سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر پوليس مبينا مقابلي بعد ٻن ڦورن انور نون ۽ خادم نون کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ترجمان سکر پوليس پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ دعوي ڪئي وئي آھي ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سعيد آباد لنڪ روڊ تان ڦورو ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي رھيا ھئا ته گشت تي موجود پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪيو، جنھن دوران ڦورن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو انور نون ۽ خادم نون مارجي ويا. مارجي ويل ڏوھاري تازو ئي نمائش ڪالوني سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مسجد جي پيش امام کان موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا. جنھن جي سي سي ٽي وي فٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. ترجمان مطابق مارجي ويل ڏوھاري ڦر، چوري سميت ٻين ڪيسن ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس کي گھربل ھئا. جن جي قبضي مان ٻه پسٽل، گوليون، ميگزين ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل، موبائيل فون توڙي روڪ رقم برآمد ڪئي وئي آھي. جيڪو سامان اصل مالڪ حوالي ڪيو ويو آھي. پڌرائي مطابق مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل انور ۽ خادم نون مٿان جھانگڙو، ايئرپورٽ، آباد، اي سيڪشن ٿاڻن تي 12 ڪيس داخل ٿيل آھن، جن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي. پوليس مبينا مقابلي ۾ مارجي ويلن جا لاش سول اسپتال سکر مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف سکر جي رھواسي ۽ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل انور نون ۽ خادم نون جي وارثن ٻئي لاشون سکر پريس ڪلب آڏو رکي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، مظاھرين جي ھٿن ۾ پاڪ ڪتاب ھئا، جيڪي پوليس خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھي ھئا. جڏھن تھ عورتن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ پڻ مظاھري ۾ شرڪت ڪئي.

سي سيڪشن پوليس 4 ڄڻا کنڀي وئي ٻه ماريا ويا آهن: وارث

سکر: مارجي ويلن جي وارثن جو چوڻ هو ته سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او اقبال نون اهلڪارن سان گڏ گهر تي چڙهائي ڪري چئن ڄڻن کي کنڀي کڻي گرفتار ڪري ويو هو، گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن انور ۽ خادم نون کي پوليس جسماني تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڪوڙو مقابلو ڏيکاري کين مارڻ جي دعوي ڪئي آهي، جڏهن ته گرفتار ڪيل ٻه ڄڻا اڃان لاپته آهن، هنن آءِ جي سنڌ پوليس، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن کان جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريل ٻن ڄڻن جي قتل واقعي جي جاچ ڪرائي ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

رٽائرڊ فوجي ڀاءُ هوٽل تان کنڀيو ويو، ايس ايچ او 10 لک طلب ڪيا: گلشير مهر

سکر: ڳاڙهي موري جي رھواسي واسي گلشير مهر، پيرسن والد علي شير ۽ نياڻين سان گڏجي پوليس خلاف سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي الزام مڙھيو آهي ته هفتو اڳ آئون ۽ ٻيا خاندان جا ڀاتي عيد خريداري لاءِ سکر آيا هئاسين، اسان شڪارپور ڦاٽڪ لڳ هوٽل تي افطاري ڪرڻ لاءِ ويٺا هئاسين ته سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جا اهلڪار رٽائرڊ فوجي ڀاءُ غلام سرور مهر کي هوٽل تان بناجواز کنڀي کڻي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي ويا، جنهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ ايس ايچ او ڏھه لک رپيا رشوت ڏيڻ جو چيو، بعد ۾ ايس ايچ او ٻه لک رپيا رشوت ڏيڻ جو چيو، رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي ايس ايچ او منهنجي سامهون رٽائرڊ فوجي غلام سرور کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن مٿان پوليس سان مقابلي ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اسان محنت مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهيون، پر رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سکر پوليس وڏو ظلم ڪيو آھي، جنهن ڪري سخت پريشان آهيون، هنن چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس زيادتي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.