ارسا جي سينا زوري ۽ سنڌ حڪومت جي لاتعلقي

0
215
گفتگو گفتگو ... ڊجيٽل آدمشماري ۽ پيپلز پارٽي جي سڏايل اي پي سي

روزاني “پنهنجي اخبار” ۾ سنڌ جي اڳوڻي آبپاشي جي سيڪريٽري ادريس راجپوت صاحب 31 آگسٽ ۽ 19 آڪٽوبر 2021ع جي مضمونن ۾ ارسا پاران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن بابت انتهائي اهم نقطو اٿاريو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي حوالي سان آهي، ادريس صاحب لکي ٿو ته “سنڌ سرڪار  گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي  لکت ۾ڏي ته ارسا جو هي فيصلو غلط آهي، جنهن تي گڏيل مفادن وارا فيصلو ڏين.

پر آبپاشي کاتي وارن آفيسرن کان مون  پڇيو آهي ته ڇا اهڙو ڪو ليٽر گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي لکيو ويو آهي، جنهن تي هو سڀ نابري وارين ٿا، جڏهن سنڌ وارن اهڙو ليٽر لکيو ئي ناهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل انهن تي ڪهڙو فيصلو ڏي.؟”

                 سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي جي عرصي کان به وڌيڪ پنجاب مسلسل ڌاڙا هڻندو پيو اچي، جنهن ۾ گهٽتائي اچڻ بدران ڏاڪي به ڏاڪي شدت سان تيزي ايندي ٿي وڃي. ارسا اٿارٽي سينا زوري ڪري اهڙا فيصلا ڪري ٿي جنهن جو کيس ڪوبه اختيار نه آهي. ملڪ ٺهڻ کان پوءِ اڪثر جيڪي سنڌ جا حڪمران چونڊجي آيا آهن، انهن جو سنڌ جي پاڻي جي مالڪي جي حوالي سان ڪو بهتر ڪردار نه رهيو آهي، پر الٽو سنڌ جا حڪمران وفاق جا حمايتي ۽ سهولتڪار رهيا آهن.

 هن وقت سنڌ صوبي ۾ پيپيلز پارٽي جي سرڪار آهي، پ پ پ گذريل 13 سالن کان مسلسل حڪومت ۾ آهي، سنڌ حڪومت جو سنڌ جي عوام جي بنيادي مسئلن ڏانهن رويو انتهائي افسوسناڪ آهي. جيئن ته سنڌ هڪ زرعي صوبو آهي، ماڻهن جي گذر سفر جو وڏو وسيلو زراعت تي آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ پاڻي نه هوندو ته پوءِ سنڌ جا لکين ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪيئن ڪري سگهن ٿا؟ سنڌ جي ٻين روزگار جي وسيلن تيل، ڪوئلي، گيس، شهرن ۾ روزگار ۽ نوڪرين تي اڳ ۾ ئي سنڌ جي ماڻهن کي اختيار نه آهي.

هن سال ڪتي جي موسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ سارين جو فصل پوکجي نه سگهيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه علائقن ۾ ساريون پوکيون ويون آهن ته اتي پاڻي دير سان پهتو آهي. فصل جي دير سان پوکجڻ سبب اپت گهٽ ٿي آهي، وارا بندي، فصل کي بيمارين ۽ برساتن به نقصان پهچايو آهي، ان کان اڳ سنڌ سرڪار جي ڪجهه اهم ذميوارن بيان ڏنا ته سارين جي فصل پوکڻ تي بندش آهي.

لاڙ جي پٽي ۾ چيٽ جا فصل ورلي ٿين ٿا، ماڻهن جو گهڻو تڻو گذر سارين جي فصل تي هوندو آهي، هن سال بدين، سجاول، ٺٽي ضلعن ۾ پاڻي دير سان پهتو ۽ ايئن اپر سنڌ جي علائقن ۾ لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ خاص ڪري دادو پاڻي جي کوٽ سبب وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، رائيس ڪينال جيڪو آهي ئي سارين جي فصل لاءِ ان ۾ وقت سر پاڻي نه ڇڏيو ويو، پاڻي جي کوٽ سبب مسلسل هاري ۽ آبادگار ڌرڻا هڻندا ۽ احتجاج ڪندا رهيا، پر وس وارن هارين ۽ آبادگارن جي ڪابه دانهن ڪوڪ نه ٻڌي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ڪا واهر ڪئي،

بقول ادريس راجپوت صاحب جي ته سنڌ حڪومت پاڻي جي کوٽ بابت وفاق سان ڪابه لک پڙهه نه ڪئي آهي، اهم معاملن جي نبيري لاءِ گڏيل ڪائونسل جو فورم موجود آهي، جنهن ۾ وفاقي نمائندن سان گڏ صوبن جا وڏا وزير شامل هجن ٿا. سنڌ حڪومت گڏيل ڪائونسل ۾ پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪري پئي سگهي، پر سنڌ جا حڪمران اهو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. گڏيل ڪائونسل جيڪڏهن صوبن جا اعتراض نٿي ٻڌي ۽ انهن کي حل نٿي ڪري ته حڪومتي سطح تي سنڌ حڪومت کي موقعو هو ته هو سڄي دنيا کي ٻڌائي ها ۽ خاص ڪري عالمي ادارن جو ڌيان ڇڪائي پئي سگهي ته سنڌ جي عوام سان پاڻي جي معاملي تي وفاق ۽ پنجاب جي حڪمرانن ظلم ڪيو آهي.

 سنڌ حڪومت اسلام آباد ۾ ميڊيا سيل ٺاهي پئي سگهي، جتان روزاني جي بي بنياد تي عالمي نشرياتي ادارن تائين پهچ ۽ وڏي وزير جون سڌي طرح پريس ڪانفرنسن جو بندوبست ڪرڻ، ٻين ملڪن جي سفارتڪارن سان لک پڙهه ۽ ملاقاتون، مطلب ته حڪومتي سطح تي گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو،

 پر سنڌ جي عوام جي بدقسمتي آهي ته سنڌ کي هر دور ۾ اهڙا حڪمران مليا آهن جن کي سنڌ جي عوام جي مفادن جي ڳڻتي گهٽ ۽ پنهنجي اقتداري ڪرسي جي ڳڻتي وڌيڪ هوندي آهي. هو پنهنجي ووٽرن، تڪ ۽ صوبي جي عوام ڏانهن جوابده هجڻ بدران اسلام آباد جي مائي بابن ڏانهن جوابده هوندا آهن. ايئن قطئي ناهي ته ڪو پاڻي جي حوالي سان سنڌ جو ڪيس ڪمزور آهي، سنڌ جو ڪيس تمام گهڻو مضبوط آهي، سنڌ جي ساڃاهه وندن، آبپاشي ماهرن، سياسي قيادت ۽ صحافين انگ اکر سان تمام وڏو ڪم ڪيو آهي.

مثال طور ڊڪٽيٽر پرويز مشرف نومبر 2003ع ۾ اي اين جي عباسي صاحب جي نگراني ۾ “پاڻي جي وسيلن بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي” جوڙي، جنهن ڪميٽي 25 آگسٽ 2005ع تي ان وقت جي وزير اعظم شوڪت عزيز کي رپورٽ پيش ڪئي.

 ان ڪميٽي ۾ پاڻي بابت ٻين نقطن سان گڏ موجوده ارسا جي حوالي سان تفصيلي چنڊ ڇاڻ پيش ڪئي ويئي آهي ۽ ان ڪميٽي ڇهه سفارشون ڪيون آهن، جيڪي انتهائي اهم آهن، تفصيل سان ايندڙ مضمون ۾ ڏبيون، پر حاصل مطلب هي آهي ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي،

 ادريس راجپوت صاحب سنڌ حڪومت جي روئي جو سنڌ جي عوام کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت مان ڪا چڱائي جي اميد رکڻ پنهنجي ئي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ جي برابر ٿيندو، ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي عوام جيئن ڪاريهر ڪالاباغ ڊيم خلاف مسلسل جدوجهد ڪئي ايئن ئي پنهنجي پاڻي کي ورائي وٺڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري سنڌ جي عوام کي گهڻ طرفي پُرامن جمهوري جدوجهد جي ميدان ۾ اچڻو پوندو.

[email protected]