صحتمند ماءُ ، صحتمند ٻار ۽ صحتمند معاشرو

0
284

 اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت عالمي سطح تي سڀ کان وڏي  بحث جو موضوع آهي. ان کان اڳ، ماءُ جي حمل، ويم ۽ ٻار جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ ٻن ورهين تائين، ماءُ ۽ ٻار جي صحت مٿان ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڏنو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي ته، اڌ صدي اڳ تائين، اسان جي سماج ۾ ٻار ۽ ماءُ جو ايڏو خيال نه رکيو ويندو هو. ماءُ جو حمل، ويم ۽ کيس پيدا ٿيندڙ ٻار اڳي نصيب ۽ لکئي جو ليک هوندا هيا، پر اڄ معاشري ۾ اهي جديد ۽ نوان سائنسي لاڙا پيدا ٿيا آهن ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت جيڪڏهن  پيدائش کان اڳ خيال رکيو ويندو ته ٻار صحتمند پيدا ٿيندو. جنهن جي نتيجي ۾ معاشري ۾ صحتمند لاڙا ۽ رويا جنم وٺندا.

سوچ جي اهڙي تبديلي جو بنياد تڏهن پيو جڏهن جهالت جي گهنگهور گهٽائن جي هوندي نئين نسل پاڻ کي سائنس ۽ ٻين علمن جي زيور سان واقف ڪيو. جنهن پڙهيل نسل دنيا ۾ روزاني بنياد تي هر شعبي ۽ ڪرت ۾ ترقيءَ کي ئي پنهنجي منزل ۽ ماڳ بڻائي ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ميڊيڪل سائنس هاڻي حمل دوران پيٽ اندر ئي ٻار جي واڌ ويجهه ۽ صحت بابت ٻڌائي سگهي ٿي ۽ ٻار جي پيدائش شرط صحت جي باري ۾ سڀ ڪجهه معلوم ڪري سگهجي ٿو. مثال طور: جيڪڏهن   ڪنهن ٻار جي  ذهني ۽ جسماني بناوٽ ڪمزور آهي ته ان ٻار کي چئبو آهي اسٽنٽ ٻار  Stunt Child

. ان ٻار جي ڪري اهو سمجهجي ته جي سڀ ٻار اهڙا ڄمن ته پوءِ اسان پنهنجي معاشري جي ڪمزور ترين نسل جي باري ۾ سوچي سگهون ٿا ته اسان ترقي ڪيئن ڪنداسين؟ پر جي ڪنهن گهر ۾ هڪ به اهڙو ڪمزور يا “اسٽنٽ ٻار” آهي ته سمجهيو وڃي ته معاشري ۾ هڪ اهڙو فرد پيدا ٿيو آهي، جنهن تي هر وقت بيمارين جي حملن جو خطرو رهي ٿو، جيڪو ٻار هن معاشري کي پنهنجي پاران ڪجهه به نه ٿو ڏئي سگهي پر ، اُلٽو، هن جي سارسنڀال معاشري جي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ٿي. سو سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته اهڙن ٻارن ٿيڻ کان معاشري کي ڪيئن بچائجي.؟ صحت جي ماهرن، ٻارن جي صحت مٿان تحقيق ڪندڙ ميڊيڪل عالمن ۽ ٻارن جي پرورش، کاڌ خوراڪ بابت تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڳورهاري ماءُ جي صحت جو خيال رکڻ سان ٽي وڏا فائدا ٿين ٿا. هڪ، ماءُ جي صحت سٺي هجڻ سبب سندس زندگي آرام ۽ سڪون ۾ گذري ٿي. ٻيو، ماءُ جي بهتر صحت سبب پيدا ٿيندڙ ٻار جي صحت به بهتر هوندي، ٽيون ته، صحتمند ٻار جي ڄمڻ سان اسان  جي معاشري ۾ صحتمند نسل پيدا ٿيڻ جي روايت پيدا ٿيندي. اهو چڪر ان نموني سمجهي سگهجي ٿو ته .. صحتمند ماءُ کان صحتمند ٻار ۽ صحتمند معاشرو جنم وٺي ٿو ۽ صحت بابت نئين نسل ۾ بنا ڳڻتيءَ واري Tension-Free معاشري جي روايت پيدا ٿيندي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن پاران ماءُ جي صحت جو خيال رکڻ واري موضوع تي ٿيندڙ مباحثن ۽ مذاڪرن جي ڪري غريب ۽ پوئتي پيل ملڪن کي پڻ الاهي فائدا پيا آهن، جنهن ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن پڻ ان باري ۾ پنهنجي خيال جي اُڏام اوچي رکي آهي. اها ڳالهه انهن پاليسين مان پڻ سمجهي سگهجي ٿي ته دنيا ۾ خوراڪ يا غذائي قلت جي ڪري ان ڳالهه جو دٻاءُ پڻ وڌيو آهي ته ماءُ جي صحت جي باري ۾ خاص طور خيال رکيو وڃي. ان معاملي کي بهتر ڪرڻ ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي بهتر رکڻ لاءِ Nutrition Stablization Centre  قائم ڪيا ويا آهن، اهي مرڪز پاڪستان جي صوبي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن عالمي طور غذائي قلت جي ڪري ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي پوندڙ ناڪاري اثرن کان کين بچائي سگهجي.

صحت جي عالمي تنظيم World Health Organization, WHO پنهنجي تازي تحقيق ۾ چيو آهي ته ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار سرجڻ کان وٺي ٻار جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ پهريان 1000 ڏينهن يا ٽي ورهيه سڀ کان اهم آهن ۽ جي انهن ٽن ورهين ۾ ٻار جي صحت کي ڪوسي واءَ کان بچايو ويو ته پوءِ ساري ڄمار هن جي زندگي بهتر صحت سان گذري سگهي ٿي. اهڙو ٻار نه رڳو صحتمند ڄمندو پر ان ٻار جي “اسٽنٽ ٻار” ٿيڻ جا موقعا پڻ نه هوندا، تنهنڪري، ماءُ کي هڪ ڪَري غذا Balanced Diet ڏني وڃي. جنهن ۾ مڇي، ڪڪڙ، ٻاڪرو گوشت،بيضا، سبزيون، ڪڻڪ جي ماني، ميوا ۽ کير شامل آهن.

دنيا ۾ هاڻي اها تحقيق پڻ سامهون آئي آهي ته، جيڪڏهن ماءُ ۽ ٻار کي نج پج کاڌا يا ڪيميڪل مان پار پيل خوراڪ جنهن کي Organic Foods سڏجي ٿو، کارايا وڃن ته، انهن جي واپرائڻ سان پڻ ما۽، ٻار ۽ سڄو معاشرو صحتمند بڻجي پوندو. اها ڀاڻ، ڪيمڪل، دوائن کان پاڪ خوراڪ اسان پنهنجي ننڍن ننڍن گهرن ۾ پڻ پيدا ڪري سگهون ٿا. گهر جي وڏي اڱڻ ۾ سبزيون ۽ ميوا پوکي سگهون ٿا. ديسي ڪڪڙيون، ديسي ڳئون، ديسي ٻڪريون ۽ مينهون پالي انهن جي غذا کي پڻ زهريلن مادن کان پاڪ ڪري جانورن جو هڪ اهڙو ڌڻ پالي سگهون ٿا، جن جي کير سان ٻار توڙي ماءُ جي صحت جا گهڻو ڪري سمورا مسئلا ختم ٿي سگهن ٿا. خوراڪ متوازن ٿيندي. ماءُ ۽ ٻار کي گهربل سمورا غذائي عنصر بروقت گهر ۾ ئي ملي سگهندا ۽ وٽامن ڊي، وٽامن اي، ڪئلشم ۽ ٻين اهم مرڪبن جي ڪري ماءُ ۽ ٻار جي بچاءَ جو سرشتو Immune System مضبوط ٿيندو.