دوڙ: هرکجي اغوا ٿيل ڀيڻ ڀاءُ بازياب نه ٿيا، ڀنگ طلب، وارث ڳالهائڻ کان ڊنل

0
37
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل

دوڙ (ن پ ا) دوڙ مان موبائيل فون تي ھرکجي ڪنڌڪوٽ ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن وٽ پهتل دوڙ جي ڳوٺ جيلاني جا رھواسي ڀاءُ پنج ٻارڙن جي ماءُ ڀيڻ رضيه بي بي ۽ ڀاءُ غلام مصطفيٰ آرائين گذريل 5 ڏينهن کان ڌاڙيلن جي مبينا قيد ۾ آهن، مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو، وارث سخت پريشان آهن

مغوين جي ويجھي عزيز الطاف آرائين موجب عورت رضيه بي بي ۽ سندس ڀاءُ غلام مصطفيٰ آرائين کي 5 ڏينهن اڳ موبائيل فون تي ڌاڙيلن مغوي غلام مصطفيٰ آرائين جي شادي جو آسرو ڏئي پاڻ وٽ گهرايو هو، جنهن کانپوءِ ڌاڙيلن هنن کي پاڻ وٽ قيد ڪري گذريل ٻه ڏينهن اڳ اسان کي مغوين جي موبائيل فون تان فون ڪري لکين رپيا ڀنگ طلب ڪيو، اسان غريب پورهيت مزدور آهيون

هن چيو ته اسان کي ڌاڙيلن سختي سان منع ڪيو آهي ته پوليس ۽ ميڊيا کي ڪوبه بيان نه ڏجو، ان ڪري اسان ميڊيا تي اچڻ ۽ پوليس وٽ نٿا وڃون نه ته اسان جي مغوين کي ڌاڙيل ماري ڇڏيندا جڏهن ته ٻئي طرف ايس ايچ او دوڙ رشيد احمد ميمڻ جو چوڻ آهي ته وارثن اسان کي مغوين بابت ڪوبه اطلاع نه ڏنو هو پر ٽائيم نيوز تي هي معاملو اچڻ کانپوءِ اسان پاڻ وارثن وٽ پهتاسين ته وارثن ٻڌايو مغوي ڪنڌڪوٽ جي ڌاڙيلن وٽ قيد آھن

هاڻ ڪنڌڪوٽ ڪشمور پوليس جو معاملو آهي، اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون، ٻئي طرف ڪنڌڪوٽ ڪشمور ايس ايس پي بشير بروهي مغوين کي بازياب ڪرائڻ بجاءِ هن واقعي جي ترديد ڪندي لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور بشير احمد بروھي جو چوڻ هو ته هيءَ مغوي اسان جي علائقي ۾ اغوا ناهن ٿيا

نوابشاهه ضلعي جي پوليس پنهنجي مٿين جو سور لاهي سڌو انهن جي وارثن کي ٻڌائي ڇڏيو ته اهي ٻئين اغوا ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ٿيا آهن.جن سان مسئلو ٿيو آهي اهي ظاهر ئي ناهن.جڏهن ته وارثن پاران گهرو وزير، آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي