سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

0
37
وزيراعظم جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي صورتحال بابت هنگامي اجلاس، آرمي چيف به شريڪ
وزيراعظم جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي صورتحال بابت هنگامي اجلاس، آرمي چيف به شريڪ

سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 بشام ۾ آپگهاتي حملي ۾ 5 چيني شهرين جي مارجي وڃڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو

 وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز جي شرڪت

 پاڪستان ۾ مختلف پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين کي ڀرپور تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته چيني شهرين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، بشام واقعي سان پاڪ چين لاڳاپا متاثر نه ٿيندا