اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان تحريڪ انصاف کي 30 مارچ تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو حڪم

0
40
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان وفاقي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان وفاقي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي 30 مارچ تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي هلائي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان انتظاميا کي تحريڪ انصاف جي جلسي جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو

چيف جسٽس اسٽيٽ ڪونسل کي هدايت ڪندي چيو ته پنهنجن قاعدن ۽ ضابطن تي عمل ڪرائيندي جلسي جي اجازت ڏيو

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪنهن کان به گڏ ٿيڻ جو حق کسي نه ٿو سگهجي، جلسا سڀني ڪيا آهن، توهان قاعدا، ضابطا ۽ شرط طئي ڪري وٺو

 پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته اسان 6 اپريل تي اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ چاهيون ٿا

 چيف جسٽس چيو ته توهان رڳو اهو خيال ڪيو ته ڪو به هنگامو نه ٿئي، سرڪاري وڪيل چيو ته گذريل ڏينهن دهشتگرديءَ جو افسوسناڪ واقعو به ٿيو آهي

چيف جسٽس چيو ته زندگي بيهڻي ته ناهي، هلندي ئي رهي ٿي، اسان کي ائين ئي دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻو آهي، سرڪاري وڪيل چيو ته مون کي هدايتون وٺڻ جو وقت ڏيو، چيف جسٽس چيو ته مان توهان جي رضامندي نه پيو گهران، فيصلو مون کي ڪرڻو آهي