سنڌ ۾ سينيٽ جي چونڊن لاءِ پيپلزپارٽي جي اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

0
98

سنڌ ۾ سينيٽ جي چونڊن لاءِ پيپلزپارٽي جي اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، سينيٽ جي جنرل سيٽن لاءِ سرفراز راڄڙ، ڪاظم شاهه، اشرف جتوئي، مسرور احسن، نديم ڀٽو ۽ دوست علي جيسر نامزدگي فارم جمع ڪرايا، ٽيڪنوڪريٽس جي سيٽن لاءِ بئرسٽر ضمير گهمرو ۽ سرمد علي فارم جمع ڪرايا، عورتن جي سيٽن لاءِ قرت العين ۽ روبينا قائمخاني نامزدگي فارم جمع ڪرايا، اقليتن جي سيٽ لاءِ پونجو مل نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، سينيٽ چونڊن لاءِ پيپلزپارٽي جا اميدوار سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهتا، وڏي وزير جي موجودگي ۾ اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن نجيب هارون، ابوبڪر، رئوف صديقي ۽ ٻين به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، فيصل واوڊا به اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا