آئون ڇو 9 مئي واقعن تي معافي گهران، معافي ته مون کان وٺڻ : عمران خان

0
27
آئون ڇو 9 مئي واقعن تي معافي گهران، معافي ته مون کان وٺڻ : عمران خان
آئون ڇو 9 مئي واقعن تي معافي گهران، معافي ته مون کان وٺڻ : عمران خان

آئون ڇو 9 مئي واقعن تي معافي گهران، معافي ته مون کان وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن ڳالهيون نٿا ڪن ته ڀلي نه ڪن، اسان ته ملڪ لاءِ ڳالهين جو  چئي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ باني عمران خان جون اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهيون

پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته 9 مئي واقعن جو اُن وقت پتو پيو، جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، 9 مئي واقعن جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال آڏو مذمت ڪئي هئي، فوج اسان جي آهي ۽ اسان کي فوج سان ڪوبه مسئلو ناهي، 27 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به هنگاما نه ڪيا آهن، سياسي پارٽي ڏڦيڙ نه چاهيندي آهي، 2014ع واري ڌرڻي بابت سمورا الزام غلط آهن، ڌرڻي جي جاچ لاءِ تيار آهيان، شهباز شريف لنڊن معاهدي تحت وزيراعظم ٿيو آهي