جيڪس هيس ڌاري ۽ عورت جو ڪهڙو ديس

0
299
شرميلي شرميلي تقرير ۽ آمريڪي وضاحت

ان ڏينهن راولپنڊي ميٽرو جي انڊر پاس وٽ هڪ واقعو پيش آيو.جنهن موجب اسلام آباد جي ڪنهن يونيورسٽي جي آئي ٽي جي شاگرد ميٽرو انڊرپاس وٽ ئي  عورت مٿان تشدد ڪيو ۽ سندس ريپ پڻ ڪيو ويو.ان واقعي جا تفصيل پڙهڻ بعد پتو پيو ته ان آئي ٽي واري شاگرد نوڪري ڏيارڻ جو اشتهار ڏنو هو جيڪو پڙهي لاهور کان اها ڇوڪريءَ راولپنڊي  آئي هئي جنهن کي  انٽرويو ڪال ڏيندڙ ڇوڪري سرعام تشدد ۽ ريپ جو نشانو بڻايو  آهي.

پوليس اڃان تائين ان واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.اهو واقعو پڙهڻ بعد مونکي پنجاب ۾ موٽروي تي پيش آيل اهو واقعو ياد اچي ويو جنهن دوران گوجرا وٽ  پنهنجي ڪار هلائيندڙ عورت سان گينگ ريپ ڪيو ويو هو.جنهن واقعي جي پوري دنيا مان جڏهن مذمت آئي ته پنجاب پوليس جي هڪ وڏي عملدار ان وقت ڏاڍي بي تڪي ڳالهه ڪئي هئي ته بيگاهه وقت تي عورت کي اڪيلو نڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ۽ جيڪڏهن اهڙي ايمرجنسي هئس ته پنهنجي گاڏي جو پيٽرول چيڪ ڪري ته نڪري ها.

اها ڳالهه پنجاب پوليس جي ذميوار ۽ سينيئر عملدار ڀلي ته پنهنجي تجربي آڌار ڪئي هجي پر سندس بيان مان اها ڳالهه واضع طور جهلڪي رهي هئي ته عورت اسان جي معاشري ۾ ڌاري آهي جنهن جو نه ته ڪو ديس آهي نه ئي ڪو رشتو.جتي به توهان کي اهڙي  اڪيلي عورت نظر اچي وڃي ان مٿان نه رڳو تشدد ڪيو پر کيس ريپ جو يا  اجتماعي ريپ جو نشانو بڻائي سگهو ٿا. و ته اها عورت بيگاهه وقت تي  بگهڙن جي ديس ۾ اڪيلي ڇو نڪتي آهي. کيس سزا ڏيڻ لاءِ سندس اهوئي جرم ڪافي آهي.

گوجره موٽروي گينگ ريپ جي جاچ اڃان تائين روايتي پنجاب پوليس اسٽائيل ۾ جاري آهي ۽ ڪالهه تائين متاثر عورت جو بيان سامهون آيو هو ته کيس پوليس جا ايس ايڇ او يا ڊي ايس پي سطح جا عملدار حراسان ڪري رهيا آهن.پنجاب پوليس جي ان رويي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڳتي هلي ان متاثره عورت کان ئي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءَ دٻاءُ وجهندا.  اسان جي پرهجوم ۽ باغيرت معاشرن ۾ رستي ويندي عورت ڪيتري نه اڪيلي ، ڌاري ۽ بگهڙ مردن لاءَ ڪيترو نه آسان شڪار آهي سا ڪهاڻي صرف سنڌ پنجاب يا پاڪستان نه پر لڳ ڀڳ پوري دنيا جي ملڪن تائين ڦهليل  آهي.

 دهلي گينگ ريپ ڪيس تي ته بعد ۾ ٿا اچون پر آمريڪا جهڙي نام نهاد سڌريل معاشري ۾ گذريل هفتي هلندڙ ريل ۾ جيڪو ريپ وارو واقعو پيش آيو آهي تنهن اتان جي پوليس جا به ڪن کڙا ڪري ڇڏيا آهن.اهو واقعو آمريڪي شهر فليڊيلفيا واري روٽ تي هلندڙ هڪ ريل ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن مسافر عورت کي هڪ 35 سالن جي بگهڙ نما مرد تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. سندس سيٽ اڳيان ويهي عجيب غريب حرڪتون ڪندو رهيو ۽ نيٺ پنهنجي پينٽ لاهي هلندڙ ريل گاڏي ۾ عورت مٿان چڙهي ويو.آمريڪي شهر جي مقامي پوليس کي اهڙو اطلاع ٽرانسپورٽ ڪمپني جي هڪ ريٽائرڊ ملازم ان وقت ڏنو جڏهن هڪ ننڍي اسٽيشن تي ريل جهڪي ٿي ۽ هن دريءَ مان اهو واقعو ڏسي هنگامي نمبرن واري سروس تي فون ڪري پوليس کي چيو ته فلاڻي ريل ۾ عورت سان ڪو مسئلو آهي توهان ايندڙ اسٽيشن تي چيڪ ڪجو.

 پوليس ايندڙ اسٽيشن تي منٽن ۾ پهچي وئي ۽ ريل جي دٻي ۾ چڙهي عورت مٿان ڪري پيل ان بگهڙ نما مرد  کي لاهي پينٽ پارائي کيس گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي وئي ۽ عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ان پوليس پارٽي ۾  هڪ اهڙو به حساس دل وارو عملدار موجود هو جنهن جي عدالت ۾ ڏنل بيان سبب واقعي جي نئين رخ تي آمريڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا ۾ بحث ٿي رهيو آهي.هن چيو ته هلندڙ ريل ۾ عورت مٿان تشدد ۽ ريپ جو اهو واقعو لڳ ڀڳ چاليهن منٽن تائين جاري هو.ريل جو اهو دٻو خالي نه هو پر ٻيا مسافر  به ويٺل هئا جيڪي پنهنجي پنهنجي موبائيلن تي اهو واقعو ريڪارڊ ڪري رهيا هئا.انهن کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪرڻ گهرجي ها.

جيڪڏهن عورت مٿان حملو ڪندڙ کي  اهي مسافر سڌو روڪي نه پئي سگهيا ته پوليس جي هنگامي سروس تي فون ڪال ڪري پئي سگهيا.پر ريل جي دٻي ۾ موجود انهن پڙهيل لکيل ماڻهن منجهان ڪنهن به پوليس کي اطلاع نه ڪيو ۽  ريل ٻاهران هڪ ويران اسٽيشن تي بيٺل ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ملازم پوليس کي فون ڪئي.ان حساس دل پوليس عملدار  عدالت کي مشورو ڏنو ته ريل ۾ سوار اهڙن بي حس ماڻهن خلاف پڻ ڪا نه ڪا عدالتي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي.

آمريڪي شهر فليڊيلفيا ۾ آئون پاڻ به وڃي چڪو آهيان ۽ منهنجي آمريڪي دوست ايملي پڻ ان جي ئي ڀرپاسي ۾ رهندي آهي.بظاهر اهو شهر تمام گهڻو ترقي يافته لڳندو ۽ جديد کان جديد سهولتن وارو آهي پر ترقي صرف سيمينٽ جي اوچين عمارتن جو نالو ته ناهي، ترقي ذهني اوسر يا شعور جو به ته نالو آهي جيڪو اڃان تائين انهن اوچين عمارتن ۾ شايد نه پهچي سگهيو آهي.

جنهن زماني ۾ آئون فليڊيلفيا گهمي رهيو هئس ته هڪ رستي تان ايل جي بي ٽي وارن جو وڏو جلوس گذري رهيو هو جيڪي لڳ ڀڳ سمورا الف اگهاڙا ۽ ڪپڙن کان آجا هئا.موج مستيءَ  ۾ وڏن لائوڊ اسپيڪرن تي پنهنجا نعرا هڻي سائيڪلن تي وڏين ۽  گاڏين تي گذري رهيا هئا.ان وقت اسان جي آمريڪي ميزبان  دوست جي گاڏي به جلوس واري رستي ۾ ڦاسي پئي جتان اسان کي گذرڻو هو.ان دوست جو هڪ ننڍو پٽ پڻ اسان سان ڪار ۾ گڏ ويٺل هو جنهن جو جڏهن جلوس طرف ڌيان پئي ويو ۽ هن پڇيو پئي ته پاپا هي ڇا ٿا چاهين ڇا ڪري رهيا آهن؟  ته سندس پيءُ  جلوس وارن کي سنڌيءَ ۾ ڪچي گار ڏيندي پنهنجي پٽ کي سختيءُ سان  منع ڪري رهيو هو ته ان طرف نه ڏس،

 اهي برا ماڻهو آهن. هاڻي آئون سوچان ٿو ته ايترن آزاد ۽ ترقي يافته معاشرن ۾ به ريل ۾ سفر ڪندڙ هڪ اڪيلي عورت محفوظ ناهي ته پوءَ آفريڪا، انڊيا، افغانستان يا پاڪستان ۾ آخر  ڪٿي محفوظ هوندي.ريل جي ان دٻي ۾ ٻيا مسافر به ويٺل هئا پر انهن سندس ڪا به مدد نه ڪئي جهڙو ڪر اها ڌاري عورت هجي ۽ هنن اهو سوچيو ته ڌاري عورت سان پنهنجو ڪهڙو واسطو.؟

اڪيلي عورت ڏانهن اهو رويو صرف آمريڪا نه پر پنهنجي ڏکڻ ايشيائي  ملڪن ۾ به عام آهي.جتي عورت کي ڌاري يا پرائي عورت سمجهي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو .ڪجهه وقت اڳ جي اها خبر توهان کي اڃان به متان ياد هجي ته انڊيا جي مرڪزي شهر يعني دهلي ۾ رات جي وقت  هلندڙ بس دوران هڪ نوجوان جوڙي سان تشدد جو واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ نوجوان مرد کي ٻڌي سندس عورت دوست کي هلندڙ بس ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي ٻنهي کي هلندڙ بس مان ڪنهن ويران جڳهه تي اڇلايو  ويو هو.

اهڙا واقعا ڪنهن به معاشري ۾ ڪنهن به وقت ٿي سگهن ٿا.انهن جو ڪنهن به مذهب يا ڪنهن معاشري سان تعلق ناهي.اهو عيسائين جي اڪثريت واري ملڪ آمريڪا ۾ به ٿي سگهي ٿو ته اهو هندو مذهب جي اڪثريت واري ملڪ هندستان ۾ به ايئن ٿي سگهي ٿو جيئن اهو واقعو مسلمانن واري اڪثريتي ملڪ پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿو.اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ نه رڳو قانو سازي جي سخت ضرورت آهي پر عورت جي تحفظ لاءِ ٿيل ان قانونسازي تي پوري ايمانداريءَ سان عمل ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن  انساني آبادي ۾ عورتن لاءِ  پرهجوم  معاشرن ۾ وڌيڪ پنهنجائپ وارو رويو پيدا ٿي سگهي ۽ سڀاڻي ڪا به عورت اهڙي عذاب مان گذري ايئن نه چئي ته جيڪس هيس ڌاري الا لا …مارن تڏهن وساريو…..