پي ٽي آءِ جو هاءِ ڪورٽ ججز جي خط معاملي تي عدالتي ڪارروائي جو مطالبو

0
39
پي ٽي آءِ جو هاءِ ڪورٽ ججز جي خط معاملي تي عدالتي ڪارروائي جو مطالبو
پي ٽي آءِ جو هاءِ ڪورٽ ججز جي خط معاملي تي عدالتي ڪارروائي جو مطالبو

پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي طرفان سپريم جوڊيشل ڪونسل کي لکيل خط جي معاملي تي عدالت ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز خط ۾ مداخلت بابت آگاهه ڪيو

هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز دٻاءُ کان متاثر ٿيا، ججز کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جو هڪ ئي مقصد هو جيڪو ججز خط ۾ لکيو

بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته ججز خط ۾ لکيو ته سياسي مقصدن ۾ مداخلت ڪئي وئي، عمران خان خلاف جيترن ڪيسز جا فيصلا آيا آهن اهي خط بعد ختم ٿي ويا، خط بعد عمران خان جي خلاف ڪيسن جي ڪا به حيثيت نه رهي آهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته انهن فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي

هن چيو ته هڪ جج چيو ته هن کي خبر ناهي ته هن جا ٻچا ڪٿي آهن، هڪ جج چيو ته هن جي پٽ جو وليمو به ملتوي ڪرايو ويو هو