ابراهيم حيدري اسپتال ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو يونٽ جلد قائم ڪرڻ جي هدايت

0
43

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ ابراهيم حيدري جي سنڌ گورنمينٽ اسپتال ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو يونٽ جلد قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

محمد عالم ڄاموٽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي ايڊمنسٽريٽر سيد مصطفيٰ حسن سان گڏ ابراهيم حيدري اسپتال جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس مريضن کي ملندڙ سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي

پ پ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي ايڊمنسٽريٽر سيد مصطفيٰ حسن کي هدايت ڪئي ته ابراهيم حيدري اسپتال ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو يونٽ جلد قائم ڪيو وڃي، جنهن تي مصطفيٰ حسن کيس خاطري ڪرائي ته جلد يونٽ قائم ٿي ويندو

محمود عالم ڄاموٽ سنڌ گورنمينٽ اسپتال ابراهيم حيدري جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مريضن کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي

ان موقعي تي چيف ايڊ انجنيئر اين آءِ سي وي ڊي گلزار شيخ، ايڊ آفيسر جنيد اڪبر، ايم ايس ابراهيم حيدري اياز احمد، ايڊمنسٽريٽر پي پي ايڇ آءِ زاهد عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا