نادرا مان شهرين جي ڊيٽا چوري جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو

0
46
نادرا مان شهرين جي ڊيٽا چوري جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو
نادرا مان شهرين جي ڊيٽا چوري جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو

نادرا مان شهرين جي ڊيٽا چوري جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو، 27 لک پاڪستانين جي ڊيٽا چوري ٿيڻ جي تصديق، ڊيٽا ليڪ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي ڪم مڪمل ڪري رپورٽ گهرو وزارت کي موڪلي ڇڏي

 رپورٽ موجب 2019 ۽ 2023 دوران نادرا مان شهرين جي ڊيٽا چوري ڪئي وئي، ڪراچي، ملتان  ۽  پشاور  ۾ نادرا آفيسون ڊيٽا ليڪ اسڪينڊل ۾ ملوث نڪتيون

 نادرا جي ڪيترن ئي اعليٰ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي به سفارش ڪئي وئي

نادرا جو ڊيٽا ملتان کان پشاور ۽ پوءِ دبئي ويو، ڊيٽا ارجنٽائن ۽ رومانيا ۾ وڪرو ٿيڻ جا ثبوت مليا

گڏيل جاچ ٽيم ۾ حساس ادارن سميت نادرا جا اعليٰ آفيسر به شامل آهن