پيرسن جي ٻي شادي: ڪنوار مائٽن سميت فرار، احتجاج

0
500

حيدرآباد: رٽائرڊ پرائمري استاد جو ٻي شادي وارو خواب ساڀيان نه ٿيو!ڪنوار مائٽن مبينا طور سميت فرار ٿي وئي، گهوٽ جو وارثن سميت احتجاج، جاتي واسي رٽائرڊ پرائمري استاد جو ٻي  شادي وارو خواب ساڀيان نه ٿيو، ڪنوار  مائٽن سميت مبينا طور فرار ٿي وئي

جاتي واسي رٽائرڊ پرائمري استاد جو ٻي شادي وارو خواب ساڀيان نه ٿيو، ڪنوار  مائٽن سميت مبينا طور فرار ٿي وئي، گهوٽ پاران وارثن سميت احتجاج ڪيو ويو

73ورهين جي گهوٽ محمد رمضان ٿهيم طرفان وارثن ۽ رشتو ڪرائيندڙ عورت سميت حيدرآباد ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنوار واپس ڏيارڻ جي گهر ڪئي وئي

محمد رمضان ٿهيم جو چوڻ هو ته ممتاز ڪالوني واسڻ 35ورهين جي ثمينا ڌيءَ محمد سليم سان نڪاح ڪيو هو، رخصتي دوران گاڏي ڪرائڻ وياسين،  واپس آياسين ته ڪنوار گهرڀاتين سميت غائب هئي

پيرسن گهوٽ مطالبو ڪيو ته مسمات پروين پهوڙ ۽ فياض پٽ محمد  اياز بلوچ رشتو ڪرايو هو، حق مهر ۾  ڏنل رقم واپس ڪرائي وڃي

هي به پڙهندا

سکر: لطيف يونيورسٽي خيرپور جي عورت ٽيچنگ اسسٽنٽ مبينا جنسي حراسمينٽ جو شڪار