گداگريءَ جو عذاب … دل لڳَي پنهنجِي پِنڻ سان دل لڳَي!

0
137
گداگريءَ جو عذاب ... دل لڳَي پنهنجِي پِنڻ سان دل لڳَي!

گداگري يا پِنَ هڪ اهڙي بيماري، عذاب ۽ ناسور جو نالو آهي، جنهن ۾ اسان جو سماج بُري طرح سان ڦاسي چڪو آهي. هن وقت ڪيترائي قبيلا گداگري ۽ پِن جي پيشي ۾ ڪاهي پيا آهن، ڇو جو گداگري هاڻي هڪ اهڙو ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ صرف نفعو ئي نفعو آهي، نقصان جو ته ڪو نالو نشان به ڪونهي. گداگري لاءِ صرف ڪنڌ هيٺ ڪرڻو پوي ٿو، حياءُ ۽ شرم ڇڏڻو پوي ٿو. اڳئين زماني ۾ مستحق، معذور، محتاج، بيمار ۽ لُولا لنگڙا ماڻهو پِنندا هئا، پر هاڻي ايئن ڪونهي. هاڻي هر ڏنڊو مُسٽنڊو ماڻهو به پِني ٿو. پِنڻ لاءِ صرف ضمير مارڻ جي ضرورت پوي ٿي، پوءِ موجون ئي موجون آهن. اڳي مخصوص قبيلا پنندا هئا، جن ۾ جوڳي، جنڊاوڙا، گُرگلا، شڪاري، ٻاليشاهي، هڏوار، ڪبوترا، حسيني ٻانڀڻ، ڪاٺ ٻانڀڻ، ڀٽائي فقير ۽ سامي فقير سرِ فهرست هوندا هئا. هن وقت تقريبن هر ذات جو ماڻهو پِني ٿو. ڪو پِيري فقيريءَ جي مقدس نالي ۾، ته ڪو پيتي کڻي چندي جي نالي ۾ پِني ٿو. ڇو جو پِنڻ تي ڪا به پابندي ڪانهي. بنا روڪ ٽوڪ جي، هر هنڌ پِني سگھجي ٿو. شهرن ۾ مسلم ۽ غير مسلم گداگر عورتون ٽولا ٺاهي پِنن ٿيون. ريڙهيءَ واري کان فروٽ وٺو، ڀاڄي وٺو، ڪا به شئي وٺو، پئسا ڪڍڻ لاءِ کيسي ۾ هٿ هڻندئو، ته گُرگلِي اوهان سان گَڏِي بيٺي هوندي. سوالن جا سٽڪا شروع. ماڻهو پيو معافيون وٺندو، هُو پئي “ڏي ڙي ڏي” ڪندي. بزرگن جي درگاهن تي وڃبو، ته پينڙات ٻار ۽ عورتون ڪپڙن کي چنبڙي وينديون. سفيد پوش ماڻهوءَ سان گڏگڏ پيون هلنديون. هڪ کي خيرات ڏني، ته ڄڻ سڀني کي دعوت ڏني، پوءِ ماڻهو ڄڻ ته ڦاٿو. جنهن جنهن گُرگليءَ جي، پري پري کان نظر پوندي ويندي، ته اها ڊوڙندي ايندي. ماڻهو گداگرن جي گھيري ۾ اچي ويندو. خيرات نه به ڏبي، تڏهن به هُو پيون “ڏي ڙي ڏي” ڪنديون ۽ اوهان پيا “معافي معافي” ڪندا. هڪڙي ٽولي کان معافيون وٺي، اڃان اڳتي وڌبو، ته ٻيو ٽولو اڳيان ڦِري ايندو. مطلب ته درگاهن تي، فقيرن ۽ گُرگلين جي اڳيان، اوهان جي معافين ۽ منٿن جا ٺڪاءَ پيا پوندا.

اين جي اوز وارن به نوان پينڙات پيدا ڪيا آهن. حقيقي ٻوڏ متاثرن سان گڏ، مفت خور ماڻهو به رستن تي ويهي ويندا آهن. انهن کي به ڊونر حضرات ۽ خيراتي ادارا، کاڌ خوراڪ، دوائون، ڪپڙا، ڪمبل، مڇردانيون، ٿانوَ ٿپا ۽ ٽينٽ وغيره مفت ۾ ڏيئي ويندا آهن. بعد ۾ اهي مفت خور ماڻهو، روڊن تي مٽيءَ جا اسپيڊ بريڪر ٺاهي، مهينن جا مهينا ويٺا رهندا آهن. ٻئي پاسي سرڪار سڳوري، هٿ وٺي عورتون شهرن ۾ لاٿيون آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي، مستحق عورتن سان گڏوگڏ، هاڻي سمورو سماج مفت خور ۽ گداگر بڻجي پيو آهي. حالانڪه سرڪاري سطح تي، گداگريءَ جي حوصلي شڪني ڪرڻ گھرجي، حوصلي افزائيءَ قطعي نه ڪرڻ گھرجي.

شهري ڪالونين ۾ روزانو ڪيتريون ئي گداگر عورتون، گھرن ۾ پنڻ لاءِ پهچي وڃن ٿيون. هڪڙيءَ کي خيرات ڏبي، ته ٻي پهچي ويندي. ٻيءَ کي ڏبي ته ٽين اچي صدا هڻندي. خاص ڪري جمعي جي ڏينهن اهي عورتون ته حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏينديون آهن. ڄڻ ته گھرن جا رهواسي، نيرا نوٽ ڇاپيندا هجن، رڳو هنن کي ڏيندا وڃن. شهري دڪاندار ته هڪ هڪ رپئي وارا کليل سِڪا رکيو ويٺا هوندا آهن، پر ڪالونين ۾ ايئن ڪونهي. هڪ هڪ سواليءَ کي ڏهين ڏهين جو نوٽ ڏيڻو پوي ٿو. پنج رپيا واپس ڪرڻ لاءِ چئبو، ته چونديون ته: “اسان وٽ کُليا ناهن”. هاڻي ته پنڻيون ڏهين جي نوٽ بجاءِ، اٽي کي اهميت ڏين ٿيون. پري کان صدائون هڻنديون اينديون ته، “اٽو ڏيو ڙِي مائي! اٽو ڏيو.” هن وقت اٽي جو هڪ ڪلو ڏيڍ سئو رپين جو آهي. اگر چئن پنجن گھرن مان هڪ ڪلو اٽي جو ملي ويو، ته ڏيڍ ٻه سئو رپيا تيار آهن. ان ڪري گُرگلين ڏهين جي نوٽ بجاءِ، اٽي کي اهميت ڏني آهي. ڪالونين ۾ مرد گُرگلا به پنڻ لاءِ ايندا آهن. ڪٻري ٽوپي پاتل، ڪنهن کي ڪستو هٿ ۾، ته ڪنهن وٽ مُرلي. خيرات رڳو ماين کان گُهرندا ايندا. “وو مائي! وو وڏيري! وو ڀيڻ! وو ادي! توکي حج نصيب ٿئي، ٻچن جو صدقو ڏي.” ڪنهن به مرد کان خيرات ڪو نه گُهرندا، الاءِ ڇو؟ اڄ ڪلھ ڪيتريون ئي گداگر عورتون روڊن جي ڪنارن تي به ويٺل نظر اينديون آهن. جتان روڊ گھڻو ٽٽل هوندو، گاڏيون آهستي ٿينديون، يا ڪو وڏو اسپيڊ بريڪر ٺهيل هوندو، ته اتي ڪاري برقعي ۾ ويٺل هونديون آهن. هٿن ۽ پيرن کي ڪارو ڪوئلو ملي، پنهنجي پاڻ کي غريب، مسڪين ۽ مستحق بڻائي ويهن ٿيون. سنڌ ۾ رهندڙ ڪن ذاتين ۾، جبلتن ۽ عادتن پِن جي عادت گھڻي هوندي آهي. اهڙن هڪ ٻن گھرن جو پاڙي ۾ هجڻ، تڪليف ۽ بيزاريءَ جو سبب ٿيندو آهي. انهن مان ڪا نه ڪا پوڙهي پڪي مائي، ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ ڀيرا سوال کڻي پئي ايندي ويندي. ڪيڏي مهل مٿي جي سُور جي گوري، ڪيڏي مهل ٿوم، بصر، ٽماٽر، پتي، کير، کنڊ، اٽو، لوڻ، مرچ، مصالحو ۽ ٻيو به الاءِ ڇا ڇا اچي گُهرندي. جيستائين سوال نه ڪندي، تيستائين ان کي ماني نه وڻندي. مجبوري هڪ الڳ شئي آهي. کوٽ ٽوٽ ۾ هر ڪو ماڻهو هڪٻئي کان گُهري سگھي ٿو، پر پِن هڪ اهڙو پيشو، عادت ۽ بيماري آهي، جيڪا جنهن کي به هڪ دفعو لڳي ويئي ته پوءِ ان کي سوال ڪرڻ کان سواءِ ماني نه وڻندي.

مون کي ياد آهي ته ڪنهن زماني ۾، هڪ نابين ڀيل بسن ۾ چڙهي ايندو هو. ان جي ٻنهي اکين ۾ ماتا سبب ڦُلا هوندا هئا. سندس نالو هوندو هو ڪستورو مل. ان جو چهرو چيچڪ (ماتا) جي چُگھن سان چچريل هوندو هو. لاريءَ ۾ چڙهي، خدا جي خوف ۽ آمادگيءَ بابت ٻه بيت پڙهندو هو:

نڪِي پوڙهي ٿي زمين، نڪِي جُهونو ٿيو سج،

ٻنيءَ مٿان ٻج، ڪئين هاريندڙ هليا ويا.

وري ٻيو بيت پڙهندو هو:

پوکڻِي اٿئِي ته پوک، نه ته وِيندئِي مُند چَڙهِي،

پاڻي ٿيندئي پُونئرو، سُڪِي ٿيندين سوڪ،

جتي لُڻندو سارو لوڪ، اُتي سِڪندين هڪڙي سَنگ لاءِ.

پوءِ مسافر ماڻهو پنهنجا کيسا کوليندا، پئسا ڪڍندا، مسڪين نابين کي ڏيندا ويندا هئا. اهو هوندو هو خيرات جو حقيقي حقدار. اڳي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان، روزانو شام جو هڪ زرعي پروگرام نشر ٿيندو هو “کيتي سِر سيتي.” ان پروگرام ۾، ميزبان اڪثر هي بيت پڙهندو هو:

پِنڻ جي پورهئي مان، ڪنهن به نه ڀريا پَلَ،

مانجِهي سيئي مَلَ، هر جنين جي هٿ ۾.

سو پِنڻ واري پورهئي مان، پَلَ ڪنهن به نه ڀريا هئا، پر پنڻ هاڻي هڪ پيشو بڻجي ويو آهي. پنڻ واري ڪاروبار ۾ هر ڪو ڪاهي پيو آهي. چڱا ڀلا ماڻهو ۽ خاندان پنڻ پٺيان پئجي ويا آهن. پنڻ، عزت دار معاشري کي عذاب ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته قانون سازي ڪري، پنڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. اگر واقعي ئي ڪو مستحق ماڻهو آهي ته ان جي سرڪاري سطح تي گھر ويٺي مالي مدد ڪئي وڃي، باقي گداگرن سان جيڪي بازارون ڀرجي ويون آهن ته انهن تي هر حالت ۾ پابندي هئڻ گھرجي. انهيءَ ۾ ئي گداگريءَ جي ناسور مان نجات ۽ سموري سماج جو ڀلو آهي.

[email protected]