اچو ڙي سُورنِ واريون … بُحرانن جا سبب ۽ انهن جو حل!

0
128
اچو ڙي سُورنِ واريون ... بُحرانن جا سبب ۽ انهن جو حل!

 هونئن ته پاڪستان پنهنجي سموري تاريخ ۾ سدائين غير يقينيءَ واري صورتحال جو شڪار رهيو آهي. هتي سدائين اڻ ٿيڻون ٿي وينديون آهن. هڪ پاسي ممڪن کي ناممڪن ٿيڻ ۾ دير ناهي لڳندي، ٻئي پاسي وري ظاهري طور ناممڪن نظر ايندڙ شيون رات پيٽ ۾ ممڪن بڻجي عوام کي حيران و پريشان بڻائي ڇڏينديون آهن. چوڻ ۾ ڇاهي! چوڻ لاءِ ته چئي سگھجي ٿو ته هي ملڪ اسلام جي سربلندي، جمھوريتي راڄ، آئين ۽ قانون جي بالادستي، عوام جي حڪمراني ۽ انگريزن سميت هندن جي غلاميءَ کان نجات حاصل ڪري پنهنجن مسلمان ڀائرن لاءِ الڳ ۽ جدا پاڪ ملڪ ٺاهيو ويو. دورانديشيءَ کان وانجھيل اسان جي برزگن اهڙن دلاسن ۽ ڏٽن تي لڳي ڪري نئين ملڪ جي قيام جو سڀ کان پهرين سنڌ اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرايو. ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته، ان وقت جي سنڌي قيادت انگريزن کان 1843ع کان اڳ واري سنڌ جي بحاليءَ جو مطالبو ڪندي تحريڪ هلائي ها.

                 پاڪ وطن جي قيام وقت ئي ملڪ تي سول بيوروڪريسي ۽ مذهبي- فوجي اتحاد جو قبضو ٿي ويو. نه اسلام جي سربلندي رهي، نه جمھوريتي روايتن کي سگھارو ڪرڻ لاءِ ڪي سنجيده عملي انتظام ڪيا ويا. نه آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم رهي سگھي، ۽ نه ئي عوامي حڪمرانيءَ وارا خواب ساڀيان ماڻي سگھيا! مذهب، جمهوريت، آئين، قانون ۽ عوام جي نالي تي مخصوص طبقي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪُڌي ڪم ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻايو! هر اهو عمل ڪيو ويو، جنهن سان مُهذب معاشرن ۾ انسانيت ۽ شرافت جو ڪنڌ شرم کان جُھڪي وڃي. لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جي گھر تي چڙهائي، شهيدن جي يادگار جي بيحرمتي، جي ايڇ ڪيو هيڊ ڪوارٽر تي حملي ۽ 9 مئي جي سمورن واقعن سميت هي جيڪو ڪجھ مُلڪ ۾ ٿي رهيو آهي، ڇا اهو سڀ ڪجھ ائين پنهنجي ليکي ۽ اوچتو ٿي رهيو آهي؟ ڪڏهن به نه. “پوليس کي سڀ خبر آهي وانگر” هر شيءِ پنهنجي ترتيب سان، مالڪن جي مرضي ۽ منشا مطابق ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جا ڄاڻو اِهو چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته هي، پنهنجي هٺ ڌرمي، بالادستي، حاڪميت، آمريت ۽ مفادن جي حاصلات لاءَ جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ وارا آهن! جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ دنيا جي نقشي تي بنگلاديش نالي ڪو الڳ ملڪ ڪونه هجي ها. هي سمورو کيل به سندن رچايل آهي، ڇو ته هن ملڪ جي سياسي ۽ غير سياسي قوتن، ملڪي توڙي عوامي مفادن کان وڌيڪ پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن کي ترجيح ڏني آهي. چند ڊالرن خاطر پراوا جھيڙا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي پاڻ کي دنيا اندر رُسوا ڪرائيندا رهيا آهن. پيپلزپارٽي، نوازليگ، تحريڪ انصاف يا جميعت جا جوان هجن، سڀ انهن جا ئي پنهنجا ٺاهيل مُهرا آهن. ڀلا جيڪڏهن ايندڙ سيٽ اپ ۾ پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف گڏجي پون يا جميعت ۽ پي ٽي آءِ ساڳين بينچن تي ويٺا هجن ته ڪا به اچرج جي ڳالھ ڪانه چئبي، ڇو ته هتي اهڙا معجزا ٿيڻ ڪا به نئين ڳالھ ڪانهي. ڀلا عمران خان ڪير آهي؟ ڪٿان آيو آهي؟ ڪنهن کيس وزير اعظم بڻايو؟ وري ڪنهن، ڪهڙي طرح رُسوا ڪرائي کيس گھر ڀيڙو ڪيو؟ ۽ هينئر به ڪنهن جي آسري تي سڀ ڪجھ ڪري رهيو آهي؟ ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي ان ڳالھ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته، “پي ٽي آءِ پنجاب جي ايم ڪيو ايم بڻجڻ وڃي پئي”. هر ڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هتي ڪيئن حڪومتي ٽوپيون هڪڙن کان لهرايون وينديون آهن ۽ ڪيئن ٻين کي پهرايون وينديون آهن.

هي پنجهتر ورهين جون پنهنجيون نالائقيون ۽ نااهليون لڪائڻ لاءِ، پنهنجيون بدڪاريون، بڇڙايون، بدعنوانيون، ۽ آمريتي پاليسيون قائم رکڻ لاءِ، قومن جي سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي، اقتصادي حقن کان مسلسل انحرافي، سندن قومي شناخت کي ميساري ختم ڪرڻ واري هٺ ڌرميءَ کي جاري رکڻ لاءِ، قوم کي اڻپڙهيل، اڻڄاڻ ۽ گمراھ رکڻ لاءِ، عوام جو ڌيان حقيقي مسئلن تان هٽرائڻ لاءِ اهڙيون ڊرامي بازيون جاري رکيو پيا اچن. انهن ئي پاليسين جو نتيجو آهي، جو اڄ ملڪ عالمي ادارن جي قرض ۾ ٻڏي چڪو آهي. سياسي توڙي معاشي بحران ختم ٿيڻ يا گھٽجڻ بجاءِ وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. عوام ٻن وقتن جي ماني ڳڀي، علاج، تعليم، روزگار، انفراسٽڪچر ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي. سندن سماجي لڳ لاڳاپا سخت متاثر ٿي چڪا آهن. غمين توڙي خوشين جي موقعن تي هڪٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ ۽ اٿڻ ويهڻ ختم ٿيندو پيو وڃي. بُک ۽ مهانگائيءَ جي ديوَ جي خوف ماڻهن مان پنهنجين زندگين سان پيار ڪرڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي. خودڪشين جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي. ملڪ ڏينهون ڏينهن بحرانن جي ور چڙهندي، پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڌي رهيو آهي. تنهنڪري هاڻي، هنن کي پنهنجن روين ۽ پاليسين ۾ نه چاهيندي به تبديلي آڻڻي پوندي. هاڻي، هنن کي اِهو سمجھڻو پوندو ته ڏنڊي، بندوق جي طاقت ۽ آپيشاهيءَ جي بنيادن تي قومن جي تاريخي حقن ۽ سندن هزارين ورهين جي الڳ قومي شناختن کان انڪار ڪري ملڪ کي قائم نٿو رکي سگھجي، ڇاڪاڻ ته هي ملڪ، مختلف تهذيبن، ثقافتن، روايتن ۽ قومن جي گڏيل هڪ فيڊريشن آهي. پر، بدقسمتيءَ سان هن ملڪ جي قائم ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مقتدر ڌرين جو ان ڳالھ تي زور رهيو آهي ته، ملڪ ۾ رهندڙ قومون پنهنجن سمورن تاريخي حقن، روايتن، قومي تشخص ۽ وجود تان دستبردار ٿي، رڍون ۽ ٻڪريون بڻجي سمورا عذاب ۽ ذلتون خاموشيءَ سان سهندا رهن ۽ هي بادشاھ بڻجي اسان جي وسيلن، اسان جي ذريعن، اسان جي ڪمائي ۽ اسان جي پگھر جي پورهئي تي من مستيون ڪندا رهن. پنهنجيون راتيون رنگين ۽ ڏينهن پرمسرت بڻائيندا رهن. هنن جا ٻار يورپ ۾ تعليم حاصل ڪن. هنن جي جانورن جو علاج به پرڏيھ جي اسپتالن ۾ ٿئي. علاج جي بنيادي سهولت کان محروم اسان جا ٻار مليريا ۽ ٽائيفائيڊ جي بخار ۾ تڙپندا رهن. تعليم جھڙي زيور کان محروم رهندي هوٽلن ۽ گيريجن تي پورهيو ڪندا رهن. علم، عقل ۽ شعور سميت دنيا اندر تيزيءَ سان هر روز ايندڙ نئين تبديلين کان اڻڄاڻ ۽ غافل رهن. نسل در نسل، محڪومين ۽ ذلتن جي گندگين ۾ پلجندا ۽ وڏا ٿيندا رهن. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ڪو ٿورڙي به همٿ ۽ حوصليءَ کان ڪم وٺندي پنهنجي ڌرتي، قوم، وطن ۽ حقن جي ڳالھ ڪري، غلاميءَ کي گار سمجھي، ذلتن ڀري زندگي گذارڻ کان انڪار ڪري، عزت ڀريي طريقي سان، برابريءَ جي بنياد تي هن ملڪ ۾ رهڻ ۽ جيئڻ چاهي ته ان کي ملڪ جي سالميت لاءِ خطرو قرار ڏنو وڃي. ان جي پرامن سياسي سرگرمين کي ملڪ دشمني، غداري ۽ ايجنٽيءَ جي لقبن سان نوازي سندن زندگيءَ کي زهر بڻايو وڃي.

هي دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي ته، ڪنهن کي به، خوف، دٻاءَ، دهشت ۽ وحشت ذريعي گھڻي وقت لاءِ خاموش ۽ غُلام بڻائي نٿو رکي سگھجي. تنهن ڪري جيستائين ان قسم جي روش ۽ مائينڊ سيٽ تبديل ڪونه ٿيندو، جيستائين لٺ، ڏنڊي، بندوق ۽ طاقت جي استعمال ڪرڻ بدران، سيڪيولر، روادار، سڀني سان برابريءَ وارو مُهذب ۽ عزت ڀريو طريقو استعمال نٿو ڪيو وڃي، تيستائين هن ملڪ ۾ بحرانن مٿان بحران پيدا ٿيندا رهندا. اهڙين حالتن ۾ ملڪ سدائين انتشار جو شڪار رهندو. ڪڏهن فرقيواريت جي باھ ٻرندي ته ڪڏهن وري ملڪ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ خودڪش حملن جي زد ۾ آيل هوندو. نه مسجد محفوظ رهندي، نه مندر ۽ ڪليسا جو احترام هوندو. هر طرف غير يقيني، عدم تحفظ ۽ دهشت جو ديو ڏند ڪڍيو “آدم بوءِ… آدم بوءِ” ڪندو پيو لامارا هڻندو رهندو. تنهنڪري ملڪ کي هنن سمورين مصيبتن ۽ بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته هِن ملڪ کي گھڻ قومي ملڪ تسليم ڪندي، ملڪ ۾ رهندڙ قومن سان برابريءَ جي بنياد تي نئين سِر معاهدو ڪيو وڃي. تڏهن ئي هي ملڪ پرامن ۽ خوشحال رهندي ترقيءَ جون منزلون ماڻي سگهندو.

[email protected]