خيرپور ويجهو ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٽن ٻارڙن جا پيتِي مان لاش هٿ

0
87

خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ويجهو ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٽن ٻارڙن جا پيتِي مان لاش هٿ، خيرپور ويجهو ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ڀيڻ ڀاءُ سميت ٽن ٻارڙن جا پيتِي مان لاش هٿ مليا

شاهنواز شيخ جي گهر مان سندس 4ورهين جي ڌيءَ مهناز ،6ورهين جي پٽ مدد ۽ عرفان شيخ جي10ورهين جي پٽ عارف جا لاش مليا

مهناز ۽ مدد علي جي امڙ مسمات خورشيد شيخ سماجي اڳواڻ جي آفيس پهچي سندن اغوا جو خدشو ظاهر ڪيو هو

جڏهن ته ڳوٺ وڏا سمنگ مان ڀيڻ ڀاءُ سميت ٽن ٻارڙن جا لاش هٿ اچڻ واري واقعي بعد ايس ايس پي واقعي واري هنڌ پهتو

ايس ايس پي زبير نظير شيخ  واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ ٻارڙن  جي وارثن سان تفصيل معلوم ڪيا

شاهنواز شيخ جي گهر مان سندس 4ورهين جي  ڌيءَ مهناز ،6ورهين جي پٽ مدد ۽ عرفان شيخ  جي10ورهين جي پٽ عارف جا لاش مليا هئا

ان سلسلي ۾ شاهنواز شيخ جو چوڻ آهي ته هڪ سازش تحت ٻارن کي صندوق ۾ واڙي قتل ڪيو ويو آهي

هن چيو ته صندوق ٻاهران بند پيل هئي جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته ٻارڙن کي قتل ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي مبينا طور قتل ٿيل معصوم ٻارڙن جي لاشن مٿان سندن امڙ دانهون ڪندي چيو ته ٻارڙن تي تشدد جا نشان آهن، لاشن کي لڪايو نه وڃي، هنن کي قتل ڪيو ويو آهي، ظلم ٿيو آهي اسان سان، انصاف ڪيو وڃي