گهارو ويجهو گذريل ڏينهن اغوا ٿيل نينگري نبيلا جوکيو واپس موٽي آئي

0
40

گهارو ويجهو گذريل ڏينهن اغوا ٿيل نينگري نبيلا جوکيو واپس موٽي آئي، وارث خوشيءَ وچان روئي ويٺا

 وارثن موجب نبيلا کي گذريل ڏينهن اغوا ڪندڙ جوابدار اڄ ساڪرو روڊ تي ڪيٽل فارم ويجهو ڇڏي ويا، گذريل ڏينهن جوابدار پاران نينگري کي اغوا ڪرڻ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج وائرل ٿيا هئا

 نينگري جي وارثن پاران سندس بازيابيءَ لاءِ گذريل ڏينهن قومي شاهراهه تي ڌرڻو به هنيو ويو هو، ايس ايس پي پاران نينگري جي جلد بازيابي جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو هو

گهر آيل نينگري جي وارثن پاران جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، شهرين جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز وائرل ٿيڻ سبب جوابدار پاڻمرادو نينگري کي ڇڏي ويا