دنگن کان پوءِ غير محفوظ بنيل پنھنجا ننگ !!!

0
156
دنگن کان پوءِ غير محفوظ بنيل پنھنجا ننگ !!!

                 ڪڏھن ڪڏھن ايئن لڳندوآھي ڄڻ اسان واقعي به غلام ھجون ڄڻ نه ته پنھـنجي ھي ڌرتي آھي نه پنھنجو ھي آڪاس آھي نه پنھنجا شھر آھن نه پنھنجا ڳوٺ آھن بس پنھنجي ديس ۾ بي وسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون .

                 سنڌ جيڪا ھن ملڪ جي ماءُ آھي ھن ملڪ جي خالق آھي ۽ ملڪ ٺھڻ کان وٺي ھن مھل تائين ڪنھن به ڪڏھن به اھو احساس ناھي ڏياريو ته ھي ملڪ اوھان جو به آھي. ھي رياست اوھان جي به ماءُ آھي پر اسان کي سدائين نشان تي رکي اھو بانور ڪرايو ويو آھي ته اسان ھن رياست جا نافرمان ۽ غدار آھيون توڙي جو ھن ملڪ مٿان آيل ھر ڏکي گھڙي ۾ سنڌ پنھنجي ملڪ سان گڏ بيٺي آھي.

 ڪارگل جنگ ۾اڳئين صف تي وڙھندڙ ۽ شھيد ٿيندڙن جي اڪثريت ان سنڌ جي هئي جنھن جي نوجوانن کي درس گاھن مان کڻي اکين تي پٽيون ٻڌي ڊبل ڪيبن ۾ اونڌي منھن ليٽائي اونداھي ٽارچر سيلن ۾ ابتو ٽنگيو ويندو آھي.

ھن ملڪ لاءِ ايٽم بم ٺاھيندڙ کي ڦاسي جي ڦندي تي لٽڪائي اھو احساس ڏياريو ته توھان ملڪ لاءِ سون به ٿي پئو پر اسان لاءِ غدار  آھيو. ھن ملڪ جي پھرين سنڌي خاتون وزير اعظم کي لياقت باغ ۾ بم ھڻي  شھيد ڪري لاش لاڙڪاڻي آندو ته ان وقت ملڪ جي دربدر ٿيل نظام کي ھڪ سنڌي “پاڪستان کپي ” جو نعرو ھڻي بچائي وڌو پر پوءِ به سنڌ کي سدائين شڪ جي نظر سان ڏسي ڪڏھن کنڀيو ويو آھي ڪڏھن چچريل لاشا ڏنا ويا آھن ته ڪڏھن زنده انسانن کي ساڙي رک ڪري سنڌ کي باغي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.

سنڌ جي ماڻھن جو پاپ صرف اھو آھي ته اھي پنھنجي ڌرتي جي مالڪي جي ڳالھه ڪن ٿا اھي سنڌ جي مالي وسيلن سنڌ جي پاڻي سنڌ جي ٻيٽن سنڌ جي زمينن سنڌ جي نوڪرين تي ڌاڙي خلاف آواز ٿا اٿارين، جيڪو انھن جو بنيادي حق آھي پر ان جي پاداش ۾ سنڌ جي ڳڀرن کي رات جي اونداهي ۾  کنڀي کڻي گم ڪرڻ يا چچريل لاش واپس ڪرڻ تي ڪڇڻ پڇڻ تي پابندي آھي.

“پڇون ٿا ته گوليون لڇون ٿا ته ڦاھيون

اڃان ٿو چوين تون ته آزاد آھيون ”

ڪيتري عرصي کان ملڪ جي خالق صوبي سان جٺيون جاري آھن ڪڏھن بحرياجي نالي ۾ سنڌ جي وارثن جا اجھا بلڊوز ڪرڻ جي صورت ۾ ته ڪڏھن سنڌ جي درياءَ، سمنڊ ۽ ٻيٽن تي قبضا ڪرڻ جي نالي ۾ ته ڪڏھن افغاني، بھاري، بنگالي سميت ڌارين جي لوڌ کي مال غنيمت سمجھي سنڌ جون زمينون ڏيڻ !

پر ان کان به  وڌ سنڌ سان جيڪو ستم وڏي عرصي کان روا آھي اھو آھي جڏھن مرضي پئي ڪنھن گھر ۾ گھڙي چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪندي ڪنھن جو ور، ڪنھن جو ڀاءَ، ڪنھن جو پٽڙو کڻي کنڀي گم ڪري ڇڏيو.  کنڀجي ويل جو درد ڇا ھوندو آھي اھو ان امڙ کان معلوم ڪري ڏسجي جنھن جو ٻچڙو ڪيترن سالن کان گم آھي ۽ ان جي ديد در ۾ اٽڪيل رھي ٿي ۽ ان جي گھر جي در جي  ھر کڙڪي تي ان جا ھانو ۾ ھٿ پون ٿا ته ڪٿي منھنجي ٻچڙي جو لاش ته ناھي آيو !! سنڌ ۾ اڄ ھر امڙ کي الڪو ورائي ويٺو آھي ته ڪٿي منھنجو ٻچڙو گم ٿي نه وڃي ؟

“ڪاٿي ڦاٽو آھي بم منھنجو ٻچڙو کنڀجي ويندو

جھوري جيجل کي غم منھنجو ٻچڙو کنڀجي ويندو ”

سنڌ ۾ سنڌ جي نوجوانن کي کنڀڻ وارو سلسلو اڃان رڪجي ناھي سگھيو ته سنڌ جي ننگن جو کنڀجڻ شروع ٿي ويو آھي. شھيدن جي شھر لاڙڪاڻي ڀرسان قمبر واري شھر مان نياڻيون ۽ معصوم ٻارڙا کنڀجي ويا آھن. ايئن ته فلسطين ۾ به ناھي ٿيندو. سنڌ جو شعور ھڪ نه پر ھزار ڀيرا پنھنجو موقف ڏئي چڪو آھي ته جيڪو ماڻھو ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آھي جنھن ماڻھو تي ڪو ڪيس آھي ان کي بلڪل سزا ملڻ گھرجي پر اھا سزا ھن رياست جي قانون ۽ آئين موجب ھجي.

 ملڪ ۾ عدالتون آھن انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪريو عدالتون ڀلي انھن کي سزا ڏين باقي کنڀي کڻي پنھنجون عدالتون قائم ڪرڻ سان ماڻھن ۾ نفرتون وڌنديون. صوبن۽ وفاق ۾ وڇوٽيون وڌنڌيون ان لاءِ لازمي آھي ته ھي رات جي اونداهي ۾ گھرن ۾ گھڙي ماڻھو کنڀڻ بدران انھن کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪريو.

قمبر مان سنڌ جا ننگ کنيا ويا آھن اھي ننگ جن تان ماڻھو پنھنجون جانيون نثار ڪندا آھن پر مونکي حيرت آھي ته سموري سنڌ چپ آھي ڄڻ سڀني کي نانگ سنگھي ويو آھي. سنڌ سرڪار ته آھي سنڌ دشمن جنھن مان چڱائي جي ڪا اميد رکڻ اجايو آھي پر افسوس سنڌ جي قومپرستن تي جيڪي پڻ چپ  آھن. ٻن سالن جي معصوم نياڻي سميت سنڌ جون پنج نياڻيون کنڀجي ويون آھن( جن کي دير سان آزاد ڪيو ويو آهي ) پر لڳي ٿو ڪجھه ٿيو ئي ناھي.

ڪنھن قوم پرست ڌر احتجاج ته ڇا پر ڪا مذمت به ناھي ڪئي، سڀني جي وات ۾ مڱ پيل آھن ھڪ خوف ۽ دھشت آھي جنھن کي ٽوڙڻ جي ضرورت آھي.

ڪالھه کان صرف سوشل ميڊيا تي ھڪ راڳ پيو ھلي. ڪاش بشير خان زنده ھجي ھا ته ننگن جي کنڀجڻ تي ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي ھا ! بشير خان پنھنجي حصي جو قومي ڪردار ادا ڪري مٽي ماءُ جي ھنج ۾ھليو ويو. ھاڻ قبر وارن کي  سڏ  ڪرڻ کان بھتر آھي انھن جيئرن جي ضمير کي جاڳائجي جيڪي زنده ھوندي به درگور آھن.

ھي وقت ماٺ ڪري ويھڻ جو ناھي سنڌ مٿان ھن وقت ڏکيا ڏھاڙا آھن پر سنڌسنڌ ڪندڙ ڌريون ننڊ ستل آھن. انھن سڀني کي ننڊ مان اٿي پنھنجن دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪرڻي پوندي جيڪڏهن ايئن ستل رھياسين ته اڄ قمبر مان سڀاڻي ڪنھن ٻئي گھر مان اسان جون امڙيون، ڀينرون، ونيون کنڀجنديون رھنديون ۽ اسين بيوسي جو بت بڻجي ڏسندا رھنداسين.

ان ڪري تاريخ جي ملامت کان بچڻ لاءِ اچو ته پنھنجي ننگن جي حفاظت ڪريون.  ٻي صورت ۾ تاريخ   اسان کي طعنا ڏيندي ته ھڪ اھڙي قوم به هئي جنھن کي پنھنجن دنگن ۽ ننگن تي به غيرت نه آئي !!

“سنڌڙي سڏ ڪيو، مونکي اڄ مرڻ جو

متان ويھي ماٺ ڪري چريا ڪر چيو

جي ھي وقت ويو ته ست ئي نسل سورن ۾”