سنڌ جي مختلف شهرن مان ڌاڙيلن طرفان 4 ڄڻا اغوا

0
219

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن مان ڌاڙيلن هٿان وڌيڪ 4 ڄڻا اغوا ڪيا ويا آهن، ڪنڌڪوٽ ويجهو باءِ پاس تان 2 نوجوان مبينا طور اغوا ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ ويجهو باءِ پاس تان 2 نوجوان مبينا طور اغوا، وارثن جو چوڻ هو ته ڳوٺ اختيار احمد نوناري واسي حسيب  عرف بابو ۽ عبدالرئوف نوناري کي  هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، اطلاع ڏيڻ باوجود  پوليس نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪي قدم ناهن کنيا،

غوثپور جي جمال ٿاڻي جي حد ۾ مڇي جي فارم تان چوڪيدار مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي،  جمال ٿاڻي جي حد ۾ مڇي جي  فارم تان چوڪيدار مبينا طور اغوا ٿي ويو

علائقي واسين موجب هٿياربند عبدالرشيد اوڳاهي جي مڇي  جي فارم تان سردار نندواڻي کي اغوا  ڪري ڪچي کڻي ويا

نوجوان جي اغوا بعد ڪشمور ضلعي ۾ مغوين جو انگ وڌي 16 ٿي ويو، مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙومتل آهي، سنڌ سرڪار ۽ پوليس کان مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ميرپور ٻرڙو: اغوا ٿيل ٻن ڀائرن جي آزادي لاءِ 50لک روپيا ڀُنگ طلب

تنگواڻي ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ٻن ڀائرن جي آزادي لاءِ 50لک روپيا ڀُنگ طلب ڪيو ويو آهي،  ڌاڙيلن ڳوٺ رانجهاپور واسي ٻن ڀائرن  عبدالغفور ۽ منصور ٻرڙو جي وارثن کي  فون ڪري 50 لک روپيا ڀُنگ گهريو

وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن 4 ڏينهن اندر ڀُنگ جي رقم نه ڏيڻ تي ٻنهي ڀائرن کي قتل  ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، غربت سبب 2 ويلا ماني لاءِ پريشان آهيون، ايتري رقم ڪٿان آڻيون، نوٽيس ورتو وڃي

ٻئي پاسي بخشاپور ويجهو هوٽل تي سُتل هڪ ڄڻو مبينا طور اغوا ٿي ويو، بخشاپور ويجهو ڳوٺ الله رکيو  سولنگي ۾ هوٽل تي سُتل  هڪ ڄڻو مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي

مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته هٿياربند هوٽل تي سُتل 2ڄڻن کي اغوا  ڪرڻ بعد راڻو سولنگي کي ڇڏي ارباب  سولنگي کي ڪچي کڻي ويا

اغوا جي اطلاع تي وڏي  انگ ۾ ڳوٺاڻا ۽ مغوي جا وارث  درياءَ جي بند تي پهچي ويا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال آهي، هن وقت سنڌ جي مختلف علائقن مان ڪيترائي نوجوان اغوا ٿيل آهن پر انهن جوپتو ناهي پئجي سگهيو، پوليس جو ڪچي ۾ آپريشن پڻ جاري آهي

هي به پڙهندا

رائونتي جي ڪچي ۾ مبينا مقابلي دوران چنيوٽ واسي 9 فنڪار بازياب