هر پاسي رڪاوٽون لڳايون ويون، اڄ لُڪي عدالت آيو آهيان: عمران خان جو عدالت آڏو بيان

0
224
هر پاسي رڪاوٽون لڳايون ويون، اڄ لُڪي عدالت آيو آهيان: عمران خان جو عدالت آڏو بيان
هر پاسي رڪاوٽون لڳايون ويون، اڄ لُڪي عدالت آيو آهيان: عمران خان جو عدالت آڏو بيان

لاهور: عمران خان اسلام آباد ۾ درج ٿيل ٻن ڪيسز ۾ ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، عمران خان جي پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ زمان پارڪ ۾ آپريشن خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست ۾ عمران خان روسٽرم تي آيو ۽ آپريشن جا تفصيل بيان ڪيا

 ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ سوال ڪيو ته عمران خان سان گڏ هي عدالت ۾ گارڊ ڪنهن جا آهن، جيڪڏهن پوليس جا آهن ته پوءِ ٺيڪ آهي، جيڪڏهن پرائيويٽ گارڊز آهن ته ٻاهر وڃن

Zaman Park operation: AK-47s, bullets recovered from Imran Khan's house, say police

فواد چوڌري ٻڌايو ته هي عمران خان جي ذاتي سيڪيورٽي آهي، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته سيڪيورٽي جي لاءِ پوليس اهلڪار موجود آهن

ٻڌڻي دوران عمران خان روسٽرم تي اچي ٻڌايو ته منهنجي گهرواري گهر ۾ هئي، گهر جا شيشا ٽوڙيا ويا، اسلام آباد ۾ هيس ته پوليس منهنجي پٺيان گهر ۾ ڪارروائي ڪئي

عمران خان چيو ته منهنجي گهرواري گهر ۾ اڪيلي هئي، شيشا ٽُٽڻ تي اُن دانهون ڪيون، گهر ۾ پوليس جي ڪارروائي جي وڊيو موجود آهي

هُن جو چوڻ هو ته اڄ مان لُڪي عدالت پهتو آهيان، ان گاڏي ۾ آيو آهيان جنهن کي ڪير به نٿو سڃاڻي، اڄ بغير ڪنهن قافلي جي آيو آهيان، هر هنڌ رڪاوٽون لڳائي مون کي روڪيو ويو ته عدالت نه پهچي سگهان

جسٽس طارق سليم شيخ جو چوڻ هو ته ميڊيا تي ويهي جيڪو عدليه جو مذاق اڏائي رهيا آهيو ان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪندس، جيڪڏهن سموريون ڌريون عدليه جي عزت نه ڪئي ته پوءِ توهين جي ڪارروائي ڪندس

عدالت سرڪاري وڪيل کي زمان پارڪ آپريشن بابت هدايتون وٺي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اسان کي قانون مطابق ڪارروائي ڪرڻي هوندي آهي اسان صرف قانون جي ڳالهه ڪندا آهيون

جسٽس طارق سليم شيخ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

عمران خان کي حڪمران مارائڻ چاهين ٿا: شيخ رشيد