اين اي 207 تي ننڍي چونڊ: آصفه ڀٽو نامزدگي فارم وصول ڪري ورتا

0
47

صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري اين اي 207 شهيد بينظير آباد تي ننڍي چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪري ورتا، پيپلزپارٽي آصفه ڀٽو زرداري کي آصف زرداري جي صدر ٿيڻ بعد خالي ٿيل سيٽ اين اي 207 تي ننڍي چونڊ لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي، آصفه ڀٽو زرداري پاران ايڊوڪيٽ حسين بخش ۽ ترجمان زرداري هائوس آر او آفيس مان نامزدگي فارم وصول ڪيا، آصفه ڀٽو زرداري عذرا پيچوهو ۽ ٻين سان گڏ ريلي جي صورت ۾ نوابشاهه پهتي، ڪارڪنن پاران گلن جي ورکا ۽ نعريبازي، اين اي 207 تي 21 اپريل تي ننڍي چونڊ ٿيندي