پاڻيءِ جي بحالي تائين جدوجهد جاري رھندي!

اسان جي تحريڪ پاڻي لاءِ لاڳيتو ڪيترن ئي سالن کان ھلي پئي ۽ اسان جو اهو مطالبو سڌو ۽ سادو آهي ته ايم سي ٻولھاڙي جنهن کي ھٿ وٺي ٽينڪر مافيا جي حوالي ڪيو ويو آهي، پاڻي خدا جي طرفان هڪ قيمتي نعمت آهي پر ظالم ان نعمت کي قيد ڪري ٽينڪرن جي ذريعي کپائن ٿا. اسين لاڳيتو ڪوڪو ۽ دانهون ڪريون پيا ته اسان کي پاڻي ڏيو، ھن تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ بجاءِ ڪجهه منافق احتجاج ڪندڙن تي ٺٺوليون پيا ڪن، انهن کي ان ڳالهه جي خبر ھئڻ گھرجي ته اسين ايم سي ٻولھاڙي جي ساڍن ٽن لکن جي آبادي لاءِ ھي جنگ جوٽي سندرو ٻڌو آهي. خدارا ساٿ نٿا ڏئي سگهو ته ٽوڪون ڪري اسان جا حوصلا نه وڃايو، ڇو جو اسين توهان جي حصي جي به جنگ وڙھي رهيا آهيون، پاڻي سڀني ساهه وارن جي لاءِ اهم ضرورت آهي، اسان جي احتجاجن تي ٽوڪون ڪرڻ بجاءِ اسان جو ساٿ ڏيو جيئن اسان سڀ گڏجي ھڪ طاقت ٿي ظالمن کان پاڻي جون لائيون بحال ڪرايون. خدا جي بستي، ٻٻر اسٽاپ، پوپٽ ڳوٺ، عيسيٰ دل ڳوٺ، گلشن مسعود، غازي ڪالوني، مسڪين ڪالوني، مسلم ٽائون، سستي بستيءَ سميت ٻيا ڪيترا علائقا پاڻي جھڙي نعمت کان محروم بڻيل آهن، هتان جي عوام جو پاڻي ٽينڪر مافيا جي حوالي ڪيو ويو آهي. اسين پاڻي ڦڙي لاءِ سِڪون پيا، وڌندڙ مھانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، عام ماڻهو اٽو ۽ گيھ وغيره سورن سان ٿو خريد ڪري، اتي مھانگي اگھه تي پاڻيءَ جا ٽينڪر ڪيئن خريد ڪندا؟ آئون عبدالستار لھر ميونسپل ڪاميٽي ٻولھاڙي جي عوام سان وچن ٿو ڪيان ته جيسين آئون زنده آھيان پاڻي لاءِ منهنجي جدوجهد جاري رھندي، جيئن اڄ اسين وڙھو ٿا ايئن ئي پاڻي ملڻ تائين اسان جي جنگ ظالمن يزيد جي پولڳن سان جاري رھندي.

عبدالستار لھر/ ٻولھاڙي

سنڌ ۾ آدمشماري

غير آئيني آهي!

سنڌ ۾ آدمشماريءَ واري مھم ھڪ غير آئيني طريقي سان ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن صوبن ۾ ڪيترائي غير قانوني آيل ڌاريا آباديءَ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ٻولي پنهنجي ملڪ ۾ رھندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندڙ بلوچ ۽ ٻين قومن سان واستو رکندڙ سان گڏ ڌارين کي به ھن آدمشماريءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو ھن حڪومت جي سازش آهي، جنهن سازشن جي خلاف مختلف قومپرست پارٽيون ھن وقت سراپا احتجاج بڻيل آهن، جن هن ڊجيٽل آدمشماريءَ کي رد ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين احتجاجي ريليون ڪڍيون آهن، ملڪ جون معاشي حالتون حڪومت ھٿرادو پيدا ڪري مٿان وري ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ ھي رٿا پيش ڪئي آهي، جيڪا ڪنهن به قومپرست پارٽي ۽ سنڌ سان واسطو رکندڙ کي ھيءَ آدمشماريءَ واري مھم بلڪل به قبول نه آهي، سنڌ ۾ آدمشماري غير قانوني ۽ آئيني طريقي سان جاري آهي، جيڪا ڪنهن به قومپرست پارٽي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي اها آدمشماريءَ قبول نه آهي، جيڪو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، اهو بند ڪيو وڃي، آدمشماري آئين ۽ قانون موجب ڄاڻايل وقت تي ٿيڻ گهرجي. وقت کان اڳ ٿيندڙ غير آئيني ۽ غير قانوني ڊجيٽل مردم شماري جو عمل بند ڪيو وڃي.

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي، ڪشمور

قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪاڇو بنيادي سهولتن کان محروم آهي!‎‎

اڃا ڪالھ ڪاڇي جي چند علائقن ۾ ٿورڙي برسات پئي آهي ۽ ان هلڪي برسات کان پوءِ به ڪاڇي جا روڊ رستا پاڻيءَ هيٺ اچڻ ڪري دادو، جوهي، ڀان سيد آباد سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، هيءَ ته برساتن جي اڃا شروعات آهي، ملڪ جي موسميات کاتي پاران ايندڙ ڪجھ ڏينهن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳ ڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ جيڪڏهن برساتون پيون ته پوءِ يقينن ڪاڇي جا رستا ڪيترن ڏينهن تائين بند رهندا ۽ هاڻ اهو به نٿا لکي سگهون ته رستا بند ٿيڻ کان پوءِ ڪاڇي واسي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن پر هي روز روز موٽرسائيڪلون ڪلهي تي رکي پاڻي مان ٽپائڻ اسان ڪاڇي وارن جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، هي انسان موٽر سائيڪلو ۽ جنازا ڪلهن تي کڻي پاڻي ته پار ڪن ٿا پر پنهنجي حقن لاءِ احتجاج کان ڪيٻائين ٿا. مان آخر ۾ پنهنجي چونڊيل نمائندن کي چتاءُ ڏيندي چوان ٿو ته توهان ڀلي اسان کي سهولتون نه ڏيو، ڀلي ڪيتريون ئي تڪيلفون ڏئي اسان کي پريشان ڪري اسان کي چيڙايو پر اسان جوهي ۽ ڪاڇي وارا چيڪي مٽي جا ٺهيل ماڻهو آهيون، توهان کان ڪڏهن به ناراض نه ٿينداسين ۽ هر ڀيري توهان کي ئي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري پاڻ تي مڙهيندا رهنداسين.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۽ وارتون!

سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جيڪا تباھي آڻي رھيو آھي اھا ڪنهن کان لڪل ناھي، ڌاڙيل ڪيترن ئي وارداتن ۾ اغوا ٿيندڙ ماڻھن سان جيڪي جٺيون ڪري رھيا آھن، اڳ ڪڏھن اھڙي قسم جون ڏوھي ڪارروايون نه ڏٺيون آھن نه وري ٻڌيون آھن. اغوائن بعد مغوين تي بيرحماڻا تشدد ڪري انهن کي زنجيرن سان ٻڌي سوشل ميڍيا تي انهن جون تصويرون اپ لوڊ ڪري ڏيکارڻ ھڪ شرمناڪ عمل آھي. اھي ڪچي ۾ رھندڙ وحشي انسان جن کي انسانيت جو ڪو فڪر ناهي، انهن جو دين ايمان صرف پئسا ڪمائڻ انهن جي فطرت ۾ شامل ٿي چڪو آھي، جيڪي چند ٽڪن جي لالچ ۾ اچڻ ڪري عورتن جي عزت ڪرڻ انهن کان وسري وئي آھي. اھي مختلف بهانن سان ماڻھن کي گھرائي اغوا ڪري لکين ۽ ڪروڙين رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ لاءِ مغوين جي وارثن سان فون تي رابطو ڪرائي پئسا ورتا پيا وڃن۔ انهن سڀني خوفناڪ واقعن ۾ ڪنهن جا ھٿ ملوث ٿي سگھن ٿا ۽ ورتل رقم ڌاڙيل ڪنهن کي حصو پتي ڏين ٿا، اھڙن ظالماڻين وارداتن ٿيڻ جو ڪنهن ڪڏھن ڪو پيڇو ڪيو آھي؟ ان جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا، ڌاڙيل جيڪي ڪچي مان نڪري پڪي طرف اچي ماڻھو اغوا ڪري کڻي وڃن ٿا، ڇا پوليس انهن جي ڪا رستا روڪ به نٿي ڪري سگھي، جن پوليس عملدارن جون ڪچي ۾ پڪٽون يا وري چوڪيون لڳل آھن، اتي سوين اھلڪار مقرر ٿيل ھوندي به ڌاڙيل آسمان مان لھي ماڻھن کي اغوا ڪري کڻي وڃن ٿا، يا وري انهن ڀوتارن جا ڪمدار جيڪي ڌاڙيلن سان ڪچي ۾ ملاقاتون ڪري انهن رھزن کي جديد ھٿار پھچائي ڏيڻ ۾ مدد گار بڻيل رھن ٿا، جڏھن ته پوليس فورس ۾ اڄ به ڪاريون رڍون موجود آھن، جيڪي ڏوھاري ماڻھن جا سھولتڪار بڻجي انهن کي ھر ڄاڻ ڏيندا رھن ٿا، ڇاڪاڻ ته اتر سنڌ گھوٽڪي کان ڪشمور ۽ خيرپور کان نوشھرو فيروز تائين اترين علائقن جي ڪچن ۾ پيرن ۽ امير ماڻھن جون سوين ايڪڙ زمينون ڪچي جون ڪيٽيون انهن وڏين ڀوتارن جي قبضي ھيٺ آھن، انهن ٻيلن ۾ ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا ھاڻي به موجود آھن. اتي پوليس ۽ رينجرز جا آپريشن ٿيندي وري ملتوي ڪيا ويندا آھن، اھي ڪھڙا ڪارڻ ٿي سگھن ٿا جٿي غريب ماڻھن کي ٻنهي ھٿن سان لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو، حڪومت ڌاڙيل ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ پوليس کي جديد ھٿيار مھيا ڪري ڏئي ۽ سموريون سھولتون فراھم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ته جيئن انهن ظالم انساني روپ رکندڙ وحشي صفت جانورن جو ھميشه جيان نالو نشان ختم ٿي سگھي ۽ ڪچي ۾ رھندڙ ڌاڙيلن جي آپريشن ۾ ايڏي دير نه ٿيڻ گھرجي.

گل بيگ چانگ/پڪا چانگ، خيرپورميرس

مون کي محب وطن پاڪستاني هجڻ تي فخر آھي!

مونکي محب وطن پاڪستاني هجڻ تي فخر آھي پر سنڌ ۽ سنڌين سان ناانصافيون ٿيڻ تي گهڻي قدر ڏک پڻ آھي، گهڻي وقت کان ڇاڪاڻ محروميءَ جو شڪار سنڌ آھي، سوال اڀارڻ سان ڪي سٺا جواب ملي سگهندا، معدنيات سان مالا مال هوندي به ڇو اڌوري سنڌ آھي، اهڙن سوالن جا جواب اسان ڪنهن کان پڇون، حڪومت کان پڇون يا ڪنهن بيوروڪريٽ کان پڇون؟ مطلب ته انصاف لاءِ ڪنهن عدالت کان ڪڇون؟ اسان ننڌڻڪا ٿي ڇاڪاڻ ماريا وڃون ٿا؟ سچ ڪڇڻ سان به جلد ڌاريا ٿي وڃون ٿا، بجلي، گئس، پيٽرول ۽ ڪوئلي هوندي به! اسين ڄٽ ۽ جاهل آھيون، مالا مال هوندي به گداگر آھيون، ڪڏهن ڪڏهن روئڻ ايندو آهي اکين مان ۽ سڏڪندا نيڻ آھن، جڏهن پنهنجي قوم جو هي حال ڏسندا آھيون پر افسوس منجهان ملڪي حالتون ڏسي ڪڇي به ڪونه سگهندا آھيون، اسان جي ڌرتي امن جي آھي محبت ڀري ۽ پيار ڀري آھي، اسان جا مارو لطيف جي بيتن جيان سچا پنهنجي پيٽ لاءِ هڪ ڳڀي جي لاءِ به ويچارا آخر ڇاڪاڻ پريشان آھن، اهي حالتون رڳُو اسان لاءِ ڇو آھن؟ اسين سامراج ته ناهيون نه وري ڪي پناهگير آھيون، پوءِ به اسين ڇا جي ڪري هيڻي حال آھيون، جڏهن وقت آيو آ ڏکي حال جو تڏهن به سورهيه بادشاھ ٿي پنهنجي حق لاءِ ۽ هن پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان لاءِ اڳيان ٿي وڙھيا هون، صدين کان هن ڌرتيءَ جا وارث آھيون، تنهن هوندي به اسان ڏکئي حال آھيون، تعليم اسان کان کسي وئي آھي، جهالت اسان کي ڏاج ۾ ڏني وئي آھي، ان سڀ جو ذميوار ڪنهن کي ٺھرايون، نام نهاد لاءِ بس ويٺا ٿا وڏيرا سڏايون، قوم جا رکوالا ٿي مسڪينن جو مال کائون، عياشيون ڪري وري عياشيون ڪيون ٿا، ڀلي آڱر وانگي وڍيا وتون ٿا، تنهن هوندي به شڪر ادا ڪيون ٿا، پوءِ به ڪهڙا اسان سچا ڌرتيءَ سان آھيون، مهانگائي جي هٿ ٺوڪي طوفان لاءِ جدوجهد ڪندڙ جيڪي ساٿي پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي پنهنجا ٻچڙا ٻار ڇڏي فقت اسان لاءِ اٿيا آھن، انهن کي ڪهڙي اسان ڀليڪار چئون ٿا اڃان به اهڙين گهڙين تائين پڄائيندڙن جي غلامي ويٺا ڪيون ٿا. سوچ وري هميشج اڳتي جي ڪيون ٿا، افسوس! وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ڪڏهن آخر ڪڏهن اسان منجھ شعور ايندو، جو غدارن جا گريبان اسان جي هٿن ۾ هوندا؟

آزاد اصغر مصطفيٰ پنهور/ بلال ڪالوني ڪراچي

وڌندڙ مهانگائي ۽ غريب عوام!

پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌندي پئي وڃي، عام واهپي جي شين کان وٺي دوائن جا اگهه به هاڻ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. سرڪار جي ناقص پاليسين سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو آهي، وڌندڙ هن مهانگائي عوام کي ويتر پريشانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، حڪمران پنهنجي عياشين ۾ پورا آهن، ووٽ ڏيندڙ هي غريب عوام ٻه ويلا پيٽ ڀري کائڻ لاءِ به ترسي رهيو آهي، چونڊيل نمائندا پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ لڳا آهن، هن مهانگائي سبب پورهيت طبقو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪندڙ مزدور جا به حال هيڻا ٿي ويا آهن، سڄو ڏينهن اس ۾ تغاريون ڍوئيندڙ مزدور به پريشانين ۾ وڪوڙيل آهن، گهرن جا خرچ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي آسمان سان ڳالهائي رهي آهي، مهانگائي چوٽ چڙهي وڃڻ ڪري هاري مزدور پورهيت توڙي عام ماڻهو بکن ڪاٽڻ تي مجبور آهن، چونڊيل نام نهاد نمائندا ڄڻ ته گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا ٿي ويا آهن جيڪي نه ڪجھ ڏسي رهيا آهن نه ڪجھ ٻڌي رهيا آهن، غريب مسڪين ماڻهو مهانگائي عروج تي هئڻ سبب لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن راتيون لنگهڻ تي سمهي گذارڻ تي مجبور آهن، مهانگائي سبب آپگھاتن ۾ به اضافو ڏينهون ڏينهن ٿيندو پيو وڃي، ماڻهو پيٽ گذران لاءِ تمام گهڻا پريشان آهن، مزدور جي مزدوري اها ئي ساڳي آهي پر ان مهانگائي کي روڪڻ لاءِ حڪومت جو ڪو به ڪردار نظر نه آيو آهي. هٿ وٺي ملڪ جي غريب عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي، جنهن سبب عوام سخت پريشان آهي. کاڌي پيتي جي شين جا اگھ چوٽ چڙهي ويا آهن، چونڊيل نمائندن کان هي غريب اوجهل آهن ڄڻ ته انهن کان اهي وسري ويا آهن، ڪا شيءِ انهن کي نظر ئي نٿي اچي، اسان جا نام نهاد نمائندا پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن، سندن ڀڀ ڀرجڻ جهڙائي نه آهن جو ڪو غريب کڻي آسرو ڪري. دنيا جي ملڪن ۾ غريبن مسڪينن جو احساس ڪيو ٿو وڃي، انهن جو وڌ خيال رکيو ٿو وڃي پر هتي اسان وٽ ان جي صورتحال جي ابتڙ آهي بس هت غريب پنڻ تي مجبور آهي، سياستدانن کي عوام صرف اليڪشن ۾ ياد هوندو آهي، باقي ڪرسيون ۽ عهدا ماڻڻ کان پوءِ پنج سال هي غريب عوام ياد به ناهن ڪندا. حڪمرانن کان عوام ٻيو ڪجھ نٿو گهري گهٽ ۾ گهٽ مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪري هن عوام کي بک مرڻ کان ته بچايو جن توهان کي ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچايو آهي، گهٽ ۾ گهٽ انهن کان ٻن ويلن جي ماني جو حق ته نه کسيو. هيڏي مهانگائي ۾ 500 سئو رپيا ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، حڪمرانن کي کپي ته گهٽ ۾ گهٽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪن ته جيئن غريب مزدور پورهيت ٻه ويلا پيٽ ڀري کائي سگهي.

سجاد علي مگسي/ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام

عليشا جو درد ۽ انصاف لاءِ واجھائيندڙ اکيون!

هر صحافي پنهجي چمڪ کي قائم رکڻ لاءِ روايت موجب احتجاج رڪارڊ ڪرائيندڙن يا وري هر ان فرد کان جنهن جو ڪو مطالبو هجي ان کان اهو ئي سوال ڪندو آھي ته اوهان جو ڇا مطالبو آھي؟ ڪشمور جي صحافي ڪراچي مان نوڪري جي آس تي آيل تبسم کان به پنهجو روايتي سوال ڪندي چيو ته توهان هاڻ ڇا مطالبو ٿا رکو حڪومتي ادارن کان؟ سڪي ويل نيڻن کي پنهجي پوتي جي پلئو سان مهٽيندي چار ورهين جي عليشا جي والده وراڻيو ته “مان چاهيان ٿي ته هن سنڌ ڌرتيءَ تي ڪا ٻي عليشا نه بڻجي، ڪا ٻي تبسم نوڪري جي آس تي ڪنهن جانور جي ور نه چڙهي.” ڪو اهڙو قانون عمل ۾ آندو وڄي ڪا اهڙي سزا ڳولي وڃي، جيئڻ جون هزارين اميدون پنهجي من ۾ سانڍي ڪنهن سٺي پگهار جي آسري تي ڪراچي مان اغوا ٿي ڪشمور آيل تبسم ڪنهن رفيق نالي انسان جي شڪل ۾ جانور هٿان اغوا ٿي ڪشمور پهتي ۽ خيرالله نالي انسان وٽ چند پئسن عيوض وڪرو ٿي. اُن نوٽيس تي ڪيل اُن اي ايس آءِ جي هن جارحاني محنت به سنڌ پوليس جي وردي کي لڳل گار جو نشان پڻ لاهڻ جوڳو عمل آهي. ڪشمور ۾ هزارين بيگناھ ڪاريون ڪري مارجي ويل نياڻين جي قتلن تي وڏيرن ڪامورن  هٿان شعوري ۽ لاشعوري وڪاميل پوليس مان محمد بخش هڪ اهڙو چنڊ ٿي اڀريو جنهن نه رڳو پنهجي ورديءَ جو مان رکيو پر انسانيت جو ڳاٽ به هميشه لاءِ بلند ڪري ڇڏيائين. ڇا سنڌ ڌرتي تي لاڳيتو حڪومت ڪندڙ پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ وڏي وزير جي ڪنن تائين هُن معصوم عليشا جون ريهون ڪندڙ آواز نه پهتو؟ جيڪا هو هر روز ٿيندڙ زيادتي وقت ڪندي رهي هوندي؟ ۽ نه وري ڪو بيان جاري ٿيو، مسلسل هفتو رڙيون ڪندڙ معصوم عليشا جڏهن اسپتال پهتي ته سندن تي خاموشي جا کيپ هنڌ هنڌ کي وڪوڙي ويا هئا، سندن درد کي ڪنهن سفيد ڪاڳر تي اوتڻ يا لفظن سان بيان ڪرڻ منهجي وس ۾ ته ڇا پر خاموشي اختيار ڪندڙ عليشا جي ماءُ جي وس ۾ به ڪونهي. هن سرسبز سنڌ جنهن کي اسان ٻي صورت ۾ سنڌ ماءُ به ڪوٺيندا آهيون، هن زيادتين ۽ هانوءُ ڏاريندڙ واقعن کان پوءِ هن سنڌ ماءُ جو ڇا ٿيندو؟

نصرالله چانگ/ فيض گنج

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

ڀرپور ننڊ ڪري اٿيس، ٽي وي کولي خبرون ٻڌڻ ويٺس ته هڪ رهزن خبر منهن ۾ پئي ته روهڙيءَ واري ماتمي جلوس ۾ ڇهه عزادار ساهه ٻوساٽجڻ سبب مري ويا آهن. دوستن ناشتو لڳايو ته ايتري ۾ چاچو ورايو به اخبار کڻي آيو، مون چانهه جو ڍڪ ڀريندي اخبار جا پيجز اٿلايا ته پيج نمبر 8 تي مڪليءَ جي خوبصورت ماڳ جو ديدار ٿي ويو جنهن ۾ خبر لڳل هئي ته تاريخي ماڳ مڪلي برساتن بعد سائي چادر اوڍي ورتي آهي. مڪليءَ جي پوري جابلو ٽڪري برساتن بعد خوبصورت نظارو پيش ڪرڻ لڳي آهي. برساتن کان پوءِ سياحت وڌي وئي، وڏي انگ ۾ سياحن جي مڪلي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. اها خبر پڙهي مون هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ته عابد چيو ته پريشان نه ٿي، پاڻ به جلد آزاد ٿي انهن ماڳن تي حاضري ڀرڻ هلنداسين. مون هُن کي جواب ڏنو ته جيڪا عدالتي جي نيت جي پاليسي آهي ان حساب سان ته ايئن ٿو محسوس ٿئي ته پيريءَ ۾ ئي انهن ماڳن ڏي موٽ کائينداسين. سبيلون پي پي ڏاهاڻيءَ جو وات ئي چٻو ٿي ويو آهي پر پوءِ به ان کي ڏُک آهي ته شربت ورهائڻ وارو مارو هُن کي گلاس ۽ جڳ گھٽ ڀري ٿو ڏئي. آئون ڏاهاڻي ۽ مارو ٻنهي کي ڏسي سوچيان ٿو ته ڳالهين سان ذات جي خبر پوندي آ ۽ حرڪتن مان اوقات جي. بالي ووڊ جي فلم جنگل ڏٺي سين. ڏاهاڻيءَ جو چوڻ آهي ته 9 ۽ 10 محرم الحرام هو کوليءَ وغيره جي صفائي ڪونه ڪندو ڇو جو صفائي سٿرائي ڪرڻ سان گناهه ملندو، هُن کي منهنجي خيال ۾ اته اهو به ڪم چوريءَ جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ بي پرواهي به ذلالت جي حد تائين آهي. موسم ۾ گھڻي گھُٽ ۽ ٻوسٽ آهي، پر پوءِ به مون چيسٽ ۽ بائيسپس جي مڪمل ورزش ڪئي. عابد پيٽ جي ورزش ڪرڻ آيو هو پر ورزش ۽ گرمي ڏسي چوڻ لڳو ته آئون ٻاهر وڃي پيٽ گھٽائڻ لاءِ ڍڳيءَ جو گيهه پيئندس. مون هُن کي چيو ته جي ڍڳي جي گيهه سان پيٽ جي ٿولهه ختم ٿئي ها ته ريلسر ڪين جي پيٽ تي ٿولهه ئي نه هجي ها. ورزش کان پوءِ پسار وغيره به گھڻي ڪئيسين. سائين ولي محمد شاهه ۽ اُن جي سنگت سان به جام ڪچهري ٿي. دوستن شربت وغيره به گھڻو پياريو. اڄ اُستاد اعجاز هاليپوٽي صاحب جي ياد اچي رهي آهي، هُن کان تمام گھڻو سکڻ لاءِ مليو ۽ هن جو انگريزي ادب جو چڱو ڀلو مطالو هو ۽ هن جو سياسي شعور به پختو هو. ياد رهي ته پوري هفتي جا منهنجا ڪتاب استاد اعجاز ئي سليڪٽن ڪندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن اُن جي سليڪشن مون کي بور به ڪندي هئي. هن وقت عابد نماز پڙهي رهيو آهي ۽ ٻاهر طوفاني هوائون هلي رهيون آهن.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد، 07 آگسٽ 2022 (شام جا 07:24 وڳا)