استادن جا امتحان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت

0
368
پوليس،-ڌاڙيل-۽-ڀوتار-وارو-ختم-نه-ٿيندڙ

 بي روزگاري ڇا ٿيندي آهي؟ اهڙا منظر سيپٽمبر مهيني ۾ سنڌ جي سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ پسي سگهجن ٿا، جتي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان آيل هزارين نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏيئي رهيا آهن. انهن امتحانن جي حوالي سان تعليم کاتي ۽ ٽيسٽن جي ذميواري نڀائيندڙ اداري سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي دعوا آهي ته اهي ميرٽ کي مرڻ نه ڏيندا ۽ امتحانن ۾ پاس ٿيندڙ حقي ماڻهو نوڪري ماڻيندا. هونئن ته اهڙيون دعوائون هر ڀيري ٻڌبيون آهن ۽ جهڙي نموني صوبي ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿيل آهي اهو ٻڌي رڳو مرڪي ڪنڌ نوائي سگهجي ٿو. ٻئي پاسي وري ٽيسٽ وٺندڙ اداري جي به ساک آهي، ان ڪري هي نثار احمد صديقي کانپوءِ هن اداري جي به ٽيسٽ آهي ۽ اها ٽيسٽ شروع ٿي چڪي آهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جي ڀرتي لاءِ جيڪي آءِ بي اي کان ورتل انگ اکر آهن اهي هن ريت آهن ته انهن جاين لاءِ چار لک 98 هزار 641 اميدوارن آنلائن درخواستون ڏنيون، جن مان چار لک 54 هزار 449 اميدوارن چالان پياريو، جنهن مان اندازو لڳائجي ته اميدوارن ٽيهه ٻٽيهه ڪروڙ رپيا ادا ڪيا. انهن فارمن مان 80550 اميدوارن جا فارم گهرجون پوريون نه ڪرڻ سبب رد ڪيا ويا. جيڪي اميدوار اهل قرار ڏ نا ويا انهن جون ٽيسٽون ورتيون پيون وڃن. انهن امتحانن/ٽيسٽن دوران ٻه اهم مسئلا سامهون آيا آهن:

1.حڪومت پاران مقرر ڪيل ڪرائٽيريا

2.امتحاني پيپر ۽ سنڌي ٻولي

1.حڪومت پاران مقرر ڪيل ڪرائٽيريا: سنڌ حڪومت پاران استادن جي ڀرتي بابت جيڪا ڪرائيٽيريا مقرر ڪئي وئي آهي ان موجب پهرين مرحلي ۾ اميدوار لاءِ سمورن پيپرن ۾ يعني هر هڪ پيپر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي آهي. جڏهن ته ٻيو لازمي شرط سمورن پيپرن ۾ گڏيل طور 55 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون نه هجن. اهي نتيجا آن لائين انٽرنيٽ تي جاري ڪيا پيا وڃن جن مان هاڻي تائين اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته ٻئي شرط پورا ڪرڻ وارن جو پاس ريشو تمام گهٽ آهي ۽ رڳو 55 سيڪڙو پاس ڪندڙ ويهه سيڪڙو جي لڳ ڀڳ شاگرد آهن. ان ڪري مطالبا اچن پيا ته هر مضمون ۾ لازمي طور 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪري رڳو مجموعي طور 55 سيڪڙو  وارو شرط رکيو وڃي. پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن سنڌ صوبي جي ڪابينا ان جي منظوري ڏئي. ان ڪرائيٽيريا خود سنڌ جي تعليمي نظام کي وائکو ڪيو آهي خاص ڪري صوبي ۾ خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ مختلف نصاب آهن.

سنڌ ۾ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڪيمبرج، آغا خان، فيڊرل، مدرسائي سميت مختلف خانگي اسڪولن ۾ الڳ نوعيت جا نصاب هجڻ سبب اميدوار پيپرن ۾ پريشان ٿيا آهن ۽ پيپرن ۾ به ڪجهه بنيادي نوعيت جي غلطين جي نشاندهي ٿي آهي پر پوءِ به ستر اسي سيڪڙو پيپر ۾ اڳ کان بهتري نظر آئي آهي. مختلف نصابن جي ڪري اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن وارا اميدوار سنڌي، اسلاميات يا حسابن ۽ اخلاقيات واري پيپر ۾ گهڻو ناپاس ٿيا آهن. سرڪاري ادارن ۾ پڙهيل وري انگريزي، حسابن، ڪمپيوٽر سائنس، سائنس وغيره جي سوالن ۾ ناپاس ٿيا آهن. جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنجيده ٿئي ته هاڻوڪن استادن واري امتحانن جي سمورن معاملن جو تجزيو ڪرائي وٺي ۽ سنڌ جي تعليمي نظام ۽ ڀرتين بابت بهترين حڪمت عملي تيار ڪري سگهجي ٿي. اهڙي حڪمت عملي صوبي اندر نصاب جي هڪجهڙائي، پڙهائڻ جي طريقو منطقي هجڻ، ڀرتين بابت اهڙيون گهرجون جيڪي پڙهائڻ واري شعبي لاءِ مناسب اميدوار کي سامهون آڻين ۽ سنڌ جي تعليمي معيار ۾ تبديلي لاءِ ٿي سگهي ٿي.

2.امتحاني پيپر ۽ سنڌي ٻولي:  استادن جي ڀرتي واري عمل بعد سوشل ميڊيا توڙي عام ڪچهرين ۾ جيڪا ڳالهه بحث هيٺ آئي آهي اها امتحانن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سوالن بابت اٿاريل سوال آهن ته اهي ڪيترا معياري ۽ غير معياري آهن، اميدوار سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کان واقف ٿي ويا هوندا وغيره وغيره. پر ان حوالي سان جيڪا سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه آهي اها هي آهي ته سنڌ جي تعليم کاتي توڙي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي ٽيسٽنگ شعبي قانوني طور سنڌيءَ کي امتحانن ۾ رکي پنهنجي قاعدن کي نڀايو آهي، جڏهن ته هنن جاري ڪيل سڃاڻپ سلپن ۾ سنڌي کي نظر انداز ڪندي ان کي ڏنل هدايتن ۾ شامل نه ڪيو، اهو ڄاڻيندي به ته اهي امتحان پرائمري ۽ سيڪنڊري جا آهن جتي سنڌي پڙهائي ويندي آهي ۽ اڪثريتي اميدوار سنڌي ڳالهائيندڙ آهن، هن نقطي جو مطلب اهو ناهي ته ٻين ٻن ٻولين ۾  هدايتون ڇو هيون؟ اعتراض ۽ ڏکوئيندڙ ڳالهه صوبي جي سرڪاري ۽ اڪثريتي ماڻهن جي مادري ٻولي سنڌي کي پري رکڻ تي آهي. صاف ظاهر آهي ته سنڌي کي جيستائين سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن توڙي ٻين نوڪرين جي مارڪن واري لازمي سرشتي ۾ مڪمل طور شامل نه ڪبو ته تيستائين ٻوليءَ جي نظر انداز ڪرڻ وارو عمل جاري رهندو. سنڌي ٻولي جيڪڏهن معاشي گهرج واري عمل کان پري ٿيندي ويندي ته ان جي جياپي جو خطرو وڌندو ويندو. ان عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت اهو ڪري سگهي ٿي ته چٽا ڀيٽي جي امتحانن جي جنرل پيپر، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي داخلائن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنڌرنهن ويهن مارڪن جو سوال لازمي رکن ان سان گڏ اردو ۾ به هجي ته ڪو اعتراض ناهي. اهڙي صورتحال ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن وارا مارڪيٽ ڊمانڊ آڌار مجبور ٿي مادري ٻولين کي به لازمي مارڪن ۾ شامل ڪندا نه ڪي آپشنل يا عارضي مضمون ۾. حقيقت اها آهي ته اهڙي اهميت کي سامهون رکندي ان عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبي جي سرڪاري ٻولي کي اهميت ڏيارڻ سرڪار جو فرض به آهي ته ذميوارين ۾ به شامل آهي. گڏوگڏ امتحاني پيپر درست انداز ۾ ڏيڻ به ساڳي اهميت وارا آهن. سنڌي ٻولي کي رڳو فن، ادب ۽ ثقافت وسيلي خطرن مان نه ٿو ڪڍي سگهجي پر ان سان گڏ ان جي معاشي گهرج وڌائڻ وڌيڪ اهميت واري ڳالهه آهي. ٻولي لاءِ معاشي موقعن ۾ هڪ ته ذڪر ڪيل ڳالهه آهي ۽ ٻيو ان کي ڊجيٽل دنيا سان سلهاڙڻ ۽ سائبر اسپيس جي دنيا ۾ ان لاءِ معاشي سرگرميون پيدا ڪرڻ لاءِ به سرڪار سٺو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

حقيقت ۾ استادن جي ڀرتي وارن انهن امتحانن بحث جا نوان رخ ڇيڙيا آهن جن ۾ تعليمي معيار، ٻولي ۽ ڀرتين ۾ شفافيت واري اميد نا اميدي وارا موضوع شامل آهن.