دريا خان مري ويجهو پرائمري استاد اغوا، وارثن کان 35 لک روپيا ڀنگ طلب

0
373
دريا خان مري ويجهو پرائمري

دريا خان مري (رپورٽر) دريا خان مري ويجهو پرائمري استاد اغوا، وارثن کان 35 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

دريا خان مري ويجهو ڳوٺ ڊاڪٽر فضل  مري واسي پرائمري استاد اغوا ٿي ويو، وارثن کان 35 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

مغوي استاد جي سئوٽ سجاد مري جو چوڻ آهي ته قمر عباس مري ٻن ڏينهن کان گم هو،  ڌاڙيلن اڄ فون ڪري 35 لک روپيا ڀُنگ گهريو آهي

مغوي جي سئوٽ سجاد مري جو وڌيڪ چوڻ هو ته قمر عباس مري چيو کيس تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڌاڙيل کيس قتل ڪري ڇڏيندا

هن جو چوڻ هو ته 35 لک رپيا ڪٿان آڻيون، استاد قمر عباس مري جي حياتي کي خطرو آهي، پوليس قدم کڻي اسان جي سئوٽ کي بازياب ڪرائي

هي به پڙهندا

پنوعاقل مان کنڀيل مختيارڪار ۽ سندس واپاري ڀاءُ گهر پهچي ويا