اغوا ٿي ويل سنڌ جي امن کي ‘بازياب’ ڪرايو!

0
215
اربنائيزيشن جو اجگر ۽ وجود وڃائيندڙ ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ

هونئن ته سنڌ جي اترئين حصي جي اڌ درجن کان مٿي ضلعن جي امن امان جي صورتحال ڏسي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اهي سنڌ جي منتظمين جي انتظامي ذميواريءَ کان ئي ٻاهر هجن. انهن ضلعن مان به شڪارپور ضلعي جي ته ڳالهه ئي “اور” آهي. بدامني، خوني تڪرارن، ڀُنگ خاطر اغوا جي گهڻين وارداتن سبب شڪارپور ضلعي جو تعارف ته “انساني شڪارگاهه” وارو جڙڻ جي واٽ وٺي چڪو آهي. هاڻي ته سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ ٻيا ضلعا شڪارپور سان ڪُلهي- گَس ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪري رهيا آهن، جنهن جو تازو مثال انهن ضلعن ۾ ڀُنگ خاطر اغوا جون وڌندڙ وارداتون آهن. چنيوٽ مان شاديءَ جي ڪاڄ جو آسرو ڏئي رائونتيءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ گهرائي اغوا ڪيل 9 دهلاري بازياب ته ٿيا آهن، پر دهلارين پاران 40 لک رپيا ڀُنگ ڀرڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي. گھوٽڪي پوليس مغوين کي آپريشن دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ گهوٽڪي جو پوليس ڪماني نڪ جي پڪائيءَ سان “ڪامياب ڪارروائي” ڪري مغوين کي بازياب ڪراڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تنگواڻي ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تي پوليس ڪانوائي دوران هٿياربند ٽرڪ تان ٺل واسي ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن، ۽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي پڻ ٿي پيو آهي. ٽن ڏينهن ۾ مغوين جو تعداد وڌي 6 ٿي ويو آهي. پنو عاقل مان ٻه مهينا اڳ اغوا ٿيل ٻه مغوي اڃان تائين بازياب ڪرائڻ جي پوليس ضرورت محسوس نه ڪئي آهي، شايد پوليس کي انتظار آهي ته مغوين جي وارثن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ “ڊيل” ٿي وڃي ۽ پوليس جو ڪم سهل ٿي پوي.

ميڊيا کي سماج جي آرسي سمجهيو وڃي ٿو، جنهن آرسيءَ ۾ گورننس جو حقيقي چهرو نظر ايندو آهي. هن وقت اهو چهرو ايترو ته هيبتناڪ آهي، جو ان لقاءَ تي نظر پوندي ئي ڪنبڻي وٺيو وڃي. جڏهن ماڻهو دانهون ڪن ٿا ته منتظمين اهو چوندي دير ئي نٿا ڪن ته جمهوريت  جي خلاف سازش ٿي رهي آهي! جمهوريت جي خلاف سازش ته اهي قوتون ڪري رهيون آهن، جن جو بدامنيءَ جي ايڪسيليٽر تي پير آهي. سنڌ جا منتظمين ته ‘احسن ڪارڪردگيءَ” واري سحر ۾ ايترا ته مسحور آهن، جو انهن کي اها ايڏي وڏي ڪوتاهي ۽ لاتعلقي نظر ئي نٿي اچي. عوامي دٻاءَ ۽ دانهن تي انهن ٽن ضلعن ۾ آپريشن جو اعلان ته ڪيو هو، پر اهو اعلان عمل جي واٽ وٺي نه سگهيو آهي. ٻيو ته نغارا وڄائي آپريشن ڪيو ويندو ته ڇا اهي ڌاڙيل اتي موجود هوندا؟ اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چئي چڪا آهيون ته ڪَچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن سان گڏوگڏ “پڪي جي ڌاڙيلن” خلاف به آپريشن ڪيو وڃي. ڌاڙيلن کي تحفظ جي ڇٽي مهيا ڪندڙ اعليٰ اختياراتي ايوانن ۾ موجود سهولتڪارن ۾ به، قطع نظر انهن جي سياسي وابستگيءَ جي، هٿ وڌو وڃي، جيڪي ضلعن ۾ پنهنجو جاهه ۽ جلال، ڌاڪ ۽ دٻدٻو رکڻ لاءِ ضلعن جا پوليس ڪماني به پنهنجي مرضيءَ موجب مقرر ڪرائين ٿا. اسان سمجهون ٿا ته اهي ئي ڏوهارين جي ‘لائيف لائين’ آهن. ڏوهن جي ديوَ جو ساهه ان ئي طوطي (ڀوتارڪي خلق، جرڳائي سردارن، سفيد پوش سهولتڪارن) ۾ آهي. ان سان گڏوگڏ ڳرن هٿيارن جي پهچ ۽ رسائيءَ جا گهٽ گهيڙ بند ڪيا وڃن. جڏهن به سنڌ جي امن امان جي ذميواري پوري ڪرڻ ۽ پوليس کي فعال ڪرڻ جي گهر ڪئي وڃي ٿي ته چيو وڃي ٿو ته، اهو سڀ ڪجهه پوليس ۾ ڪارين رڍن جي موجودگيءَ جي ڪري ٿي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته انهن ڪارين رڍن کي ڌڻ مان ڌار ڪرڻ ۾ ڪهڙي ڏکيائي آهي؟ ڇا سڄو ڌڻ ئي ڪارو آهي؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ هڪ ئي وقت، فوج، رينجرز ۽ پوليس جي مدد سان ڀرپور آپريشن ڪيو وڃي، صرف ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ڇو ته رڳو ماڻهو ئي اغوا نه ٿيا آهن، سنڌ جو امن به اغوا ٿي ويو آهي، جنهن کي ترت بازياب ڪرائڻ جي ضرورت آهي.