ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، ڪراس فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي. ايس ايس پي اولهه حفيظ الرحمان بگٽي موجب اورنگي ٽائون ۾ قطر اسپتال وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن  شهرين کان ڦرلٽ ڪئي، پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو، ڪراس فائرنگ ۾ 45 ورهين جي نازيه انجم مارجي وئي، جيڪا پنهنجي مڙس سان گڏ پارڪنگ ايريا ۾ بيٺل هئي. ايس ايس پي موجب جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. مقتوله جي مڙس ۽ شهرين به ٻڌايو ته نازيه بيٺل هئي، مقابلي دوران کيس ڦورن جي گولي لڳي. مقتوله جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.