رائونتي جي ڪچي ۾ مبينا مقابلي دوران چنيوٽ واسي 9 فنڪار بازياب

0
170
رائونتي جي ڪچي ۾ مبينا مقابلي دوران چنيوٽ واسي 9 فنڪار بازياب
رائونتي جي ڪچي ۾ مبينا مقابلي دوران چنيوٽ واسي 9 فنڪار بازياب

رائونتي/ڏهرڪي (نمائندن وٽان) رائونتي جي ڪچي ۾ مبينا مقابلي دوران چنيوٽ واسي 9 فنڪار بازياب ٿي ويا

پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو ٿيو، چنيوٽ جي رهواسي 9 فنڪارن کي بازياب ڪرايو ويو

22 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن پنجاب واسي 9 فنڪارن کي اغوا ڪيو هو،  چنيوٽ  جي دهلاري گروپ کي سنڌ پنجاب بارڊر واري ڪچي ۾ شادي جي بهاني گهرائي يرغمال بڻايو ويو

بازياب ٿيلن  ۾ عنصر علي،سيمبل، شفقت علي ،بلال ،مشتاق ،اسماعيل، قمر عباس ،طيب ۽ نعمان علي شامل آهن

پوليس موجب رائونتي جي  ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾9 ئي فنڪار بازياب ڪرايا فنڪار  زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا

ٻئي پاسي  تنگواڻي ويجهو انڊس هاءِ وي تان ڪانوائي دوران 3 ٺل واسي اغوا ٿي ويا، بجار آباد اسٽاپ وٽ پوليس ڪانوائي تي فائرنگ ڪئي وئي

ڏوهارين عبدالغفور ٻرڙو، منصور ٻرڙو ۽  لعل محمد ٻرڙو کي اغوا ڪيو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، زخمي کي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو

هي به پڙهندا

دريا خان مري ويجهو پرائمري استاد اغوا، وارثن کان 35 لک روپيا ڀنگ طلب