سکر: لطيف يونيورسٽي خيرپور جي عورت ٽيچنگ اسسٽنٽ مبينا جنسي حراسمينٽ جو شڪار

0
391

سکر (بيورو رپورٽ) لطيف يونيورسٽي خيرپور جي عورت ٽيچنگ اسسٽنٽ مبينا جنسي حراسمينٽ جو شڪار ٿي وئي،  شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور  جي عورت ٽيچنگ اسسٽنٽ مبينا  جنسي حراسمينٽ جو شڪار ٿي وئي، وڊيو بيان جاري ڪيو ويو آهي

ڪينجهر لغاري طرفان يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽيڊي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين تي حراسان ڪرڻ جو الزام هنيو يو آهي،   دوستي نه رکڻ تان مبينا طور تي  نوڪري تان هٽايل ڪينجهر لغاري جو  وڊيو بيان به سامهون اچي ويو

ڪينجهر لغاري جو چوڻ آهي ته ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين سراج  سومرو ڪافي طريقن سان حراسان ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي،  سراج سومرو آفيس ۾ گهرائي دوستي  جي آفر ڪندي چيو ته توهان جا سڀ ڪم  ٿي وينداٽرين ۾ عورت سان گينگ

وڊيو بيان ۾ ڪينجهر لغاري چيو آهي ته دوستي کان انڪار تي سراج سومرو  نوڪري تان برطرف ۽ ايم فل جي داخلا  رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، يونيورسٽي انتظاميا 13 فيبروري  تي ٽيچنگ اسسٽنٽ طور مدي ۾ واڌ  جو آرڊر جاري ڪيو هو

هن جو چوڻ هو ته دوستي کان انڪار تي  ڪجهه  ڏينهن بعد 21 فيبروري تي نوڪري  ختم ڪئي وئي آهي، نوڪري تان صرف ان ڪري ڪڍيو ويو ۽  ايم فل ۾ داخلا نه ڏني وئي جو مون سراج  سان دوستي کان انڪار ڪيو

ڪينجهر لغاري جو  چوڻ هو ته سراج سومرو وٽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري  پاڪستان اسٽيڊي جي ناهي، شاگردياڻيون به هن جون شڪايتون  ڪنديون هيون

هن چيو ته يونيورسٽي جي ايمپلائيز سان اهڙو  سلوڪ ٿي رهيو آهي ته پوءِ شاگردياڻين  سان ڇا ٿيندو هوندو، اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري اهڙين پوسٽن تي ايماندار ماڻهن کي رکيو وڃي

هي به پڙهندا

سنڌ جي مختلف شهرن مان ڌاڙيلن طرفان 4 ڄڻا اغوا