمام گهڻو ڌچڪو آهي، ان کان اڳ به پاڪستان ۾ اچي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان انڪار ڪندڙ ٽيمن جي فهرست ڊگهي آهي، پر ان تي في الحال نٿا لکون، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ انتظامي بحران ۽ ڪورونا وائرس کانپوءِ بائيوببل جي ڀڃڪڙي سبب پاڪستان تي سوال اٿندا رهيا آهن، پر بورڊ انهن معاملن تي رڳو نوٽيس وٺي ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود نظر ايندو آهي، اڳوڻا ڪرڪيٽرز به واضح ڪندا رهيا آهن ته جيڪڏهن پي سي بي واقعي سنجيده آهي ته انقلابي قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان جو موجوده وزير اعظم عمران خان، پنهنجي دور جو بهترين ڪرڪيٽر رهيو ۽ 1992ع واري ورلڊ ڪپ فاتح ٽيم جو ڪپتان پڻ هو، پي سي بي چيئرمين رميز راجا به ليجنڊري ڪرڪيٽر آهي، انهن ٻنهي اڳواڻن جي دور ۾ ڪرڪيٽ سيريز ملتوي ٿيڻ سواليا نشان آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن حڪومت نواز شريف، آصف زرداري يا ڪنهن ٻي پارٽي جي هجي ها ته انهن تي ايتري تنقيد نه ٿئي، جيتري عمران خان مٿان ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ڪرڪيٽر رهيو آهي ۽ ڪرڪيٽ جي معاملن کان بخوبي واقف رهيو آهي، پي سي بي چيئرمين رميز راجا به ليجنڊري ڪرڪيٽر سان گڏ سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ سان گڏ ڪمنٽيٽر طور ڪم ڪندو رهيو آهي، کيس عهدو سنڀاليندي ئي پهرين ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. بهرحال هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي اعلان موجب معاملو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۾ اٿاري ٿو يا نه، ايندڙ مهيني انگلينڊ ٽيم دورو ڪندي يا نه، اهو وقت ئي ٻڌائي سگهندو.