اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل

0
147

Azadi March: Changing plan to stay at D-Chowk, Imran says will return in 6 days if elections not called - Pakistan - DAWN.COM
اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت ۾ عمران خان جي پيشي تي هنگامن ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي سوڌو 10 کان وڌيڪ ڏوهن جا قلم شامل ڪيا ويا آهن

داخل ڪيل دهشتگردي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا 50 کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ اڳواڻ جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن، مراد سعيد، عامر ڪياني، علي امين گنڊاپور، شبلي فراز، اسد عمر، علي اعواڻ ۽ عمر ايوب سوڌو 17 اڳواڻ جوابدارن ۾ شامل آهن

 ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هنگامن دوران پوليس چيڪ پوسٽ کي نقصان پهچائڻ سان گڏ جڊيشل ڪمپليڪس جا در ۽ شيشا ٽوڙيا ويا، پوليس جي ٻن گاڏين ۽ 7 موٽر سائيڪلن کي باهه ڏني وئي

Protests break out across Pakistan after ECP disqualifies Imran Khan

 اسلام آباد پوليس نقصان جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پٿراءُ سان گڏ ٽيئر گئس گنز سان شيل فائر ڪيا ۽ پيٽرول بمن سان حملا ڪيا، پُرتشدد حملن دوران 53 آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿي پيا، 12 گاڏين کي نقصان پهچايو ويو

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ طرفان زمان پارڪ آپريشن ۾ شامل پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، فواد چوڌري چيو آهي ته پوليس عمران خان جي گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو

Zaman Park operation: AK-47s, bullets recovered from Imran Khan's house, say police

فواد چوڌري موجب معصوم ماڻهن تي تشدد سان گڏ گهر مان چوري ڪئي وئي، اهلڪار جوس جا دٻا به کڻي ويا، اڄ قانوني ٽيم سان مشاورت بعد غيرقانوني آپريشن ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

عمران خان جڊيشل ڪمپليڪس پهچي ويو، عدالت ٻاهران پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، ڪيترائي ڪارڪن زخمي

توشه خانه ڪيس: سيشن جج پاران عمران خان جي درخواست منظور: گاڏي ۾ حاضري لڳائڻ جي اجازت