ورسيءَ جي مناسبت سان … فقير مقيم ڪنڀار: ٿر جو عوامي متحرڪ ڪردار

0
187
ورسيءَ جي مناسبت سان ... فقير مقيم ڪنڀار: ٿر جو عوامي متحرڪ ڪردار

 دنيا ۾ شيون پنهنجي اهميت ۽ افاديت جي ڪري سڃاتيون وينديون آھن، جڏھن ته ماڻھو پنهنجي ڳالهه، ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ياد ڪيا ويندا آھن. اڄ به اسين ذاتي ڪچهرين ۾، بحث مباحثن ۾ يا تقرير/تحرير ۾ جن ماڻھن جو ذڪر ڪريون ٿا، انهن ڪٿي نه ڪٿي، ڪڏھن نه ڪڏھن ضرور اهڙو ڪم ڪيو آھي، جنهن ڪم سماج ۾ ذاتي فائدي بجاءِ اجتماعي فائدي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. انهيءَ ڪم کي ڏسي يا ڪردار کي ياد ڪري اڄ اهڙي ئي هڪ شخص جو ذڪر ڪريون ٿا .

                 فقير مقيم ڪنڀار به انهن ماڻھن مان هو، جيڪي سماج جا متحرڪ ڪردار رهيا آھن. هن پنهنجي سماجي يا سياسي واٽ اهائي ورتي، جنهن جا پانڌيئڙا مسڪين جهان خان کوسو ۽ ڄام ساقي هئا. هي پنهنجي روزي روٽيءَ جي لاءِ محنت ڪرڻ دوران اجتماعي ۽ سماجي معاملن تي سينو ساهي بيٺو رهيو. هڪ عام ڳوٺاڻو جيڪو بارها ڪوششن باوجود پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگهيو، تڏھن هن پنهنجي زندگي جا ٻه مقصد طئي ڪيا؛ هڪ ته ڪهڙين به ڏکين حالتن باوجود اولاد کي تعليم ڏياري ۽ ٻيو ذاتي فائدن کي پاسي رکندي اجتماعي مقصدن جي لاءِ هر سڏ ۾ سڏ ڏيندو رهيو. هن جي انهيءَ ئي منفرد ڪردار جي ڪري اڄ به جڏھن ڪٿي ڪنهن تحرڪ  يا سماجي ڪردار جي ڳالهه ٿئي ٿي ته  فقير مقيم ڪنڀار کي ضرور ياد ڪيو وڃي ٿو. هن جون  مقامي ۽ ننڍي ڳوٺاڻي سطح جي معاملن تي ورتل ڪوششون به اجتماعي سوچ واريون هيون. جڏھن نئون ڪوٽ قلعي کان عمرڪوٽ چيل بند روڊ ٺھندو ڳوٺ وٽان لنگهيو ٿي ته رستي ۾ هڪ ڪنڊي جو وڻ ٿي آيو. هن وڻ جي بچاءَ لاءِ ڪوششون وٺي روڊ انتظاميا سان ملي وڻ جي وجود کي بچايو.

ڏٺو وڃي ته ظاهري طور هڪ وڻ جو وڍجڻ اسان جي سماج ۾ ڪا به حيثيت نٿو رکي. جتي انساني وجود ئي خطري ۾ ھجي، ڪارپوريٽ سيڪٽر سڄي ڌرتيءَ جي گولي جي  ماحول کي باهه جو گولو ٺاهي ڇڏيو هجي، اتي هڪڙي وڻ جو وڍجڻ ڪا معنيٰ ئي ڪانه ٿو رکي پر هڪڙي ڪنڊي جي وڻ لاءِ اٿي بيهڻ انهيءَ شخص جي سماجي ڪردار کي واضح ڪري ٿو. اهميت انهيءَ ڳالهه جي ناهي ته توهان ڪيڏي وڏي مقصد لاءِ اٿي بيهو ٿا پر اهميت لائق اهو آھي ته توهان ڪهڙي ڳالهه، ڪهڙي وقت ٿا ڪريو. هڪ وڻ جي فائدي کي سمجهي اوهين اٿي ٿا بيهو ته ٿي سگهي ته اوهان کي ڏسي چار ٻيا ماڻھو ائين اٿي پون ۽ سماج ۾ انفرادي فائدي بجاءِ اجتماعي معاملن واري سوچ جنم وٺي .

حالانڪه هن روڊ کان اڳ سندس ڳوٺ وڃڻ ڏاڍو مشڪل سفر به هو. هونئن ته روڊن رستن جي ٺهڻ دوران ڪيترن ڳوٺن وٽ ڪئين وڻ وڍجي ويندا آھن، پر فقير مقيم اهو وڻ بچائي اهو پيغام ڏنو ته اسان مان هر هڪ ماڻھو ائين هڪڙو وڻ بچائي ته ايندڙ وقت جي عالمي تباهه ڪارين کان اسان پنهنجو سماج بچائي سگهون ٿا.

فقير مقيم هڪ عام ورڪر ڪلاس جو ماڻھو هو. هن ڪيترن عوامي معاملن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. هن کي خبر هئي ته ننڍا حادثا وڏن المين کي جنم ڏيندا آھن. ننڍيون شيون ملي وڏن ڪمن جو بنياد ٿينديون آھن، انهيءَ ڪري هو ننڍي مسئلي تي به سرگرم ٿي ويندو هو ۽ ننڍي کا ننڍي سرگرميءَ تي دوستن کي همٿائيندو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندو هو. جڏھن ذاتي ڪچهرين ۾ يا پروگرامن ۾ هي اهڙا عام مسئلا کڻي ڳالهائيندو هو ته مونکي ائين لڳندو هو ته ايلزا ڪڪ جو شاهڪار نظم Little Things  هن جي تحت الشعور ۾ڪٿي آھي، جيڪو هن جي ڇهين حِس کي جاڳائي وٺي ٿو. فقير مقيم ۽ صادق فقير ٻئي گهر کان دڪان تائين پنج منٽن جو مفاصلو ڪلاڪن ۾ طئي ڪندا هئا. پوءِ عام ماڻھن سان ملي هنن کي اها فلاسافي سمجهه ۾ اچي ويئي هئي ته هيءَ دنيا ميگا اشوز، ميگا پروجيڪٽس ۽ ميگا ڪمپنين سان ترقي ڪانه ڪري سگهندي. هتي ننڍن مسئلن کي ننڍي سطح تي حل ڪرڻ لاءِ ننڍا قدم کڻڻا پوندا. ميڪرو ۽ مائيڪرو اقتصاديات هن پڙھي ڪانه هئي پر انهيءَ جي افاديت، انهيءَ جي شعور لاشعور ۾ ڪٿي هئي، جنهن جي آڌار تي هن زندگي جو ڪار وهنوار هلايو ٿي .

فقير مقيم نظرين ۽ آدرشن جا وڏا ڀنڊار ڪلهي تي کڻي جدوجهد جي ميدان ۾ ڪونه لٿو هو، پر اسين سڀ ڏسندا هئاسين ته هو تمام ننڍن مقامي سطح جي مسئلن تي به ڳالهہ چٽي ۽ واضح رکي عملي ميدان ۾ بيهي رهندو هو. جيئن ٿر ۾ ھرڻن جو شڪار، مورن جي ٻچن جو وڪرو، ڪارونجهر جي ڪٽائي، گگرال جي واڍيءَ جهڙا مقامي مسئلا کڻندو هو ۽ انهيءَ بابت موقف تي بيهي ماڻھن کي متحرڪ ڪندو هو. باقي ملڪي ۽ صوبائي معاملن تي به شامل رهندو هو. پاڻ ڳالهين دوران چوندو هو ته ننڍي سطح جا مسئلا صرف اسين ٿا هتي اجاگر ڪريون. انهيءَ ڪري انهن کي ڀرپور نموني اجاگر ڪريو ته جيئن اها ڳالهه ملڪي ۽ عالمي ميڊيا تائين وڃي ۽ اقتداري ڌرين کي به خبر پوي. باقي ملڪي معاملن تي گڏ ٿي دنيا کي اهو پيغام ڏيو ته اسين به هن انياءَ جا مخالف آھيون ۽ انهيءَ خلاف هلندڙ جدوجهد جو حصو آھيون. اسان جا ڪامريڊ دوست ۽ سماجي دنيا جا رهبر هميشه وڏن معاملن ۽ مسئلن تي زور ڏيندا هئا. فقير مقيم چوندو هو ته اهي ملڪي يا عالمي مسئلا اسان جي وجود لاءِ خطرو آھن، انهن تي هڪ آواز ٿيڻ سان گڏ مقامي مسئلن کي به وسارڻو نه پوندو. ڪالاباغ ڊيم نه ٺھڻ سان گگرال جي واڍي بند ڪانه ٿيندي، اهي معاملا به اٿارڻا پوندا. هو نظرياتي ڪارڪن هو. هن هميشه ڪنفيڊريشن جي ڳالهه ڪئي، جنهن سان ڳنڍيل رهيو پر ٿر جي معاملن ۾ پارٽيءَ جي سينٽرل ڪاميٽيءَ ۾ به اختلاف راءِ رکندو هو. سندس چوڻ هو ته آئون پارٽي جو ڪارڪن ضرور آهيان پر غلام ڪونه آھيان، اختلافي راءِ رکڻ منهنجو جمهوري حق آھي. اڄڪلهه اسان جون پارٽيون سياسي ڪارڪنن سان نه پر سياسي ملازمن سان ڀريل آھن .

فقير مقيم پنهنجي عملي زندگيءَ کي غمِ روزگار سان گڏ لکڻ سماجي ۽ سياسي طور ڳنڍي رکيو. لکڻ جو ڪم هن شروع واري دور کان ڪيو. ذاتي ڊائري لکندو هو، جيڪا سياسي طور متحرڪ ٿيڻ بعد جاري نه رکي سگهيو. باقي ٿر جي مختلف مسئلن تي ڪالم مختلف سنڌي اخبارن ۾ لکيائين. انهيءَ وقت ۾ مِٺيءَ سندس دڪان هو ۽ عبدالرحمان نقاش مٺيءَ ۾ نوڪري ڪندو هو، گڏوگڏ هڪ انگريزي اخبار جي لاءِ رپورٽنگ به ڪندو هو. نقاش جي دوستي ۽ سندس تخليقي سگهه همٿايو ۽ ڳچ وقت تسلسل سان ڪالم لکيائين. انهيءَ بعد به وقت بوقت لکڻ جو  سلسلو سندس موڪلاڻيءَ تائين هلندو رهيو .

فقير مقيم ڪنڀار جو ٻيو ڪم سماجي جاڳرتا هو. ٿر هسٽاريڪل سوسائٽي انهيءَ جو مثال آھي. ٿر جي تاريخ، جاگرافي ۽ ماڳن مڪانن سان انسيت سبب هن پليٽ فارم تان دوستن سان گڏجي ٿر جي تاريخي ماڳن تي ڪم ڪيائون. ڪارونجهر سان فقير کي تمام گهڻي محبت هئي. هو ننگر وڃي هفتن جا هفتا رهي پوندو هو. ڀڪشوئن وانگي ڪارونجهر جا آستان ۽ ماڳ مڪان ڏسندو هو. سال ۾ ٽي چار ڀيرا ڪارونجهر سان ضرور ملي ايندو هو .

سياسي طور فقير مقيم ممتاز ڀُٽي سان گڏ رهيو. خبر هئي ته هن سياست جي ٽڪساٽ ۾ سندس پارٽيءَ کي اقتدار جي مسند ملڻ جي ڪابه اميد ڪانهي پر هن ڪڏھن به سون تي سيڻ ڪونه مٽايا، نه ته هو جتي چاهي ها، اقتداري پارٽي کيس جيءَ ۾ جايون ڏئي ها، صرف سيڻ مٽائڻ جي ضرورت هئي پر اهو خمير هن جي ضمير ۾ڪونه هو، تنهنڪري آخر تائين ممتاز ڀُٽي سان نڀائيندو آيو. اسان کي ممتاز ڀُٽي جي سياست ۽ مڪتبهء فڪر سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر فقير مقيم ڪنڀار جي ڪمٽمينٽ تي ڪو به شڪ نٿو ٿي سگهي .کيس وڇڙئي اڄ يارهون سال ٿي چڪو آھي پر سندس ڪيل ڪم ۽ چيل  ڳالهيون اڄ به ياد جي هردي ۾ ھُري رهيون آھن .

پئي منجهہ ڦلهيار ماڻڪ ميرو نہ ٿئي .

لال لالائي نہ ڇڏي سڀ ڄماندار .

کٽاجي خريدار تہ بہ ملهہ مهانگو  تنهن جو